Village Koreja Bohi Qubba

Village Koreja Bohi Qubba Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Village Koreja Bohi Qubba, Community Organization, Dakhan, Shikarpur.

Village Koreja is located at (Ratodero-Shikarpur) N-55 National Highway
UC Sangi Old UC Koreja
Postal Office Dakhan
Tehsil:Garhi Yasin
District: Shikarpur
Province:Sindh
Country:Pakistan

هاڻوڪي يوسي سانگي/تپو مرکياڻي جي ڪوريجا خاندان جي تاريخي ۽ انتظامي حيثيت جو هڪ تحقيقي جائزو:​1. قدامت ۽ نسلي تسلسل (1900...
11/04/2026

هاڻوڪي يوسي سانگي/تپو مرکياڻي جي ڪوريجا خاندان جي تاريخي ۽ انتظامي حيثيت جو هڪ تحقيقي جائزو:

​1. قدامت ۽ نسلي تسلسل (1900ع کان هاڻ تائين)
​وليج فارم نمبر 1 جا دستاويز واضح ڪن ٿا ته ڪوريجا خاندان هن ڌرتيءَ جو قديم مالڪ ۽ مستقل رهواسي آهي. 1900ع واري ڏهاڪي جا رڪارڊ اها شاهدي ڏين ٿا ته گذريل هڪ صدي کان وڌيڪ عرصي کان هي زمينون پيڙهي در پيڙهي هن خاندان جي مالڪيءَ ۾ رهيون آهن.

​2. ڳوٺ ڳڙهي صاحب خان ۽ تاريخي ملڪيت:
​هن خاندان جي تاريخ جو هڪ اهم باب ڳوٺ ڳڙهي صاحب خان آهي، جيڪو اصل ۾ ڪوريجن جو ئي اڏيل شهر آهي. سرڪاري ۽ تاريخي رڪارڊ موجب، هن ڳوٺ جي آسپاس واري وسيع زمين اڄ به سندن ئي نالي تي آهي. اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته هن علائقي (هاڻوڪي يوسي سانگي ۽ تپو عمر مرکياڻي) جا سڀ کان وڏا زميندار ڪوريجا هيا ۽ سرڪاري رڪارڊ ۾ اڄ به اها حيثيت برقرار آهي.

​3. لڏپلاڻ ۽ لاڙڪاڻي ۾ نوان وسڪارا
​تاريخي حالتن يا ڪنهن نجي مسئلن جي ڪري، ڳڙهي صاحب خان جا اڪثر ڪوريجا خاندان اتان لڏپلاڻ ڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ وڃي آباد ٿيا. خاص طور تي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو جي ڀرسان وارو ڳوٺ ڪوريجه اڄ به سندن سماجي ۽ عددي قوت جو مرڪز آهي, ماسواء هڪ گهر جيڪو غلام ڪوريجو ولد صاحب خان ڪوريجو (ٻيون) جيڪو ٻيلي کاتي ۾ فاريسٽر هيو تنهن جو هيو سو به وڃي ڀرسان واري ڳوٺ ڪوريجه هاڻ احمد بخش ڪوريجو سڏجي ٿو تنهن مان شادي ڪري اتي وڃي آباد ٿيو ۽ اتي ئي پنهنجي زندگي بسر ڪري گذاري ويو
جيتوڻيڪ تقريبن هتان لڏي ويا، پر پنهنجي اصلوڪي وطن ۾ زمينن جي مالڪي اڄ به سندن نالي سان منسوب آهي.
سندس جايون، ملڪيتون ۽ ماڙيون اڄ به سندن مالڪي جي گواهي ڏين ٿيون

​4. جاگرافيائي سڃاڻپ ۽ انتظامي حيثيت
​روينيو رڪارڊ ۾ "ڳوٺ ڪوريجا" جو بار بار ذڪر ۽ هاڻوڪي يوسي سانگي جو پراڻو نالو "يوسي ڪوريجا" هجڻ ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿو ته هي سڄو بيلٽ هن خاندان جي اثر هيٺ هو. سروي نمبرن (500، 600، 700 جي سيريز) جو تسلسل هڪ وڏي رياست يا قديم جاگير جي نشاندهي ڪري ٿو. "ديهه ڪوريجا جاگير" (هاڻوڪي ديهه سانگي جاگير) جو رڪارڊ ان جو مستند ثبوت آهي.

​5. سماجي خدمت ۽ وقفي ملڪيتون
​خاندان جي سخاوت جو وڏو مثال سروي نمبر 598 (ايراضي 11 ايڪڙ، 10 گهنٽا) آهي، جيڪو هاڻي "پير جعفر شاهه قبرستان" جي نالي سان مشهور آهي. هيءَ قيمتي زمين ڪوريجا خاندان عوامي ڀلائي لاءِ وقف ڪئي هئي، جيڪا سندن سماجي وابستگي جو ثبوت آهي.

​6. نتيجو
​7 آڪٽوبر 1912ع تي محمد ابراهيم (رجسٽر رائيٽر، سروي آفيس) پاران لکيل اهي رڪارڊ محض ڪاغذ ناهن، پر هڪ مستند تاريخي ورثو آهن. ڊکڻ هب سٽي هجي يا تپو عمر مرکياڻي، اهي دستاويز بلاشڪ ثابت ڪن ٿا ته ڪوريجا خاندان هن علائقي جا اصل وارث، اڏيندڙ ۽ وڏا آبادگار رهيا آهن.

سڀ کان وڏي خيانت پنهنجي قوم سان غداري آهي امام علي عه
11/04/2026

سڀ کان وڏي خيانت پنهنجي قوم سان غداري آهي
امام علي عه

25/07/2023

مقصد امام عالي مقام امام حسين عليه السلام …

عاجز صفدر علي ڪوريجو

اسانکان مالڪن جو حڪم وسري ويو آهي جيڪو اهو هيو ته اي منهنجا پيروڪارو مان دين بچائڻ لاءِ قرباني ڏئي دين بچائي ٿو وڃان پر ياد رکجو منهنجو اهو فرمان ته منهنجي جنگ فقط يزيد نالي سان نه پر يزيدي ڪردار ساڻ آهي مالڪن جي چيل هن فرمان مان واضح پيغام آهي ته هر وقت ۾ هر هڪ سان يزيد جهڙي پليت جو ٽڪراءُ ٿيندو مطلب اهڙا ڪردار هر دور ۾ زنده رهندا ۽ حسيني هر دور ۾ هنن سان مهاڏو اٽڪائيندا اگر جي اهي سڀ حسيني آهن ته اسين چاهيون ٿا ته اسين مقصد عالي مقام امام حسين عليه السلام جي حقيقي مقصد ۽ مشن کي سمجهون عشرو نوحه عزادارين سان گڏوگڏ وقت جي يزيد سان به مهاڏو اٽڪايون ائين نه ٿئي ته صرف عشري جا ڏينهن امام جا زاڪر بڻجي سندن کي پيش آيل تڪليفون بيان ڪريون ۽ عشرو گذرڻ کان بعد ۾ وقت جي يزيد جا ساٿي بڻجي ڪري امام سان دشمنيءَ جو ثبوت ڏيون خداره اها خاص التجا مومنن ڀائرن کي آهي جيڪي امام عالي مقام کي پنهنجو سڀ ڪجھ سمجهن ٿا پر مقصد امام عالي مقام کي وساري ويٺا آهن جيڪو فقط فقط اهو هيو ته ظالم خلاف حق جو آواز بلند ڪيو ۽ مظلوم جو ساٿ ڏيو جيڪو اسان حسيني نه پيا ڪيون بس اسان امام جي قربانيءَ کي عشري جي ڏينهن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي خداره امام جا حقيقي سپاهي هجڻ جي ناتي امام عالي مقام جي مقصد کي به سمجهون ۽ عمل ڪيون ته جيئن امام عالي مقام جي ناصرين ۾ شمار ٿيون .

22/06/2023

18/06/2023

جس نے بھی بات کہی ھے سچ کہی ھے۔

یہ بات چاہے چھوٹے فورم سے کررہا ہوں لیکن بات آپکو سمجھنی ہے کہ مہاجر اور سندھی ایک ماں کے دو بیٹے ہیں یہ لڑتے رہے تواس گھر پر قبضہ افغانیوں کا ہوگا اور ہم دروازے سے باہر پھینکے جائیں گے
cp

Clicked while celebrating 1st day of Eid ul Fitr 2023
23/04/2023

Clicked while celebrating 1st day of Eid ul Fitr 2023

01/04/2023

عاجز صفدر علي ڪوريجو

ظرف وارو ۽
ڪم ظرف انسان

ظرف وارو فرد ڪڏهن به اوهانکي ٻئي جي پرپٺ خاميون نه ٻڌائيندو بلڪه خوبيون ٻڌائيندو
۽ ڪم ظرف فرد ڪڏهن به ٻئي جون اوهانکي خوبيون نه ٻڌائيندو هميشه خاميون ٻڌائيندو اصل ۾ بهترين انسان اهو آهي جيڪو اوهانجي سامهون اوهانکي اوهانجون خاميون ۽ پرپٺ اوهانجون نيڪيون/خوبيون ڳائي پوءِ ڀلي اوهان ۾ ڪيتريون به خاميون ڇو نه هجن اهو هڪ فارمولو آهي ظرف واري ۽ ڪم ظرف کي سمجهڻ جو پنهنجي زندگيءَ اندر هن فارمولي تي عمل ضرور ڪري ڏسجو .

06/05/2022

منهنجي اندر جو آواز

عاجز صفدر علي ڪوريجو

دور حاضر جو احوال

سفارشي نوڪريون يا سياسي نوڪريون نوڪر پيدا ڪنديون آهن نه ڪي عالم فاضل ۽ ڏاها ...

اهڙيون نوڪريون جيڪي سفارش يا وري سياستدانن کان سندن جي بنگلن جي طفيل ملن ٿيون اهڙي قسم جون نوڪريون هڪ ته ميرٽ جي لتاڙ آهن ۽ اهڙي قسم جي نوڪرين ۾ اڪثر نااهل ماڻهو کنيا ونڃن ٿا جيڪي هُن اداري لاءِ معاشري جي لاءِ ناسور بڻجن ٿا ۽ اهي فرد هميشه هن سياسي بنگلي جا نوڪر بڻجي ونڃن ٿا ۽ انهن جون ايندڙ نسلون به ڇو جو ته سندن جي سوچ آ ته ڦلاڻي خان اسان کي روزگار ڏنو هاڻي اسان ۽ اسانجون نسلون سڄي زندگي هنن جا گيت ڳائينداسين ۽ سندن جي وفاداريءَ ۾ پوري زندگي گذاري ڇڏينداسين سندن ويچارن اٻوجهن کي اها خبر ئي ڪانهي ته نوڪري به توهانجي ۽ ٿورو به سڄي عمر لاءِ توهان ۽ توهانجي ايندڙ نسلن تي خداره اهڙي فرسوده ۽ مدي خارج سوچ کان بچو جيترو زور اسين نوڪريون وٺڻ تي لڳائيندا آهيون ايترو اگر جي اسين زور پنهنجن بنيادي سهولتون وٺڻ ۾ لڳايون جنهن ۾ اسانجا اسڪول ۽ صحت گهر روڊ رستا پڻ شامل آهن ته اسانجا ٻچا پڙهي ڪري ميرٽ تي پاس ٿين ۽ نوڪريون وٺن جنهن سان اهي نه ڪنهنجي غلامي ڪندا نه ئي وري پنهنجن ادارن ۾ ڪا لاپرواهي ڪندا جيڪڏهن اوهان اسانکي وٺڻيون ئي آهن نوڪريون ته پوءِ ميرٽ تي وٺو ۽ جيڪڏهن اوهانکي بنگلن تا ڪجھ وٺڻو آهي ته پوءِ اتان صرف و صرف بنيادي سهولتن جي گهرج ڪيو ٻيو ڪجھ به ڪونه پنهنجي حيثيت مانَ مرتبي کي سڃاڻو اسين ئي اها عظيم طاقت آهيو جيڪي وقت جي اندر فرعون هامان نمرود پيدا ڪيون ٿا ۽ اوهين ئي موسي عيسي پيدا ڪندڙ آهيو خداره پنهنجي عوامي طاقت کي سمجهو ۽ ان جو صحيح استعمال ڪيو .

Address

Dakhan
Shikarpur

Telephone

+923133444003

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Village Koreja Bohi Qubba posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to Village Koreja Bohi Qubba:

Share