29/01/2026
𝗘𝗨 𝗮𝗻𝗱 𝗨𝗡𝗜𝗗𝗢 𝗗𝗲𝗹𝗲𝗴𝗮𝘁𝗶𝗼𝗻 𝗩𝗶𝘀𝗶𝘁 𝘁𝗼 𝗧𝗥𝗗𝗣 A delegation comprising Ms. Barbara Riksen, Team Leader for Rural Development and Economic Cooperation, and Mr. Carlo De Rosa, First Secretary at the EU Delegation to Pakistan; Mr. Steffen Kaeser, Chief of the Standards and Trade Facilitation Division; Mr. Nima Bahramalian, Industrial Development Expert from UNIDO Headquarters, Vienna, Austria; and Mr. Badad ul Islam, PIADAR Coordinator at UNIDO Islamabad, visited the TRDP office in Mithi. The delegation held meeting with TRDP management and distributed cheques to entrepreneurs under the PIADAR grant scheme. They also visited various enterprises supported through PIADAR project grants.Ms. Barbara Riksen expressed appreciation for the wide range of diversified initiatives launched under the PIADAR project. She said that the delegation was impressed by the outcomes achieved. The delegation further commended TRDP for its outreach to remote areas, and for supporting poor entrepreneurs in breaking the cycle of poverty through sustainable enterprise development. (January 29, 2026)
يورپي يونين ۽ اقوام مٿحد جي صنعتي اوسر واري اداري يونيڊو جي ھڪ اعلي سطحي وفد ٿرديپ (ٽي آر ڊي پي) ٿرپارڪر جو دورو ڪيو ـ وفد ۾ پاڪستان ۾ يورپي يونين جي، ڳوٺاڻين ترقي ۽ اقتصادي سهڪار جي ٽيم ليڊر باربرا رڪسن ، ۽يورپي يونين وفد جو پاڪستان ۾ فرسٽ سيڪريٽري مسٽر ڪارلو ڊي روزا شامل ھئا ـ وفد ۾ اقوام متحد جي يونيڊو اداري جي ھيڊ ڪواٽر ويانا, آسٽريا جو چيف، اسٽينڊرڊز ۽ ٽريڊ فيسليٽيشن ڊويزن مسٽر اسٽيڦن ڪيزر ۽ صنعتي ترقي جو ماهر، مسٽر نِما بهراماليان پڻ شامل ھياـ.
وفد ٿرديپ جي مينجمنٽ سان تفصيلي ملاقات ڪئي ۽ پائدار پروجيڪٽ تحت ڏنل گرانٽس جا چيڪ ورهايا. ان کان علاوه وفد ڳوٺاڻن پاران پائدار منصوبي هيٺ گرانٽس جي سهائتا سان شروع ڪيل مختلف ڪاروبان جو پڻ دورو ڪيو.مس باربرا رڪسن چيو ته وفد پائدار منصوبي تحت شروع ڪيل ڪاروبارن جي وسيع دائري کان تمام گهڻو متاثر ٿي آهي. وفد ٿرديپ (ٽي ار ڊي پي) جي ڪوششن کي ساراهيو ته هن ڏورانهن علائقن تائين انهن ماڻھن تائين پهچ ڪئي آهي جيڪي بنيادي سھوليتن کان وانجھيل آھن ـ سندن ڪاوشون غريب ماڻھن کي ڪاروبار جا موقعا ڏيئي غربت جي پيڙاء مان نڪرڻ ۾ اثرائتي مدد فراهم ڪري رهيون آهن.