25/07/2026
رات جي پرسڪون برسات کانپوءِ پاٻوهر ترائي جو منظر ڪنهن سپني کان گهٽ نه لڳندو آهي۔ سائي گاهه جون کاريون، سونھري واريءَ سان ملي اهڙو رنگ جوڙينديون آهن جو دل چوندي آهي هي منظر وقت جي هٿن ۾ قيد ٿي وڃي۔ هوا ۾ مٽيءَ جي سڳنڌ، پکين جو مدھر راڳ، ۽ ڏهرن جي مستي، سڀ ملي ڪري ائين ٿا لڳن ڄڻ پاٻوهر ترائي پاڻ ڪنهن عاشق جي انتظار ۾ گيت ڳائي رهي هجي۔
اهوئي سبب آهي جو هر سال هزارين سياح هن حسين ترائي جو رخ ڪن ٿا، ڪجهه دلين ۾ رومانس ڳوليندا اچن ٿا، ته ڪجهه رڳو سڪون ۽ خاموشيءَ جي تلاش ۾۔ پر جيڪو به هتي اچي ٿو، سو موٽ ۾ ڪجهه نه ڪجهه ضرور آڏيندو آهي؛ ڪو نئون احساس، ڪا اڻ وسرندڙ ياد، يا وري دل جو اهو ٽڪرو، جيڪو هميشه لاءِ پاٻوهر ترائي وٽ رهجي ويندو آهي