Sakrand Atta Chaki Association

Sakrand Atta Chaki Association Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Sakrand Atta Chaki Association, Community Organization, sakrand, Sakrand.

سڪرنڊ چڪي ايسوسيئيشن
هي پيج سڪرنڊ جي چڪي مالڪن، مزدورن ۽ واپارين کي هڪ پليٽفارم تي گڏ ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي۔ اسان جو مقصد اتحاد ۽ حقن جي حفاظت چڪي ڪاروبار جي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ آهي۔ هن پيج ذريعي چڪي مسئلا، مشورا ۽ ڪاروباري معلومات شيئر ڪئي ويندي.

ڪڻڪ ۾ زبردست تيزي سان اڄ جو ريٽ.....
12/05/2026

ڪڻڪ ۾ زبردست تيزي سان اڄ جو ريٽ.....

12/05/2026

السلام عليڪم

سڪرنڊ اٽا چڪي ايسوسيئيشن طرفان سڀني دوستن کي اطلاع ٿو ڏجي ته ڪڻڪ جي اگهن ۾ واڌ ۽ ٻين خرچن ۾ اضافي سبب ايسوسيئيشن جي گڏيل مشوري سان اٽي جا نوان ريٽ مقرر ڪيا ويا آهن.

نئون ريٽ هن ريت هوندو:

هول سيل ريٽ: 4600 رپيا في مڻ
ريٽيل ريٽ: 120 رپيا في ڪلو

سڀني دوستن کي گذارش آهي ته گڏيل فيصلي جو احترام ڪندي نون ريٽن تي عمل ڪن ته جيئن سڀني لاءِ آساني ۽ برابري برقرار رهي.

مهرباني

سڪرنڊ اٽو چڪي ايسوسيئيشن

پريس رليزسڪرنڊ اٽا چڪي ايسوسيئيشن.جيئن ته تاريخ 08/05/2026 اڄ سڪرنڊ چڪي ايسوسيئيشن  جو باقاعده آغاز ڪيو ويو، جنهن جي شرو...
08/05/2026

پريس رليز

سڪرنڊ اٽا چڪي ايسوسيئيشن.

جيئن ته تاريخ 08/05/2026 اڄ سڪرنڊ چڪي ايسوسيئيشن جو باقاعده آغاز ڪيو ويو، جنهن جي شروعات تلاوتِ قران پاڪ جي ڪلام سان ڪئي وئي. جنهن جو مقصد سڪرنڊ جي چڪي مالڪن ۽ واپارين کي هڪ مضبوط پليٽفارم تي گڏ ڪرڻ آهي۔ هن اتحاد ذريعي اٽا چڪي ڪاروبار سان لاڳاپيل مسئلن جي حل، ڀائيچاري جي فروغ ۽ گڏيل ترقي لاءِ ڪم ڪيو ويندو۔ اميد آهي ته هي يونين سڪرنڊ جي چڪي برادري لاءِ هڪ نئين طاقت ۽ اتحاد جو سبب بڻجندي۔
بعد ۾ هيٺين نقطن تي ڳالهيون ڪيون ويون:

1. سڪرنڊ ۾ آٽا چڪي يونين جو بنياد رکڻ ۽ ان جي تنظيمي جوڙجڪ تيار ڪرڻ۔

2. پيسائي ۽ صفائي جا اگهه وڌندڙ مهانگائي ۽ سالياني مسواڙ ۾ واڌ کي نظر ۾ رکندي مقرر ڪرڻ۔

3. گڏجاڻي ۾ شريڪ سڀني دوستن جي متفقه راءِ سان ان ڳالهه جي حمايت ڪئي وئي ته يونين جو بنياد رکڻ گهرجي، جنهن جي باضابطه شروعات ايندڙ گڏجاڻي ۾ ڪئي ويندي۔

4. ان سان گڏ اهو به طئي ڪيو ويو ته وڌندڙ مهانگائي کي نظر ۾ رکندي آٽي جي پيسائي کي وڌائي 250 پسائي ع 50 رپيا صفائي في مڻ مقرر ڪيو ويو۔

5. • يونين جي هر فيصلي تي گڏيل طور عمل ڪيو ويندو۔
• ضرورت پوڻ تي چڪي مالڪن جي مسئلن لاءِ گڏيل آواز اٿاريو ويندو۔
• سڪرنڊ جي چڪي برادري جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ مستقل ڪوشش جاري رکي ويندي۔
اسان کي اميد آهي ته سڪرنڊ چڪي ايسوسيئيشن اتحاد، اعتماد ۽ ترقي جي نئين سڃاڻپ بڻجندي۔

نور حسن گراڻو. (سڪرنڊ چڪي ايسوسيئيشن) .

Address

Sakrand
Sakrand
67210

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sakrand Atta Chaki Association posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share