27/04/2026
📢 وڏي خبر: سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ايڇ.ايس.ٽي (HST) پوسٽن جو نالو تبديل!
سنڌ حڪومت جي اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ پاران جاري ڪيل ليٽر جا اهم نقطا هيٺ ڏجن ٿا:
نالو تبديل (Re-designation): هاءِ اسڪول ٽيچر (HST) جو نالو تبديل ڪري هاڻي سيڪنڊري اسڪول ٽيچر (SST) رکيو ويو آهي.
گريڊ: هي تبديلي BS-16 جي پوسٽن لاءِ ڪئي وئي آهي.
مجموعي تعداد: بجيٽ بڪ (2025-26) موجب ڪل 24,845 پوسٽون منظور ٿيل آهن، جن مان 22,530 وڌيڪ پوسٽن جو نالو تبديل ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.
فائدو: هن تبديلي سان گڏ ٽائيم اسڪيل (Time Scale) سميت ٻيا تمام لاڳاپيل فائدا پڻ ملي سگهندا.
مقصد: صوبي ۾ تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ ايجوڪيشن مئنيجمينٽ ڪيڊر کي وڌيڪ فعال ڪرڻ.