Sindhi Wikipedia - سنڌي وڪيپيڊيا

Sindhi Wikipedia - سنڌي وڪيپيڊيا Sindhi Wikipedia is a free, collaborative online encyclopedia in the Sindhi language. Anyone can contribute. Join us in sharing knowledge in Sindhi!

It aims to make knowledge accessible and preserve culture, history, and heritage. https://sd.wikipedia.org

With Wiki Loves Folklore – I just made it onto their weekly engagement list by being one of their top engagers! 🎉
07/04/2026

With Wiki Loves Folklore – I just made it onto their weekly engagement list by being one of their top engagers! 🎉

07/04/2026
At the Badah Literature Festival (April 5, 2026), Jogi Asad Rajpar, Administrator of Sindhi Wikipedia, delivered a focus...
06/04/2026

At the Badah Literature Festival (April 5, 2026), Jogi Asad Rajpar, Administrator of Sindhi Wikipedia, delivered a focused talk on Open Knowledge and the digital evolution of the Sindhi language.
​Key Takeaways:

* ​Open Knowledge: The mission to move information from restricted libraries to free, universal digital access.

* ​Sindhi Wikipedia Growth: Since 2006, the platform has grown to over 20,000 articles covering history, cities, and literature.

* ​Closing the Gender Gap: A strong call for women to contribute content, specifically regarding folklore and biographies, to address the current lack of female-centric topics.

* ​Community Contribution: Encouraged students and teachers to not only use the site for research but to actively edit, improve grammar, and expand short stubs.

* ​Call to Action: Users can join the movement by searching "Sindhi Wikipedia" on Google or following their social media pages for tutorials and updates.

​Let’s build the largest digital encyclopedia of our language together! Search "Sindhi Wikipedia" on Google or follow our social media pages to get started.

Wikimedia Foundation Wiki Loves Folklore Feminism And Folklore Sindhi Language Authority - سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو Radio Sindhi

جيئن ته باڊھ ۾ اڄ آچر، 5 اپريل 2026 تي باڊھ لٽريچر فيسٽيول ٿي گذريو، جنھن ۾ سنڌي وڪيپيڊيا بابت ڪوبه اڳواٽ سيشن رکيل نه ھ...
06/04/2026

جيئن ته باڊھ ۾ اڄ آچر، 5 اپريل 2026 تي باڊھ لٽريچر فيسٽيول ٿي گذريو، جنھن ۾ سنڌي وڪيپيڊيا بابت ڪوبه اڳواٽ سيشن رکيل نه ھيو پر ليکڪ يوسف جميل لغاري، مھتاب جھتيال ۽ باڊھ ادبي ميلي جي انتظاميا جي ٿورن سان باڊھ ادبي ميلي ۾ مونکي ٿورڙي گھڙي جي لاءِ اوپن ناليج ۽ سنڌي وڪيپيڊيا جي موضوع تي ڳالهائڻ لاءِ چيو ويو جنھن ۾ مون ڪوشش ڪري ٿوري وقت ۾ ھڪ جامع ۽ مختصر طور ٻڌايو ته:

سلام! مان باڊھ ادبي ميلي جي انتظاميا جو ڏاڍو ٿورائتو آهيان جن مون کي اوپن ناليج ۽ سنڌي وڪيپيڊيا جي موضوع تي ڳالهائڻ لاءِ موقعو ڏنو. اسان وٽ علم حاصل ڪرڻ لاءِ روايتي وسيلا ڪتاب، لائبريري ۽ تعليمي ادارا سمجھيا ويندا آھن پر اوپن ناليج جو مقصد آھي ته دنيا جي ھر انسان تائين ڄاڻ ۽ علم جي رسائي بنا ڪنھن رڪاوٽ يا پابندي جي ممڪن ٿي سگهي، ته جيئن ھر ڪو ان مان علمي ۽ معلوماتي لاڀ پرائي سگھي.

وڪيپيڊيا ھڪ کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا آھي، انسائيڪلوپيڊيا ۾ انيڪ موضوعن تي ليک لکيل ھوندا آھن جيئن انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، انسائيڪلوپيڊيا برٽانيڪا تيئن وڪيپيڊيا به ھڪ انسائيڪلوپيڊيا آھي، جيڪا آزاد، کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا آھي، جنھن کي ھرڪو پنھنجي ڄاڻ ۽ علم آڌار سنواري سگھي ٿو.
وڪيپيڊيا دنيا جي ڏھ وڏين ويبسائيٽن مان ھڪ آھي، جنھن جو سنڌي ٻوليءَ ۾ سنڌي وڪيپيڊيا جي نالي سان شمارو يا ايڊيشن آھي، وڪيپيڊيا توڙي سنڌي وڪيپيڊيا کي وڪيميڊيا فائونڊيشن ھلائي ٿي. جنھن تي سڄي دنيا مان رضاڪار ڪم ڪن ٿا.
سنڌي وڪيپيڊيا جي شروعات 2006ع ۾ ٿي جنھن تي ھينئر لڳ ڀڳ 20 ھزار کان مٿي مختلف موضوعن جھڙوڪ تاريخ، ادب، شھر، شخصيتون، ماڳ مڪان وغيره جا مضمون موجود آهن. سنڌي وڪيپيڊيا تي عورتن سان لاڳاپيل مضمون تمام گھٽ آھن، ھتي پنڊال ۾ امڙيون ۽ ادڙيون پڻ موجود آھن، مان انھن کي پڻ چوندس ته پنھنجي علم ۽ ڄاڻ جي آڌار توھان پڻ پنھنجي ماءُ ٻوليءَ ۾ موجود سنڌي وڪيپيڊيا تي لکو، ضروري ناھي تہ توھان ڪي وڏا مقالا لکو، توھان ننڍا ننڍا مضمون به لکي سگھو ٿا گڏوگڏ جيڪڏهن توھان کي ڪنھن مضمون ۾ ڪا گرامر يا ھجي جي چڪ نظر اچي توھان اھا پڻ سنواري سڌاري سگھو ٿا.

ويجھر ۾ ڪجھ سالن کان ھر سال سنڌي وڪيپيڊيا تي فيمنزم اينڊ فوڪلور سان لاڳاپيل ايڊٽ-ٿان پڻ ھلندا رھن ٿا جنھن ۾ لوڪ ثقافت ۾ عورتن جي ڪردارن بابت ليک لکيا وڃن ٿا. تنھن ۾ توھان پڻ سنڌ جي لوڪ ثقافت ۾ عورتن جي حوالي سان مضمون لکي سگھو ٿيون.
سنڌي وڪيپيڊيا کي توھان پڙھڻ سميت ان کي سنواري سگھو ٿا. سنڌي وڪيپيڊيا مان اسانجي شاگردن شاگردياڻين سميت استادن ۽ عام ماڻھن کي پڻ لاڀ پرائڻ گھرجي.
سنڌي وڪيپيڊيا جي آگاھي ڏيڻ لاءِ مون ڪراچيءَ، حيدرآباد ۾ ۽ جيڪب آباد ۾ آگاھي ۽ سکيا سيشن پڻ ڪيا آھن. ڳالھائڻ لاءِ وقت ٿورو ملڻ جي ڪري مان توھان کي گذارش ڪندس ته وڌيڪَ تفصيل لاءِ سنڌي وڪيپيڊيا جي سوشل ميڊيا پيجز جھڙوڪ فيس بڪ، لڪنڊان وغيره تي سنڌي وڪيپيڊيا جا پيج فالو ڪري توھان اتي وڌيڪَ ڄاڻ حاصل ڪري سگهو ٿا. گڏوگڏ گوگل تي سنڌي وڪيپيڊيا لکي سرچ ڪري سگھو ٿا.

ھن سيشن جا اهم پاسا جن تي ڳالھايو ويو ان جو ننڍو سار ھيٺ ڏجي ٿو:
اوپن ناليج جو تصور: علم کي ڪتابن جي الماڙين مان ڪڍي هر انسان تائين مفت پهچائڻ.
وڪيپيڊيا جي سڃاڻپ: دنيا جي وڏين ويب سائيٽن ۾ شامل هجڻ ۽ ان جي آزاد حيثيت.
سنڌي وڪيپيڊيا ۾ اڳڀرائي: 2006ع کان وٺي 20 هزار مضمونن تائين جو سفر.
عورتن جو ڪردار: سنڌي وڪيپيڊيا تي عورتن بابت مواد جي کوٽ کي پورو ڪرڻ جي اپيل.
مستقبل جي حڪمت عملي: شاگردن، استادن ۽ عام ماڻهن کي سنڌي وڪيپيڊيا کي پڙهڻ ۽ سنوارڻ جي ڪوٺ ڏيڻ.

باڊھ ادبي ميلي جي ھن سيشن ۾ ويچار ونڊيندڙ:
جوڳي اسد راڄپر،
منتظم سنڌي وڪيپيڊيا، سنڌيڪار ۽ ڪالم نگار



suhiniparas10 Bhellar Foundation Sarangaa Ajeeb Lakho Yousif Jameel Veengas Ahmed Soomro Aror University of Art, Architecture, Design & Heritage Waheeda Mahesar Radio Sindhi Sindhi Language Authority - سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو

01/04/2026

🚨 LAST CALL: It’s Now or Never! 🚨

The clock is ticking, and the Wiki Loves Folklore 2026 International Campaign is officially in its final hours! ⏳

Today, March 31st, is your absolute last chance to share the magic of your culture with the world. Whether it’s a vibrant festival, a traditional dance, or a piece of local craft, your photos help preserve the world's intangible heritage for generations to come.

🕒 The Deadline:
31 March 2026 | 23:59:59 UTC

Don’t let those incredible shots sit in your gallery! Upload them now to contribute to Wikipedia and put your community on the global map. 🌍✨

Upload now --> https://commons.wikimedia.org/wiki/Commons:Wiki_Loves_Folklore_2026

31/03/2026

اسٽريٽ آف ھرموز
Strait of Hormuz
لاءِ سنڌيءَ ۾ نالو ھرمز جو لنگھ ٿيندو، ابنائي ھرمز نہ 💁‍♂️

29/03/2026

راجا موسيڪانوس (انگريزي: Musicanus؛ يوناني: Mousikanos) جنهن کي هندي ۾ موشيڪا (मूसीकेनस) به چيو ويندو آهي). سنڌو ماٿري (...
29/03/2026

راجا موسيڪانوس (انگريزي: Musicanus؛ يوناني: Mousikanos) جنهن کي هندي ۾ موشيڪا (मूसीकेनस) به چيو ويندو آهي). سنڌو ماٿري (موجوده پاڪستان) جي هڪ قديم رياست پٽالا بادشاھت جو طاقتور حڪمران هو، جنھن جو راڄڌاني اروڙ ھو.ڪرٽيئس چواڻي موسيڪانوس ميوسيڪاني قبيلي جو سردار ھو. تاريخي حوالن موجب، هن 323 ق.م جي آس پاس سنڌ تي سڪندر اعظم جي حملي دوران تڪرار کان بچڻ لاءِ ھن پھرين ته سڪندراعظم اڳيان آڻ-مڃي ۽ پنھنجو راڄڌاني اروڙ تي حڪمراني واپس ورتي، پر پوءِ ھن سڪندراعظم کي ڏنڊ ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ يوناني فوجن جي سخت مزاحمت ڪئي هئي.قديم يوناني مورخن، خاص طور تي ايرين (Arrian)، موسيڪانوس جي رياست کي ان دور جي سنڌ جي سڀ کان خوشحال ۽ وسيع رياست قرار ڏنو آهي. راجا موسيڪانوس جو تاريخي ذڪر اڪثر ڪري اوائلي مورخن، خاص ڪري ايرين (Arrian) پاران بيان ڪيل سڪندر اعظم جي هندستاني ننڍي کنڊ ۾ وڏي مهم (لڳ ڀڳ 326-325 ق.م) جي حوالي سان ملي ٿو.
#اروڙ #ميوسيڪانس #موسيڪانوس
Aror University of Art, Architecture, Design & Heritage

27/03/2026

Today’s youth hold the key to keeping culture alive. With open knowledge and free media, they share stories that might otherwise fade. Every photo, video, and tale uploaded helps build a global archive — a vibrant heritage for all.

How will you contribute to this shared legacy? 🌍✨

Join Now - https://w.wiki/Hb9k

Address

Thari Mirwah
Thari
66150

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindhi Wikipedia - سنڌي وڪيپيڊيا posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share