14/07/2026
محترم عبدالله چانڊيو جي سٽن سان!
عاشقي انجام تي بيٺي رهي
هوءَ اڪيلي بام تي بيٺي رهي
مان پرھَ جي هيرڳوليندو
رهيس
زندگي بس شام تي بيٺي رهي!
دوستو حق موجود
سنڌي ادبي سنگت شاخ شهدادپور جي دستوري گڏجاڻين مٍٍ هڪ نئين ڪوشش شروع ڪري رهيا آهيون!
اها آهي ڪتابن تي تنقيدي جائزو
جنهن جي شروعات اڄ محترم عبدالله چانڊيو جي نثري نظمن جي ڪتاب اکين جي شهر کان ڪجي ٿي!
سنڌي ادب جي سفر مٍٍ ليکارين جو ڳاڻيٺو تمام گهڻو آهي
پر جي لکڻين تي نظر وجهبي ته
سامهون انگ ايندو زيرو
اسان جو نئين ٽهيءَ جو ليکڪ ڏاڍو جلديءَ مٍٍ آهي ان کي پڙهڻ جو وقت ته آهي ئي ڪو نه!
وڏو الميو اهو به آهي اسان صحتمند ۽ معياري ادب جي واڌاري لاءِ ڪڏهن سوچيو ئي ناهي ٻيو ته ادب مٍٍ تنقيد وارو پاسو اسان ڇڏي ڏنو آ!
اسان کي صرف واھ واھ گهرجي معياري ادب نه!
انهن ڳالهين کي نظر مٍٍ رکي مان هر گڏجاڻيءَ مٍٍ
ڪنهن نه ڪنهن ڪتاب تي تنقيدي جائزي جو پروگرام رکيو آهي گهٽ مٍٍ گهٽ ائين ڪرڻ سان اسان جو نوجوان ڪتابن ڏي موٽ کائيندو ڪتاب پڙهڻ شروع ڪندو ڪتابن پڙهڻ کان پوءِ لکڻ جو جنون ضرور جاڳندس!
ٻيو ته جنهن ليکاريءَ جي ڪتاب کي پڙهندو ان جو پورهيو چئجي يا ڪچ مڙئي اگهامي پوندو
پاڻ ڪتاب اکين جي شهر تي ڳالهائي رهيا آهيون جيڪو نج نثري نظمن جو ڪتاب آهي جنهن جي نظمن جا عنوان ڪجھ هن طرح آهن
سينازني * تيز رڙ * باھ جا ماڻهو * سرنهن جا گل * ٻئي جنم جو سودو * جاڳ جو بستر ۽ ڪافي ٻيا وغيره وغيره
ليکاريءَ نثري نظمن مٍٍ جيڪا ڪردار جي چونڊ ڪئي آهي
سا ڪمال جي آهي هر تخليق پنهنجي حسن رنگ ڍنگ ۽ شاعراڻي مهارت سان لکي وئي آهي!!
شاعر موصوف ڀلي هر صنف تي لکيو هجي پر مان کيس نظم جو بهترين ليکاري چوندس ۽ سندس سڃاڻپ به نظم ئي رهي آهي
هن جي هر نظم مٍٍ جيئَرا جاڳندا عڪس چٽيل آهن مان ته ائين به چوندس ليکاريءَ جي هر هڪ سِٽَ سرداري نظام - وڏيرا شاهي- پير پرستي- مذهبي جنونيت
رکڻ وارن لاءِ چارج شيٽ ۽ سامراج جي منهن تي ڀونڊو آهي!!
عاشق چانڊيو
شهدادپور