Village Nihan Welfare Committee

Village Nihan Welfare Committee Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Village Nihan Welfare Committee, Community Organization, Mehrabpur.

Village Nihan Welfare Committee is a social committee which arrange welfare activities for rural population specially village Nihan taluka Mehrabpur District Naushahro feroze Sindh pakistan

*مرڪزي عيدگاه / جنازه گاه  ڳوٺ پير نھان*پيور بلاڪ فرش بندي منصوبو مڪمل ٿيو. *الحمدلله رب العالمين*مرڪزي عيدگاه/ جنازه گا...
09/08/2026

*مرڪزي عيدگاه / جنازه گاه ڳوٺ پير نھان*
پيور بلاڪ فرش بندي منصوبو مڪمل ٿيو.

*الحمدلله رب العالمين*
مرڪزي عيدگاه/ جنازه گاه، ڳوٺ پير نهان جي فرش بندي لاءِ پيور بلاڪ لڳائڻ جو منصوبو ڪاميابيءَ سان مڪمل ٿيو..
هي منصوبو ڳوٺ نھان جي ٻن ڳوٺاڻن فضل محمد نانگور ۽ غلام سرور نانگور جي گڏيل ڪاوشن ۽ مشاورت جي نتيجي ۾، معزز ᴍɴᴀ سيد ابرار علي شاه صاحب جي تعاون سان مڪمل ٿيو.
اصل ۾ ڳوٺ نھان جي گهٽين کي پڪو ڪرڻ جي مقصد لاءِ ٻنهي ڌرين کي الڳ الڳ 3,000، 3,000 اسڪوائر فوٽ، يعني مجموعي طور 6,000 اسڪوائر فوٽ پيور بلاڪ جاري ڪيا ويا هئا.
پر گهٽين جي ذيادھ تعداد ۽ دستياب پيور بلاڪن جي محدود مقدار کي نظر ۾ رکندي، ٻنهي ڌرين جي باھمي مشاورت ۽ گڏيل رضامندي سان اهو فيصلو ڪيو ويو ته فراهم ڪيل پيور بلاڪ ڳوٺ جي هڪ اهم اجتماعي ضرورت، يعني مرڪزي عيدگاه / جنازه گاه جي فرش بندي لاءِ استعمال ڪيا وڃن.
عيدگاهه جي وسيع ايراضي سبب شروعاتي طور فراهم ڪيل 6,000 اسڪوائر فوٽ سان صرف عيدگاه جو اندروني حصو مڪمل ٿيو
جڏھن ته پارڪنگ واري حصي جي فرش بندي مڪمل ڪرڻ لاءِ ᴍɴᴀ سيد ابرار علي شاه صاحب کي خصوصي اپيل ڪئي وئي، جنهن تي اضافي پيور بلاڪ فراهم ڪيا ويا ۽ اهڙيءَ طرح پارڪنگ واري حصي جو ڪم پڻ مڪمل ڪيو ويو.
فرش بندي جو ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ عيدگاه جي ميدان جي صفائي جو شروعاتي انتظام ۽ کاڌي پيتي جي ذميواري غلام محمد ولد فضل محمد سنڀالي ورتي.
جڏهن ته ڪم جي باقي مرحلي دوران ڪم جي نگراني، ليبر جي انتظام ۽ کاڌي پيتي جي سهولت جو انتظام غلام سرور پاران ڪيو ويو.
عيدگاه جي ميدان اندر لڳايل پيور بلاڪن کي وڌيڪ سپورٽ، مضبوطي ۽ مناسب فڪسنگ فراهم ڪرڻ لاءِ 10,000 روپين جون سرون خريد ڪيون ويون، جڏهن ته سرن جي لڳائڻ ، سيٽنگ جي مزدوري ۽ گيٽ جي مرمت سميت مجموعي خرچ 14,000 روپيا ٿيو.
اھو خرچ رفاھ عام ڪميٽي کان ادھار طور ورتو ويو
جيڪو عيدگاه جي بجيٽ مان واپس ادا ڪيو ويندو.

هي منصوبو ان ڳالھ جو عملي مثال آهي ته جيڪڏهن ڳوٺاڻا ذاتي اختلافن ۽ انفرادي مفادن کان مٿانهان ٿي، باهمي مشاورت، گڏيل رضامندي ۽ تعاون سان ڪم ڪن، ته ڳوٺ جا ڪيترائي اهم اجتماعي ۽ عوامي ڀلائيءَ وارا منصوبا آسانيءَ سان مڪمل ڪري سگهجن ٿا.
هي منصوبو ڪنهن هڪ فرد جي ڪوشش جو نتيجو نه، پر گڏيل سوچ، تعاون ۽ ڪاوشن جو ثمر آهي.

الله پاڪ اسان سڀني کي متحد ٿي، اجتماعي ڪمن ڪرڻ جي توفيق بخشي.
آمين🤲
دعاڳو: غلام سرور نانگور
جنرل ڪائونسلر
صدر: ڳوٺ نھان رفاھ عام ڪميٽي

18/07/2026
ڊاڪٽر محمد انس راڄپر صاحب سنڌالاجي جي قلمي ڪتابن واري شعبي ۾
14/07/2026

ڊاڪٽر محمد انس راڄپر صاحب
سنڌالاجي جي قلمي ڪتابن واري شعبي ۾

30/06/2026
پھرين محرم الحرام 1448 ھجري. مطابق 17 جون 2026
16/06/2026

پھرين محرم الحرام 1448 ھجري. مطابق 17 جون 2026

ست سماجي گناھمھاتما (موھن داس ڪرم چند) گانڌي ھندستان جي نامور سياستدان، مھاتما (موھن داس ڪرم چند) گانڌيءَ ، 22 آڪٽوبر 19...
10/06/2026

ست سماجي گناھ
مھاتما (موھن داس ڪرم چند) گانڌي

ھندستان جي نامور سياستدان، مھاتما (موھن داس ڪرم چند) گانڌيءَ ، 22 آڪٽوبر 1925ع تي پنهنجي هفتيوار رسالي Young India ۾ سماج ۾ ڏڦيڙ ۽ فساد جي سبب بڻجندڙ "ستن سماجي گناهن" جو ذڪر ڪيو،
سندس فڪر موجب ان جو مقصد ھي آھي ته سماج کي انهن اخلاقي خرابين کان خبردار ڪيو وڃي، جيڪي قومن جي تباهيءَ جو سبب بڻجن ٿيون. گانڌي لکيو ته انهن ڳالهين کي صرف ذهن سان نه، پر دل سان سمجهڻ گهرجي ته جيئن انهن کان بچي سگهجي. اھي ست سماجي گناھ ھن ريت آھن:

1. اصولن کان سواءِ سياست (Politics without Principle)

جڏهن سياست جو بنياد انصاف، سچائي ۽ اخلاقي اصولن بدران ذاتي مفاد، ڪوڙ ۽ طاقت تي هجي، ته اها سياست سماج لاءِ نقصانڪار بڻجي وڃي ٿي. اهڙي سياست عوام جي خدمت بدران ناجائز اقتدار حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻجندي آهي. تانتہ عوام مٿان مسلط ٿي کين چيڀاٽي.

2. محنت کان سواءِ دولت (Wealth without Work)

اهڙي دولت جيڪا ايمانداريءَ ۽ محنت کان سواءِ حاصل ڪئي وڃي، جهڙوڪ: رشوت، ڪرپشن، دوکي بازي يا ٻيا ناجائز ذريعا، اهڙي دولت سماج ۾ ناانصافي ۽ معاشي بگاڙ پيدا ڪري ٿي. گانڌي جي نظر ۾ حقيقي دولت اها آهي جيڪا جائز محنت سان حاصل ٿئي.

3. ضمير کان سواءِ خوشي (Pleasure without Conscience)

جڏهن انسان پنهنجي عيش ۽ خوشيءَ خاطر ٻين جي حقن، احساسن ۽ جذبن جو خيال نه رکي، ته اها خوشي اخلاقي طور غلط آهي. اهڙي روش انسان کي خود غرض ۽ بي حس بڻائي ٿي.

4. ڪردار کان سواءِ علم (Knowledge without Character)

تعليم ۽ علم جيڪڏهن ايمانداري، اخلاق ۽ ذميواري سان گڏ نه هجن ته اهو علم سماج لاءِ فائديمند نه رهندو. پڙهيل لکيل ماڻهو به جيڪڏهن بدعنوان ۽ بي ايمان هجي ته سندس علم نقصان جو سبب بڻجي وڃي ٿو.

5. اخلاق کان سواءِ واپار (Commerce without Morality)

واپار جو مقصد صرف نفعو ڪمائڻ نه آھي پر انصاف، ايمانداري ۽ ماڻهن جي حقن جو احترام به هجڻ گهرجي. دوکو، ملاوٽ، ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري اخلاقي واپار جي ابتڙ آهن.

6. انسانيت کان سواءِ سائنس (Science without Humanity)

سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جيڪڏهن انسان جي ڀلائيءَ بدران تباهي جو سبب ھجي، جنگ يا ظلم لاءِ استعمال ٿئي ته سائنس ۽ ان جون ايجادون اخلاقي طور خطرناڪ بڻجي وڃن ٿيون. گانڌي سائنس کي انسانيت جي خدمت سان ڳنڍيل ڏسڻ چاهيندو هو.

7. قرباني کان سواءِ عبادت (Worship without Sacrifice)

صرف رسمون ادا ڪرڻ، عمل، خدمت، تقوى ۽ قرباني نه هجڻ، گانڌي جي نظر ۾ نامڪمل عبادت آهي. سندس خيال موجب عبادت جو اثر انسان جي اخلاق ۽ ڪردار ۾ ظاهر ٿيڻ گهرجي.

حوالو:

Author: Mahatma Gandhi
Title: Young India (Weekly Journal)
Issue Date: 22 October 1925
Publisher: Navajivan Publishing House, Ahmedabad
Entry: Seven Social Sins (Seven Social Evils)

 #عيدالاضحٰي_مبارڪ
27/05/2026

#عيدالاضحٰي_مبارڪ

Shout out to my newest followers! Excited to have you onboard! Shoukat Ali Lakho, Ali Gul Rajper, Anwer Ali
20/05/2026

Shout out to my newest followers! Excited to have you onboard! Shoukat Ali Lakho, Ali Gul Rajper, Anwer Ali

ڳوٺ پير نِھان  قبرستان ۽ مرڪزي عيدگاه پير نھان ۾ گندگاه (ڊرڀ) جي خاتمي لاءِ اسپري ڪئي وئي آهي، ته جيئن صفائي ۽ سٺي ماحول...
17/05/2026

ڳوٺ پير نِھان
قبرستان ۽ مرڪزي عيدگاه پير نھان ۾ گندگاه (ڊرڀ) جي خاتمي لاءِ اسپري ڪئي وئي آهي، ته جيئن صفائي ۽ سٺي ماحول کي برقرار رکيو وڃي۔

اهم نوٽ:
ڳوٺ نِهان ۽ آسپاس جي مال چاريندڙن (ڌنارن) کي خصوصي اطلاع ڏجي ٿو ته قبرستان واري ايريا ۾ مال چارڻ کان احتياط ڪن، ته جيئن جانور ڪنهن به نقصان کان محفوظ رهي سگهن۔

Address

Mehrabpur

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Village Nihan Welfare Committee posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to Village Nihan Welfare Committee:

Shortcuts

Share