Hindu Youth Forum mpm

Hindu Youth Forum  mpm دان سان ڌن
شيوا سان تن
سِمرن سان مَن پَويتر ٿِئي ٿو..

ھن بجلي جي بحران ۾ بہ ھندو يوٿ فورم آر او پلانٽ شھر واسين کي ٻارھن گھنٽہ پيئڻ جو صاف پاڻي مھيا ڪري رھيو آھي 🙏🙏🙏
04/06/2026

ھن بجلي جي بحران ۾ بہ ھندو يوٿ فورم آر او پلانٽ شھر واسين کي ٻارھن گھنٽہ پيئڻ جو صاف پاڻي مھيا ڪري رھيو آھي
🙏🙏🙏

ھري اوم نمستيرھڙڪي صاحب جي ستین گادي نشین ستگرو سائین ساڌرام  صاحب جن جي 2026-05-19 تي پرلوڪ پڌاري وڃڻ کان پوء اڄ یارھین...
31/05/2026

ھري اوم نمستي
رھڙڪي صاحب جي ستین گادي نشین ستگرو سائین ساڌرام صاحب جن جي 2026-05-19 تي پرلوڪ پڌاري وڃڻ کان پوء اڄ یارھین جي رسمون ادا ٿیڻ بعد سندن سُپاتر روھت لال کي پڳ ٻڌرائي وئي۔

ھي ذمیواري عوام جي چاھہ ۽ سائین ساڌرام صاحب سان عشق ۽ روھت لال ۾ نظر ایندڙ سائین ساڌرام صاحب جو نور ، نیاز نوڙت ۽ انسانیت سان پیار ڪرڻ جي ڪري آھي۔

مالڪ در ارداس آھي تہ شھزادا سائین روھت لال پنھنجي پِتا ستگُر سائین ساڌرام صاحب جي نقشي قدم تي ھلندي انھن جي مشن کي وڌائیندي انسانیت سان پیار ۽ ایندڙ پانڌیئڙن جي سنڀال ڪندا ۽ رھڙڪي صاحب جي رونقن کي چار چنڊ لڳائي ڇڏیندا۔
🙏🏻🙏🏻🙏🏻

🙏ھري اوم نمستي 🙏Date 22-05-2026 اڄ ھندو يوٿ فورم طرفان ستگرو سائين ساڌ رام صاحب جن  کي شرڌا انجلي 🕯🕯🌹🌹 ڀيٽ ڪندي گورنمينٽ...
22/05/2026

🙏ھري اوم نمستي 🙏
Date 22-05-2026
اڄ ھندو يوٿ فورم طرفان ستگرو سائين ساڌ رام صاحب جن کي شرڌا انجلي 🕯🕯🌹🌹 ڀيٽ ڪندي گورنمينٽ بوائز ھائر سيڪنڊري اسڪول ميرپور ماٿيلو ۾ آر او پلانٽ جي
مينٽيننس ۽ ٿڌي پاڻي جو چلر سسٽم لڳرايو ويو.

ھن اسڪول ۾ 2700 ٻار پڙھن ٿا جیڪي ھاڻي صاف ۽ ٿڌو پاڻي حاصل ڪري سگھندا

ھي ڪاريہ سنتن جي ياد ۾ انھن جي ٻڌايل راھہ "انسانيت جي خدمت" ڪرڻ تي عمل ڪرڻ آھي

ھندو يوٿ فورم جي بنياد سڀني سنتن درويشن جي آشيرواد سان ٿيل آھي ۽ انھن جي ٻڌايل راھہ تي ھلڻ آھي

اسڪول جي شاگردن توڙي استادن سائین جن جي زندگي ۾ ڪیل انسانیت جي خدمت کي ساراھیو ۽ انھن جي لاء مالڪ در دعا گھري

سائین جن کي شرڌا انجلي ڀیٽ ڪندي گُلن جي ڀیٽ ڪئي

اڄ سائين ساڌ رام صاحب جن جسماني طور تہ اسان جي وچ ۾ نہ رھيا آھن پر انھن جون سکيائون، آسيسون، آشيرواد اسان تي ھميشہ بڻيل رھندا
🙏🙏🙏

22/05/2026

🙏ھري اوم نمستي 🙏
Date 22-05-2026
اڄ ھندو يوٿ فورم طرفان ستگرو سائين ساڌ رام صاحب جن کي شرڌا انجلي 🕯🕯🌹🌹 ڀيٽ ڪندي گورنمينٽ بوائز ھائر سيڪنڊري اسڪول ميرپور ماٿيلو ۾ آر او پلانٽ جي مينٽيننس ۽ ٿڌي پاڻي جو چلر سسٽم لڳرايو ويو.
ھي ڪاريہ سنتن جي ياد ۾ انھن جي ٻڌايل راھہ "انسانيت جي خدمت" ڪرڻ تي عمل ڪرڻ آھي
ھندو يوٿ فورم جي بنياد سڀني سنتن درويشن جي آشيرواد سان ٿيل آھي ۽ انھن جي ٻڌايل راھہ تي ھلڻ آھي
اڄ سائين ساڌ رام صاحب جن جسماني طور تہ اسان جي وچ ۾ نہ رھيا آھن پر انھن جون سکيائون، آسيسون، آشيرواد اسان تي ھميشہ بڻيل رھندا
🙏🙏🙏

ھر  دل جا پيارا ۽ سڀ جا سھارا حاضر سروپ سائين ساڌ رام صاحب پيارا......اوھان ھن ڌرتي جا راجا ھيا ۽ ھاڻي سرڳ لوڪ جا بہ راج...
21/05/2026

ھر دل جا پيارا ۽ سڀ جا سھارا حاضر سروپ سائين ساڌ رام صاحب پيارا......
اوھان ھن ڌرتي جا راجا ھيا ۽ ھاڻي سرڳ لوڪ جا بہ راجا آھيو.... اوھان جو پيار ۽ اوھان جي مرڪ ۽ يادون اوھان جي رحمت ۽ آشيرواد ھميشہ اسان جي لاء موجود آھن..
اوھان جي ڏسيل راھ انسانيت سان پيار انسانيت جي خدمت مذھب کان مٿي انسانيت اوھان جي اھا سوچ اوھان کي ان اوچي آستان تي پھچائي ٿي جت ديوي ديوتا ئي پھچي سگھن ٿا.....
ھندو يوٿ فورم جي سموري ٽيم اوھان کي ڪوٽي ڪوٽ نمن ڪري ٿي ... اوھان رھڙڪي جا شھزادا ھميشہ اسان سان گڏ آھيو.....
پاران-ھندو يوٿ فورم ميرپور ماٿيلو
We Miss You Sain 💓🙏💓🙏💓

21/05/2026

موٽروي پوليس ۽ ضلعي انتظاميه گھوٽڪي کي گھرجي تہ ھر ننڊي وڏي شھر ۾ LPG گئس تي ھلندڙ گاڏين خلاف سخت کان سخت ڪاروائي ڪئي وڃي انساني جان کان مٿي ڪجھ بہ ناھي صاحب

20/05/2026

خانپور مھر کان رھڙڪي صاحب سائین ساڌ رام صاحب جي آخري دیدار درشن لاء ویندڙ وین کي باھہ لڳي وئي

باھہ لڳڻ سبب ھڪ ھندو عورت سڙي موقعي تي فوت ٿي وئي، اھڙي دل ڏکائیندڙ واقعي تي ھندو یوٿ فورم طرفان وارثن سان ڏُک جو اظھار ڪجي ٿو ۽ زخمین جي صحتیابي لاء مالڪ در ارداس ڪجي ٿي 🙏🏻🙏🏻

20/05/2026

ضلعي انتظاميہ گھوٽڪي کي گھرجي تہ LPG سلينڊر استعمال ڪندڙ پبلڪ ٽرانسپورٽ گاڏين خلاف ڀرپور ڪاروائي ڪري ۽ سيفٽي چيڪ يقيني بڻائي وڃي ھي تہ اوھان جي ھٿ ۾ آھي DC صاحب ڪاروائي.

Address

Mirpur Mathelo
65040

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Hindu Youth Forum mpm posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to Hindu Youth Forum mpm:

Share