19/07/2025
📚جمعيت طلباء اسلام ٺل پاران ھفتيوار اسٽڊي سرڪل🎓
اڄ مورخہ 18 جولاءِ 2025، جمعه نمازِ مغرب کان پوءِ، پبلڪ پارڪ ٺل ۾ جمعيت طلباء اسلام ٺل جو پنجون علمي، فڪري ۽ جذباتي اسٽڊي سرڪل منعقد ٿيو، جنهن جو عنوان ھو:
"جي ٽي آءِ جو ڪردار"
سرڪل جي صدارت صدر عبدالحليم گھنيو صاحب جن ڪئي.
مھمانِ خاص طور ايڊوڪيٽ انيس الرحمن سومرو صاحب جي شرڪت متوقع ھئي پر اچانڪ ٻاھر پروگرام سبب شريڪ نه ٿي سگھيا.
خطابت ڪندڙ رهنمائن ۾
عبدالحليم گھنيو
عمير انور چنه
نصيب الله گولو
آصف غفور ٻرڙو
محمد اسامه ٻرڙو
محمد يعقوب کوسو ۽
ٻين رهنمائن پنهنجي خطابن ۾ واضح طور تي بيان ڪيو ته:
> "جمعيت طلباء اسلام — هڪ انقلابي فڪر ۽ جدوجهد جو نالو"
جمعيت طلباء اسلام اهڙي انقلابي ۽ اعتقادي سوچ جي علمبردار تنظيم آهي جيڪا پنهنجي قيام کان وٺي معاشري ۾ فرنگي سامراج جي پيدا ڪيل فڪري انتشار ۽ تفرقي جي خاتمي لاءِ سرگرم رهي آهي.
هن تنظيم جو بنيادي مقصد نبين جي تعليمات جي روشنيءَ ۾ اهڙو اسلامي معاشرو قائم ڪرڻ آهي جيڪو قوم کي ذلت گمراهي ۽ مغلوبيت جي گهاٽي مان ڪڍي اقوامِ عالم ۾ سرخرو ڪري.
جمعيت طلباء اسلام هر دور ۾ عمل جي ميدان ۾ رهي آهي تنظيم جا ڪارڪن "گهڻو ڪم، گهٽ شور" جي اصول تي عمل ڪندي، رضاءِ الٰهي جي جذبي سان سرشار ٿي، پنهنجي قربانين سان ثابتي ڏني آهي ته هو واقعي اسلام ۽ ملڪ سان سچي محبت رکن ٿا.
انهن عصبيت جي بتن کي ٽوڙي وحدت، محبت ۽ ڀائيچاري جو پيغام عام ڪيو.
تحريڪِ نظامِ مصطفىٰ ﷺ، تحريڪِ ختمِ نبوت، تحريڪِ بحالي جمهوريت ۽ ٻين قومي تحريڪن ۾ هن تنظيم جي هزارين ڪارڪنن جيلون ڪاٽيون سوين زخمي ٿيا ۽ درجنون شهيد ٿيا پر پنهنجي فڪر تان پوئتي نه هٽيا.
جمعيت طلباء اسلام هڪ اهڙو قافلو تيار ڪيو آھي جيڪو ديني ۽ عصري تعليمي ادارن جي شاگردن کي هڪ پليٽفارم تي گڏ ڪري توحيد ۽ دعوتِ حق جو علم بلند ڪيو آهي.
جي ٽي آء اهڙن نوجوانن جو لشڪر آهي جيڪي قربانيون ڏيڻ لاءِ سدائين تيار رهن ٿا.
اسٽڊي سرڪل جو مقصد:
"نوجوانن کي فڪر، علم، ايمان، جدوجهد ۽ قرباني جي اهڙي رستي تي آڻڻ جيڪو انهن کي صالح باشعور ۽ مؤثر ڪردار جو حامل بڻائي.
اِهو اسٽڊي سرڪل، ٺل ۾ هڪ علمي تحريڪ جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي جنهن کي ان شاء الله هر هفتي مسلسل ۽ مضبوط طريقي سان جاري رکيو ويندو.
والسلام.
محمد اسامه ٻرڙو
سڪريٽري جنرل جمعيت طلباء اسلام، ٺل
ِ_جو_ڪردار