Shama Development Association Tando Bago

Shama Development Association Tando Bago promotions

25/09/2026

صورتحال کي انسانن جي،ساھوارن جي فائدي لاء رکڻ، استعمال ڪرڻ جي جستجو ۾ ماحوليات کي درست رخ ۾ رکڻو پوندو آھي۔جنهن لاء سماجي تنظيمن، ادارن ،حڪومت کي ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي۔

24/09/2026

سماجي بيمارين جو علاج،سماج جي مسئلن جي درست تشخيس سان ٿيندو آھي!؟۔ درست سمت ۾ پيش قدمي ۾ ھوندو آھي۔ ملڪ جي سگھ ،طاقت ، نظام جي مضبوطي ،عوام جي سگھ، صحت، تعليم ۽ معاشيات سان مشروط آھي۔ جنھن لاء ماحول،وسيلن کي بچائڻ، وڌائڻ جي ضرورت ھوندي آھي۔جنهن لاء ايماندار،اھل،سياستدانن ۽سياست جي ضرورت ھوندي آھي۔

23/09/2026

سماجي ترقي لاء شعور جي ضرورت آھي۔پلاننگ، دورانديشي جي ضرورت آھي۔روڊن،رستن ۽اسڪولن جي ضرورت آھي۔عوامي سطح تي ٻڌي ،اتحاد،اتفاق جي ضرورت آھي۔محنت جي ضرورت آھي۔

22/09/2026

سنڌ جي اتر، وچولي،ٿر،ڪاڇي،جبل ۽ سامونڊي پٽي کي آبهوا مطابق ماحول دوست بنايو۔،مٽي،پاڻي،روشني جي نسبت سان وڻ پوکي ،علائقي کي سرسبز ۽ سائو،ماحول دوست بنايو۔ ڪنهن جو،انتظار ۽ آسرو نه ڪريو۔پنهنجي مدد پاڻ تحت سمنڊ ۽ ڌرتي جي سونهن وڌايو۔

21/09/2026

ٿرپارڪر ۾ ڪنڀٽ جو وڻ،نم جو وڻ پوکڻ جو عمل شروع ڪريو۔ٿوھرو وڻ،اڪ جو وڻ،ٻٻر جو وڻ،ڪنڊي جو وڻ به بھترين آھن۔

20/09/2026

ايل،بي،او،ڊي جي ٻنھين ڪپرن جي ڀر ۾ مٺي ۽ کاري پاڻي تي گورنمينٽ آف سنڌ۔فشري ڊپارٽمينٽ لوڪل اين،جي،اوز ۽ مقامي ماڻھو فش فارمنگ پروجيڪٽ ڊزائين ڪري سگھن ٿا۔فوڊ ۽ انڪم ۾ واڌاري جا اپاء وٺي سگھن ٿا۔

19/09/2026

سماج ۾ برابري ۽ انصاف لاء، واضع حڪمت عملي جوڙڻي پوي ٿي،جيڪا علم،شعور ۽تربيت کان سواء ممڪن ناھي۔

18/09/2026

سنڌ جي ڳوٺن کي نوٽيفاء ڪري پڪا ڪيا وڃن۔ڳوٺن کي بنيادي انساني حق ۽ سھوليتون ڏيڻ جو ڪم سنڌ گورنمينٽ کي فورن شروع ڪرڻ گھرجي۔ھڪ سئو جي ،گھرن تي مشتمل ڳوٺ کي نوٽيفاء ڪري،قانوني حيثيت ڏني وڃي۔ھائوس سروي ڪري، گھرن جي زميني ايراضي جا مالڪاڻا حق ڏنا وڃن۔ڳوٺن جي ترقي جو جامع پروگرام گورنمينٽ کي جوڙڻ گهرجي۔جيئن عام ماڻھن کي به بنيادي انساني سھولتون ملي سگھن۔سنڌ ترقي ڪري سگهي۔

17/09/2026

سماجي ۽ عوامي ترقي جون راھون ۽ گس تلاش ڪرڻ جي جستجو ڪرڻ گھرجي۔

16/09/2026

ماحول دوست پروجيڪٽ ننڍي پيماني تي شروع ڪرڻ گھرجن۔ زراعت کان واندي زمينن تي پيداواري پروجيڪٽ ڊزائين ۽ پلان ڪرڻ گهرجن،ملڪ ۾ پاورٽي رڊڪشن پروگرام شروع ڪرڻ گهرجن ۔،جيئن غربت کي گھٽائي سگھجي۔ملڪ ۽ عوام ۾ خوشحالي آڻي سگهجي۔ان لاء (سيلف بيس) پنهنجي مدد پاڻ تحت آگاھي مھم شمع ڊولپمينٽ ايسوسيشن شروع ڪئي آھي۔ انشاء اللله جلد نتيجا اچڻ شروع ٿيندا۔

Address

Ward# 01
Tando Bago
110960

Telephone

+923492474984

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Shama Development Association Tando Bago posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to Shama Development Association Tando Bago:

Shortcuts

Share