Sindh Archaeological society

Sindh Archaeological society Save heritage Save Archaeology of Sindh

21/05/2025

موھين جو دڙو جي ٻولي بابت ٿيل عالمي ڪانفرنس ۾ ست کان ڏھ ملڪن جي تحقيق ڪندڙن آخر ۾ اھا ڳالھ ڪئي تہ ٻولي جون نشانيون گھٽ ھن انڪري ٻولي سمجھي ناھيون سگھيا موھين جو دڙو جي کوٽائي ڪرايو وڌيڪ نشانيون ڳولي ھٿ ڪجن پوءِ ٻولي تي ڪم ڪجي ساڳي ئي ڪانفرنس ۾ مھمان جي حيثيت ۾ شرڪت ڪندڙ مشھور آرڪيالاجسٽ ۽ موھين جو دڙو سميت سنڌو سڀيتا جو عاشق مائڪل جانسن جڏھن آخر ۾ پنھنجي طرفان ڳالھيون رکڻ لاءِ مائيڪ تي آيو تہ ان ڪجھ ڪمال جون ڳالھيون ڪيون مائڪل جانسن چيو تہ سو سيڪڙو مان يارنھن سيڪڙو کوٽيل ماڳ اوھان موسمي نقصانن کان نہ ٿا بچائي سگھو سڀاڻي وڌيڪ کوٽي ئاھر ڪري وڌيڪ ماڳ کي نقصان ڏيندئو باقي ٻولي تيسين پروڙجڻ ممڪن ئي ڪونھي جيسين اصلوڪا ماڻھون نہ ٿا آرڪيالاجي پڙھن ۽ سمجھن دنيا چري ناھي جو پاڻ کي پوئتي ڪري انھن کي اڳتي بيھاريندي تاريخي حيثيت ۾ جيڪي ڪاربان ڊيٽنگ واري عام ٽيسٽ بہ ٻاھران ڪرائين ٿا سڀ کان اول آرڪيالاجي شعبو يونيورسٽين ۾ جيڪو ھلندڙ آ ان کي بھتر بڻائي ۽ آرڪيالاجيڪل ليب ٺاھيو پنھنجا نوجوان تيار ڪيو باقي چئو ٿا غريب ملڪ آھي تہ غريب ملڪ صرف ڳالھيون ٻڌڻ لاءِ ھيترا خرچ نہ ڪندا آھن جيڪي توھان ڪيو پيا ان پيسن مان ھڪ ئي آرڪيالاجيڪل ليب ٺاھيو ھان تہ اھا پنھنجي تحقيق ۾ ھڪ وک اڳتي محسوس بہ ڪيو ھان، پر مائڪل جانسن جي ڳالھ نہ ٻڌي وئي...

Address

Thari

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindh Archaeological society posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share