Sindh Students' Council - Sakrand

Sindh Students' Council - Sakrand Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Sindh Students' Council - Sakrand, Community Organization, Sakrand.

پريس رليز 26/11/2023جيئي سنڌ جيئي سائين جي ايم سيد شهيد قومن جو سرمايو هوندا آهن ۽ غلام سماجن ۾ شهيد قومن جي امانت هجڻ س...
26/11/2023

پريس رليز 26/11/2023

جيئي سنڌ
جيئي سائين جي ايم سيد

شهيد قومن جو سرمايو هوندا آهن ۽ غلام سماجن ۾ شهيد قومن جي امانت هجڻ سان گڏ قومن جي اتساھ جو سبب بڻجندا آهن ۽ انهن جي شهادتن مان اتان جو هر عام ماڻهو سبق حاصل ڪري شهيدن جي ڇڏيل مقصد جي ساڀيان لاء جاکوڙ ڪندو آهي.
سنڌ اندر به شهيدن جي اهڙي هڪڙي ڊگهي قطار ملي ٿي جنهن ۾ سنڌ ڌرتيء جا اهڙا کوڙ شاگرد آهن جن شهادت جو جام پي پنهنجي پويان بيٺل شاگردن لاء مثال قائم ڪيو آهي.
انهن مان ئي اهڙو هڪ سنڌ جي شاگر سياست جو اڙٻنگ ڪردار شهيد آصف پنهور پڻ آهي جنهن هن سامراج جي آڏو جهڪڻ کان انڪار ڪيو ۽ پنهنجي ڦوھ جواني ۾ شهادت جو جام پيتو پر هن سامراج آڏو جهڪڻ کان انڪار ڪيو.
اڄ سنڌ ڌرتيء جي ان حلالي پٽ شهيد آصف پنهور جي نائين ورسي تي سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل چئپٽر سڪرنڊ طرفان ڏيئا ٻاري شهيد کي گلن سان سنڌوديش جو قومي ترانو پڙهي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي ۽ شهيد جي وچن کي ورجايو ويو.
جنهن ۾ سڪرنڊ چئپٽر جي ميمبرن عهديدارن ۽ جساف جي دوستن شرڪت ڪئي.

سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل چئپٽر سڪرنڊ

جيئي سنڌجيئي لطيف سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل چئپٽر  سڪرنڊ  پاران  هفتيوار اسٽڊي سرڪل ٿي گذريو جنھن ۾ *جهموريت Democracy* موضوع...
12/11/2023

جيئي سنڌ
جيئي لطيف

سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل چئپٽر سڪرنڊ پاران هفتيوار اسٽڊي سرڪل ٿي گذريو جنھن ۾ *جهموريت Democracy* موضوع زيرِ بحث رھيو۔ اسٽڊي سرڪل ۾ جساف جي دوستن به شرڪت ڪئي.
شرڪت ڪندڙن موضوع تي جامع انداز ۾ ڳالھايو ۽ آخر ۾ سوالن جوابن جو سلسلو پڻ ٿي گذريو.

سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل چئپٽر سڪرنڊ

پريس رليز :17/09/2023جيئي سنڌجيئي لطيف *"سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل~ چئپٽر سڪرنڊ"* پاران هفتيوار اسٽڊي سرڪل ٿي گذريو جنھن ۾  *...
17/09/2023

پريس رليز :
17/09/2023

جيئي سنڌ
جيئي لطيف

*"سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل~ چئپٽر سڪرنڊ"* پاران هفتيوار اسٽڊي سرڪل ٿي گذريو جنھن ۾ *سائين عبدالواحد آريسر* جي ڪتاب *سنڌي سماج جو جائزو* جي باب *سنڌي سماج ۾ عورت جو ڪردار* زيرِ بحث رھيو.

جنھن ۾ سڪرنڊ چئپٽر جي ميمبرن ۽ عھديدارن شرڪت ڪئي.

جنھن کان پوء سوالن جوابن جو سلسلو ٿي گذريو.

*سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل-چئپٽر سڪرنڊ*

پريس پڌرائي 2-7-2023ڪالھ بوائز ھاء اسڪول ڪرڪيٽ گرائونڊ سڪرنڊ وٽ محفلِ موسيقي جو پروگرام ٿي گذريو، جتي سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائون...
02/07/2023

پريس پڌرائي
2-7-2023

ڪالھ بوائز ھاء اسڪول ڪرڪيٽ گرائونڊ سڪرنڊ وٽ محفلِ موسيقي جو پروگرام ٿي گذريو، جتي سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل چيپٽر سڪرنڊ پاران بڪ اسٽال ۽ رجسٽريشن ڪيئمپ لڳائي وئي. جنھن ۾ مختلف تاريخي، سياسي ۽ سائنسي ڪتاب شامل ھئا.
ان موقعي تي ڪيمپ تي ايندڙ نوجوانن ۾ ھينڊبل پڻ ورھايا ويا، جنھن بعد ڪيترن ئي شاگردن ايس ايس سي تي اعتماد ڪندي شموليت لاء رجسٽريشن فارم ڀريو.

سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل~ چيپٽر سڪرنڊ

Jeaye Sindh Jeaye LateefSindh Students' Council~Chapter Sakrand is organising a book stall and registration camp on the ...
29/06/2023

Jeaye Sindh
Jeaye Lateef

Sindh Students' Council~Chapter Sakrand is organising a book stall and registration camp on the occasion of "Musical Night" at Sakrand.

Date: 01-7-2023
Day: Saturday
Time: 6 PM
Vanue: Govt Boys High School Park Sakrand

پريس رليز : 2023_06_11جيئي سنڌجيئي لطيف *"سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل~ چئپٽر سڪرنڊ"* پاران هفتيوار اسٽڊي سرڪل ٿي گذريو جنھن ۾  ...
11/06/2023

پريس رليز : 2023_06_11

جيئي سنڌ
جيئي لطيف

*"سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل~ چئپٽر سڪرنڊ"* پاران هفتيوار اسٽڊي سرڪل ٿي گذريو جنھن ۾ *جيئمسٽ نظرياتي ڪائونسل* جي ڪتاب *رهبر نامو* جو باب سورهون
*(تنظيم ڪلچر Organizational culture )*
زيرِ بحث رھيو. سرڪل کان پوء سوالن ۽ جوابن جو سيشن پڻ ٿي گذريو.

*سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل-چئپٽر سڪرنڊ*

پريس رليز : 2023_06_04جيئي سنڌجيئي لطيف *"سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل~ چئپٽر سڪرنڊ"* پاران هفتيوار اسٽڊي سرڪل ٿي گذريو جنھن ۾  ...
04/06/2023

پريس رليز : 2023_06_04

جيئي سنڌ
جيئي لطيف

*"سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل~ چئپٽر سڪرنڊ"* پاران هفتيوار اسٽڊي سرڪل ٿي گذريو جنھن ۾ *جيئمسٽ نظرياتي ڪائونسل* جي ڪتاب *رهبر نامو* جو باب پندرهون
*(تنظيم سازي جو علم Organizational Science )*
زيرِ بحث رھيو. سرڪل کان پوء سوالن ۽ جوابن جو سيشن پڻ ٿي گذريو.

*سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل-چئپٽر سڪرنڊ*

پريس رليز :12/05/2023ھن وقت سڄي دنيا ۾ جيڪو مسئلو سڀن ملڪن ۾ زير غور آھي سو آھي تيزي سان ٿيندڙ ماحولياتي تبديلي ۽ ان جا ...
12/05/2023

پريس رليز :
12/05/2023

ھن وقت سڄي دنيا ۾ جيڪو مسئلو سڀن ملڪن ۾ زير غور آھي سو آھي تيزي سان ٿيندڙ ماحولياتي تبديلي ۽ ان جا ناڪاري اثر، جنھن جي حل لاء سڄي دنيا ۾ موحولياتي سائنس جان ماھر رات ڏينھن جاکوڙي رھيا آھن. انڪري دنيا جي اھڙي اھم موضوع بابت سنڌ جي نوجوانن کي واقف ڪرائڻ انتھائي ضروري آھي، ان سلسلي ۾
سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل~ چئپٽر سڪرنڊ پاران *ماحولياتي تبديلي* جي عنوان تي اوپن ڊسڪشن سيشن ٿي گذريو. سيشن ۾ ماحولياتي تبديلي ڇو ٿي رهي آهي، ان جي سببن، اثرن ۽ حل تي تفصيل سان ڳالھايو ويو ۽ آخر ۾ سوالن جوابن جو سلسلو پڻ ٿي گذريو. سيشن ۾ سڪرنڊ چئپٽر جي ميمبرن، عھديدارن، ۽ جساف جي دوستن, سول سوسائٽي جي ماڻهن شرڪت ڪئي.

سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل~چئپٽر سڪرنڊ

جيئي سنڌ جيئي لطيفجيئن ته سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل طرفان "ماحولياتي تبديلي" جي موضوع تي هڪ کليل ڪچهري رکي وئي آهي جنهن ۾ سڀن...
08/05/2023

جيئي سنڌ
جيئي لطيف

جيئن ته سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل طرفان "ماحولياتي تبديلي" جي موضوع تي هڪ کليل ڪچهري رکي وئي آهي جنهن ۾ سڀني شاگردن، استادن، سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي.

وقت ۽ تاريخ: 2023-05-12
جمعي جي ڏينهن شام 04:30 بجي
هنڌ: هائي اسڪول پارڪ سڪرنڊ

سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل چئپٽر سڪرنڊ

پريس رليز :30/04/2023جيئي سنڌجيئي لطيف *"سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل~ چئپٽر سڪرنڊ"* پاران  *جبري طور مذهب جي تبديلي* جي  عنوان ...
30/04/2023

پريس رليز :
30/04/2023

جيئي سنڌ
جيئي لطيف

*"سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل~ چئپٽر سڪرنڊ"* پاران *جبري طور مذهب جي تبديلي* جي عنوان تي ڊسڪشن سيشن ٿي گذريو. سيشن ۾ جبري مذھب سان گڏوگڏ انجي سببن، اثرن ۽ انجي حل تي ڳالھايو ويو.
سيشن ۾ سڪرنڊ چئپٽر جي ميمبرن، عھديدارن، کان علاوه جساف جي دوستن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي.

*سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل-چئپٽر سڪرنڊ*

28/04/2023

پريس رليز
28-4-2023

سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل پاران شاگردن توڙي نوجوانن ۾ قومي شعور کان ويندي قوم ۽ فرد جي حقن کان روشناس ڪرائڻ لاء فلسفي، سياست، سماج جي مختلف پھلوئن تي اسٽڊي سرڪل، ڊسڪشن سيشن، ۽ مختلف پروگرام پئي ڪرايا آھن.

ان سلسلي ۾ سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل چيپٽر سڪرنڊ پاران 30 اپريل بروز آچر تي `جبري مذھب جي تبديلي´ جي عنوان سان ڊسڪشن سيشن منعقد ڪري رھي آھي جنھن ۾ سڀن شعور رکندڙ نوجوانن کي شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي.

ٽائيم: 4:00
هنڌ: لڪياري اپارٽمينٽس قاضي احمد روڊ سڪرنڊ

سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل~ چيپٽر سڪرنڊ

پريس رليز :16/04/2023جيئي سنڌجيئي لطيف *"سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل~ چئپٽر سڪرنڊ"* پاران هفتيوار اسٽڊي سرڪل ٿي گذريو جنھن ۾  *...
16/04/2023

پريس رليز :
16/04/2023

جيئي سنڌ
جيئي لطيف

*"سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل~ چئپٽر سڪرنڊ"* پاران هفتيوار اسٽڊي سرڪل ٿي گذريو جنھن ۾ *جيئمسٽ نظرياتي ڪائونسل* جي ڪتاب *رهبر نامو* جو باب نائون *(سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ سياسي پارٽيون )* زيرِ بحث رھيو.
جنھن ۾ سڪرنڊ چئپٽر جي ميمبرن ۽ عھديدارن شرڪت ڪئي.

جنھن کان پوء جبري طور مذهب مٽائڻ تي *(سياسي تنطيمن جو ڪردار)* تي بحث مباحثو ٿي گذريو.

*سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل-چئپٽر سڪرنڊ*

Address

Sakrand
67210

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindh Students' Council - Sakrand posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to Sindh Students' Council - Sakrand:

Share