Bhalai Foundation Odero Lal Station

Bhalai Foundation Odero Lal Station BhalaiFoundationofficial

شڪر الحمدلله رب العالمين ڀلائي فائونڊيشن اُڏيرو لال اسٽيشن خاموشيءَ سان، انسانيت جي خدمت ۾ پنھنجي حصي جو ڪم مسلسل سرانجا...
16/09/2026

شڪر الحمدلله رب العالمين
ڀلائي فائونڊيشن اُڏيرو لال اسٽيشن خاموشيءَ سان، انسانيت جي خدمت ۾ پنھنجي حصي جو ڪم مسلسل سرانجام ڏئي رهي آهي.
ربِ ڪائنات جڏهن ڪنھن انسان کي پنهنجي مخلوق جي خدمت لاءِ چونڊي ٿو، تہ ان کان ورتل هر نيڪ ڪم هڪ وڏي سعادت بڻجي وڃي ٿو. انھن ئي سعادت وارن ڪمن مان هڪ ڪم آهي ڪنهن جي اکين جو نور واپس آڻڻ، ڪنهن جي ڌنڌلي دنيا کي ٻيھر روشن ڪرڻ.
موتين جي مفت آپريشنن جي هن خدمت ۾ ڀلائي فائونڊيشن جي ٻن ميمبرن، ڊاڪٽر ڪريم بخش ڇٽو ۽ شيراز علي عمراڻي جي مسلسل محنت، جاکوڙ ۽ خدمت جو اهم ڪردار شامل آهي.
۽ هن سڄي نيڪ سفر کي جاري رکڻ ۾ سڀ کان وڏو سھارو ان عظيم انسان جو آهي، جنھن جي زندگيءَ جو اصل مطلب ئي ٻين جي ڪم اچڻ آهي، ڀلائي فائونڊيشن جي چيئرمين سائين عزت علي برهماڻي جي لڳاتار مالي سهڪار ۽ سرپرستيءَ سان ئي هي ڀلائي ۽ انسانيت ڀريو سلسلو اڳتي وڌي رهيو آهي.
اڄ به الله ڪريم جي ڏنل توفيق سان ڀلائي فائونڊيشن اُڏيرولال اسٽيشن طرفان 12 غريب موتيي جي مريضن جا مفت آپريشن ڪراچي جي بهترين اکين جي اسپتال، پي او بي (POB) مان ڪرايا ويا ۽ انھن جي ڌنڌلي دنيا ۾ روشني واپس آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
اچو تہ هن نيڪ ڪم ۾ پنھنجو حصو شامل ڪريون.
اچو تہ گڏجي ڪنھن جي اکين جو نور بڻجون،
ڪنھن جي اميد بڻجون،
۽ انسان ذات جي ڌنڌلي دنيا کي گڏجي روشن ڪريون.
اوهان جو ننڍڙو سهڪار، ڪنهن جي زندگيءَ ۾ وڏي روشني بڻجي سگهي ٿو.
رابطي لاءِ:
0345-3632660
0300-3075714


*شڪر الحمدلله رب العالمين *الابراهيم_اکين_جي_اسپتال،* حيدرآباد جي تعاون سان 10 مستحق موتئي جي مريضن جا ڪامياب ۽ مفت آپري...
28/08/2026

*شڪر الحمدلله رب العالمين *الابراهيم_اکين_جي_اسپتال،* حيدرآباد جي تعاون سان 10 مستحق موتئي جي مريضن جا ڪامياب ۽ مفت آپريشن ڪرايا ويا، جنهن سان انهن جي زندگين ۾ روشنيءَ جي نئين اميد جا ڏيئا روشن ٿيا.
ڀلائي فائونڊيشن جو سمورو سٿ الابراهيم اکين جي اسپتال، حيدرآباد جي معزز انتظاميا، ڊاڪٽر صاحبان ۽ پوري ٽيم جو دل جي گهراين سان شڪرگذار آهي، جن پنهنجي خلوص ۽ خدمت جي جذبي سان هن عظيم ڪارِ خير ۾ ڀرپور تعاون ڪيو ۽ ڪيترن ئي ضرورت مند مريضن کي مفت علاج ۽ آپريشن جي سھولت فراهم ڪئي.
الله ڪريم هن نيڪ ڪم ۾ شامل هر فرد، هر اداري ۽ هر مددگار کي پنھنجي بارگاھ مان بهترين اجر عطا فرمائي، سندن جان، مال ۽ وقت ۾ برڪت وجهي، ۽ کين انسانيت جي خدمت جو اهو سفر جاري رکڻ جي توفيق عطا فرمائي..!!
آمين يا رب العالمين.
رابطي لاءِ:
03003075714
03013519076
03073224080
*ڀلائي_فائونڊيشن*
*اڏيرولال_اسٽيشن*

شڪر الحمدلله رب العالمين 🤲🏻گذريل ٻن هفتن دوران ڀلائي فائونڊيشن اڏيرولال اسٽيشن جي طرفان، الابراهيم اکين جي اسپتال حيدرآب...
09/08/2026

شڪر الحمدلله رب العالمين 🤲🏻
گذريل ٻن هفتن دوران ڀلائي فائونڊيشن اڏيرولال اسٽيشن جي طرفان، الابراهيم اکين جي اسپتال حيدرآباد جي سھڪار سان، اٺن (8) موتئي جي مريضن جا مفت آپريشن ڪرايا ويا.
هيءَ خدمت صرف اکين جي روشني بحال ڪرڻ جو ذريعو ناهي، پر ڪيترن ئي ضرورت مندن جي زندگين ۾ اميد ۽ خوشين جي روشني آڻڻ جو هڪ اھم قدم پڻ آهي.
هن ڪارِ خير ۾ جن بہ ساٿين پنهنجي جاني، مالي يا ڪنھن بہ صورت ۾ حصو وڌو، انھن سڀني جا دل جي گهراين سان ٿورا مڃون ٿا...
الله ڪريم سندن هيءَ نيڪ ڪوشش پنهنجي بارگاھ ۾ قبول فرمائي، کين دنيا ۽ آخرت ۾ بهترين بدلو عطا فرمائي، سندن رزق، صحت ۽ زندگيءَ ۾ برڪتون عطا فرمائي ۽ هر قدم تي آسانيون پيدا فرمائي. آمين يا رب العالمين 🤲🏻
رابطي لاءِ:
03003075714
03013519076
03073224080


شڪر الحمدلله رب العالمينڀلائي فائونڊيشن اڏيرولال اسٽيشن، ٻين ڪيترن ئي فلاحي ڪمن سان گڏ، مستحق موتئي (Cataract) جي مريضن ...
18/07/2026

شڪر الحمدلله رب العالمين
ڀلائي فائونڊيشن اڏيرولال اسٽيشن، ٻين ڪيترن ئي فلاحي ڪمن سان گڏ، مستحق موتئي (Cataract) جي مريضن لاءِ بہ مفت آپريشن جي سھولت فراهم ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهي آهي. اهي آپريشن مختلف سماجي ڀلائي ڪندڙ ادارن (NGOs) ۽ اکين جي اسپتالن جي مالي سهڪار ۽ تعاون سان ڪرايا وڃن ٿا.
هن نيڪ ڪم ۾ ڀلائي فائونڊيشن جو بنيادي ڪردار مستحق مريضن جي مفت رجسٽريشن ڪرڻ، کين اسپتال تائين اچڻ ۽ واپس پنھنجي گھرن تائين پھچائڻ لاءِ ٽرانسپورٽ جي سھولت فراهم ڪرڻ، ۽ سندن کاڌي پيتي سميت ٻين ضروري سھولتن جو مفت انتظام ڪرڻ آهي، تہ جيئن مالي مجبوري ڪنهن بہ ضرورت مند کي علاج کان محروم نہ رکي، انھيءَ پوري عمل ۾ فائونڊيشن جو ھڪ ميمبر مستقل گڏ ھوندو آھي،
الحمدلله، گذريل ٻن هفتن دوران ، حيدرآباد جي تعاون سان 10 مستحق موتئي جي مريضن جا ڪامياب ۽ مفت آپريشن ڪرايا ويا، جنهن سان انهن جي زندگين ۾ روشنيءَ جي نئين اميد جا ڏيئا روشن ٿيا.
ڀلائي فائونڊيشن جو سمورو سٿ الابراهيم اکين جي اسپتال، حيدرآباد جي معزز انتظاميا، ڊاڪٽر صاحبان ۽ پوري ٽيم جو دل جي گهراين سان شڪرگذار آهي، جن پنهنجي خلوص ۽ خدمت جي جذبي سان هن عظيم ڪارِ خير ۾ ڀرپور تعاون ڪيو ۽ ڪيترن ئي ضرورت مند مريضن کي مفت علاج ۽ آپريشن جي سھولت فراهم ڪئي.
الله ڪريم هن نيڪ ڪم ۾ شامل هر فرد، هر اداري ۽ هر مددگار کي پنھنجي بارگاھ مان بهترين اجر عطا فرمائي، سندن جان، مال ۽ وقت ۾ برڪت وجهي، ۽ کين انسانيت جي خدمت جو اهو سفر جاري رکڻ جي توفيق عطا فرمائي..!!
آمين يا رب العالمين.
رابطي لاءِ:
03003075714
03013519076
03073224080

شڪر الحمدلله رب العٰلمين ڀلائي فائونڊيشن اڏيرو لال اسٽيشن جي تعاون سان  ِ_اسپتال طرفان 6 موتيي جي مريضن جا مفت آپريشن ڪر...
03/01/2026

شڪر الحمدلله رب العٰلمين
ڀلائي فائونڊيشن اڏيرو لال اسٽيشن جي تعاون سان ِ_اسپتال طرفان 6 موتيي جي مريضن جا مفت آپريشن ڪرايا ويا..!!

 شُڪر الحمدلله رب العٰلمينڀلائي فائونڊيشن اڏيرولال اسٽيشن پاران الله ڪريم جي ڪرم سان هڪ غريب، اکين جي نور کان محروم ڀاءُ...
26/09/2025


شُڪر الحمدلله رب العٰلمين
ڀلائي فائونڊيشن اڏيرولال اسٽيشن پاران الله ڪريم جي ڪرم سان هڪ غريب، اکين جي نور کان محروم ڀاءُ جي ڪٽنب لاءِ نلڪو لڳرائي، صاف پاڻي جي سهولت فراهم ڪئي وئي، جيڪا هاڻ ان جي لاءِ روزاني زندگي ۾ هڪ وڏي آساني بڻجي وئي آهي.
هن نيڪ ڪم ۾ جنهن پياري مھربان دل سان مدد ڪئي، رب پاڪ ان جي رزق، صحت، ۽ زندگيءَ ۾ بيشمار برڪتون عطا فرمائي، آمين.
اچو! اسان سڀ گڏجي اهڙن نادار، مجبور ۽ محتاج ماڻهن لاءِ ڪجھ ڪريون.
توهان جي هڪ ٿوري مدد بہ ڪنهن جي لاءِ ڪيترين ئي خوشين جو سبب بڻجي سگهي ٿي.
ڀلائي فائونڊيشن، انسانيت جي خدمت ۾ پيش پيش
رابطو ڪريو:
03453632660
03003075714

شڪر الحمدلله رب العٰلمينعلم هڪ اهڙو نور آهي جيڪو انساني ذهنن کي منور ڪري مستقبل جا دروازا کوليندو آهي، ۽ اهو نور اُنهن ئ...
30/08/2025

شڪر الحمدلله رب العٰلمين
علم هڪ اهڙو نور آهي جيڪو انساني ذهنن کي منور ڪري مستقبل جا دروازا کوليندو آهي، ۽ اهو نور اُنهن ئي ماڻهن جي ڪوششن سان پکڙجندو آهي، جيڪي پنهنجي علائقي جي نوجوانن ۽ معصوم شاگردن لاءِ تعليم جي راھ هموار ۽ روشن ڪرڻ ۾ جنبيل آھن.
ڀلائي فائونڊيشن اڏيرو لال اسٽيشن جي "ايجوڪيشن ڪميٽي" جي سينيئر ميمبر، علم دوست، قابل استاد ۽ درد دل رکندڙ شخصيت سائين امين اُڏيرائي بہ اهڙن نيڪ انسانن مان آهي، جنهن گورنمينٽ (بوائز) ھائير سيڪنڊري اسڪول اڏيرولال اسٽيشن جي غريب ۽ ضرورت مند شاگردن ۾ 150 رجسٽر (ڪاپيون) ورهائي هڪ بھترين قدم کنيو آھي،
سائين امين اُڏيرائي نہ صرف شاگردن کي علم ڏانهن راغب ڪري ٿو، پر سندن مالي مدد ڪرڻ سان گڏ، کين خاص وقت ڏيئي سندن حوصلن ۾ بہ نئون روح ڦوڪي ٿو، سائين جا اهي قدم يقينن اُنھن معصوم شاگردن لاءِ نہ صرف سهارو آهن، پر سندن روشن مستقبل جي ضمانت بہ آهن.
الله ڪريم سائين امين اُڏيرائي جي هن خدمت، خلوص ۽ علم دوستي کي پنهنجي بارگاھ ۾ قبول فرمائي ۽ هميشہ ڀلائي فائونڊيشن جي اهڙن ميمبرن کي اجر عظيم سان نوازيندو رهي..!!
آمين يارب العٰلمين

شڪر الحمدلله رب العٰلمينپاڻي زندگيءَ جي علامت آهي، اگر ڪو انسان ڪنھن پياسي لاءِ هڪ ڍُڪَ جو بہ بندوبست ڪري ٿو تہ الله ڪري...
20/08/2025

شڪر الحمدلله رب العٰلمين
پاڻي زندگيءَ جي علامت آهي، اگر ڪو انسان ڪنھن پياسي لاءِ هڪ ڍُڪَ جو بہ بندوبست ڪري ٿو تہ الله ڪريم کيس هزارين رحمتن، برڪتن سان نوازي ٿو.
ڀلائي فائونڊيشن اڏيرو لال اسٽيشن پنهنجي خدمت جي سفر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر خدا جي بندن لاءِ سهولت جو قدم کڻندي، ٻن پاڻي جي نلڪن جي سهولت فراهم ڪئي وئي.
هڪ شاه نندو قبرستان ۾، جتي ايندڙ ويندڙ هر پياسو انسان آساني سان پاڻي حاصل ڪري سگهي.
ٻيو هڪ ضرورت مند بيوه امڙ جي گهر ۾ لڳرائي ان کي پاڻي جي سھولت مھيا ڪئي وئي.
الله ڪريم هن ڀلائي کي پنهنجي حضور ۾ قبول فرمائي ۽ سڀني ساٿين جي حياتين ۾ آسانيون ڪري، ۽ سڀني کي آسانيون ورھائڻ جو شرف بخشيندو رھي..!!
آمين يارب العٰلمين
رابطي لاءِ:
03453632660
03003075714

جشن آزدي مبارڪ
14/08/2025

جشن آزدي مبارڪ

*شڪر الحمدلله رب العالمين*ڀلائي فائونڊيشن اڏيرو لال اسٽيشن ڪيترن ئي سالن کان مسلسل الله ڪريم جي رضا لاءِ نادار، غريب ۽ ض...
03/08/2025

*شڪر الحمدلله رب العالمين*
ڀلائي فائونڊيشن اڏيرو لال اسٽيشن ڪيترن ئي سالن کان مسلسل الله ڪريم جي رضا لاءِ نادار، غريب ۽ ضرورتمند ماڻهن جي خدمت ۾ مصروف عمل آهي. وسيلن جي محدود هجڻ باوجود، اخلاص ۽ نيڪ نيتي سان انسانيت جي ڀلائي لاءِ ڪم جاري آهي.
الحمدلله ٻن غريب ۽ بي وس خاندانن جي گهر جي ڇت لاء سرون ۽ گارڊر وٺي ڏنا ويا، جيئن ھو پنھنجن ٻچڙن کي ٿڌي ڇانوَ ۾ وھاري سگھن، ھن عمل سان سندن اکين ۾ خوشي جا ڳوڙها، مک تي شڪراني جي مرڪ ۽ دعا واضح هئي.
اها مرڪ، خوشي ۽ دُعا ئي ڀلائي فائونڊيشن جي سٿ جي حقيقي ڪمائي آهي.
الله رب العزت پنھنجي حضور ۾ قبول فرمائي، اھڙي خدمتن جو اجر عظيم عطا فرمائي ۽ وڌيڪ وسعت، ھمت، توفيق عطا ڪري. آمين يارب العٰلمين.
رابطي لاء
03453632660
03003075714

*ڀلائي_فائونڊيشن*
*اڏيرولال_اسٽيشن*

Address

Tando Adam
70090

Opening Hours

Monday 09:00 - 18:00
Tuesday 09:00 - 18:00
Wednesday 09:00 - 18:00
Thursday 09:00 - 18:00
Friday 09:00 - 18:00
Saturday 09:00 - 18:00

Telephone

+92222027200

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Bhalai Foundation Odero Lal Station posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share