Village Ali Murad Hisbani

Village Ali Murad Hisbani Village Ali Murad Hisbani Talkua Mehar District Dadu.

ڳوٺ علي مراد ھيسباڻي.
ت?

ڳوٺ فقير علي مُراد ھيسباڻيءَ جون معزز ۽ معتبر شخصيتُون؛ مرحوم فقير مُحمد صالح ھيسباڻي ۽ فقير مينھَل ھيسباڻي.❤️
21/01/2026

ڳوٺ فقير علي مُراد ھيسباڻيءَ جون معزز ۽ معتبر شخصيتُون؛ مرحوم فقير مُحمد صالح ھيسباڻي ۽ فقير مينھَل ھيسباڻي.❤️

19/12/2025

پنهنجي اوطاق تي
ڪنڊيارو فقير گل محمد هيسباڻي جي سنگت سان ڪچهري



اسان جو ڳوٺ علي مراد ھيسباڻي (تعلقو ميهڙ، ضلعو دادو، يونين ڪائونسل سوڀو خان مگسي) سنڌ جي اُن زمين جو حصو آهي، جتي قابليت...
28/10/2025

اسان جو ڳوٺ علي مراد ھيسباڻي (تعلقو ميهڙ، ضلعو دادو، يونين ڪائونسل سوڀو خان مگسي) سنڌ جي اُن زمين جو حصو آهي، جتي قابليت، محنت ۽ عزم هر دل ۾ موجود آهي، سنڌ واقعي هڪ خزانوي ڌرتي آهي، جتي هر نوجوان پنهنجي صلاحيتن سان مُستقبل جو ڏيئو روشن ڪري رهيو آهي.

اڄ اسان لاءِ پڻ فخر جو لمحو آهي تہ اسان جي ڳوٺ جو باصلاحيت نوجوان اڪــــرم تنيو، باوجود معاشي مشڪلاتن ۽ محدود وسيلن جي، پنهنجي محنت، جدوجهد ۽ يقين سان ڪَچي ۽ وسيلن جي اڻاٺ واري علائقي ۾ رھي ڪري هڪ وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي، هن سنڌ يونيورسٽي جي داخلا ٽيسٽ ۾ شاندار نمبرن سان ڪاميابي حاصل ڪئي آھي، جيڪا صرف ڪاميابي نہ، پر هڪ نئون سنگ ميل ۽ راهہ جو نشان آهي.

اڪـــرم جو هي قدم نہ رڳو سندس ذاتي ڪاميابي آهي، پر اسان جي سڄي ڳوٺ جي نوجوانن لاءِ حوصلو، اميد ۽ ترغيب جو سرچشمو آهي۔ هن ثابت ڪري ڏيکاريو آهي تہ جيڪڏهن ارادو سچو هجي تہ وسيلن جي کوٽ ڪڏهن بہ رستو روڪي نٿي سگهي.

ياد رھي تہ اسان جي آسپاس جي ڳوٺن جا ڪيترائي نوجوان اڳ ۾ ئي مختلف يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، ڪي پنهنجي شعبن ۾ خدمتون ڏئي رهيا آهن، ۽ ڪي پنهنجي علم ۽ ڪردار سان ڳوٺ ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪري رهيا آهن.

مبارڪون پيارا اڪرم سائين. ڳوٺ علي مراد هيسباڻي تعلق ميهڙ ضلعي دادو جو هوشيار ۽ محنتي نوجوان، جنهن سنڌ يونيورسٽي جي انٽري...
27/10/2025

مبارڪون پيارا اڪرم سائين.
ڳوٺ علي مراد هيسباڻي تعلق ميهڙ ضلعي دادو جو هوشيار ۽ محنتي نوجوان، جنهن سنڌ يونيورسٽي جي انٽري ٽيسٽ سٺن نمبرن سان پاس ڪري ڪامياب ٿي ويا آهن، کيس دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪجي ٿي.
الله پاڪ وڌيڪ محنت، ثابت قدمي ۽ روشن مستقبل عطا ڪري، جيئن هو تعليم جي ميدان ۾ اڳتي وڌي ڳوٺ ۽ علائقي جو نالو وڌيڪ روشن ڪري۔

🎓 ڪـچي ۽ آس پاس جي علائقن جي شاگردن لاءِ بهترين تعليمي موقعو.....!سنڌ اڪيڊمي آف ماڊرن سائنسز، لينگويج اينڊ ڪمپيوٽر ۾ ھاڻ...
25/10/2025

🎓 ڪـچي ۽ آس پاس جي علائقن جي شاگردن لاءِ بهترين تعليمي موقعو.....!

سنڌ اڪيڊمي آف ماڊرن سائنسز، لينگويج اينڊ ڪمپيوٽر ۾ ھاڻي داخلائون جاري آھن 📚
ڪلاس: 6هين کان 12هين تائين.👉

👩‍🏫 ماهر ۽ تجربيڪار اُستادن جي نگرانيءَ ۾ پڙهايا ويندا ھيٺيان مضمون:
🔹 بايولاجي (Biology)
🔹 رياضي (Mathematics)
🔹 فزڪس (Physics)
🔹 ڪيمسٽري (Chemistry)
🔹 انگريزي (English)
🔹 ڪمپيوٽر (Computer)
🔹 داخلا ٽيسٽ جي تياري (ECAT | MCAT | LAT ۽ مُختلف ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ يونيورسٽين لاءِ).👉

📍 جاءِ: ڳوٺ صوڀو خان مگسي.
📞 رابطو:
0308-2471652 | 0303-0311685
👩 ڇوڪرين جي لاءِ الڳ ڪلاسن جو انتظام موجود آهي.👉

✨ ڪچي ۽ ڀرپاسي جي شاگردن کي گھرجي تہ ھن سونهري موقعي مان ضرور فائدو وٺن ۽ علمي صلاحيتن ۽ تخليقن جي سفر ۾ شامل ٿين.

🔹 Position: Junior  Science Teacher (BPS-14) 🔹 Posts: 1237🔹 Age Limit: 21-33 years (incl. relaxation)🔹 Location: Relevan...
01/05/2025

🔹 Position: Junior Science Teacher (BPS-14)
🔹 Posts: 1237
🔹 Age Limit: 21-33 years (incl. relaxation)
🔹 Location: Relevant districts of Sindh
📅 Last Date: 20 May 2025
💵 Fee: Rs. 1500/-
Apply Online: apply.sts.net.pk
📞 Helpline: 071-5644200 | [email protected]

اچو گڏجي وچن ورجايُون تہ ھزارين سالن کان آزاد وھندڙ سنڌوءَ تي ڪي بہ وڌيڪ آبي بندشون ۽ رڪاوٽون قبول ڪونہ آھن. سنڌوءَ تي د...
10/03/2025

اچو گڏجي وچن ورجايُون تہ ھزارين سالن کان آزاد وھندڙ سنڌوءَ تي ڪي بہ وڌيڪ آبي بندشون ۽ رڪاوٽون قبول ڪونہ آھن. سنڌوءَ تي درياهہ جو فطري حق مڃي ان سان ڪيل سمورين ناجائزين جو ازالو ڪيو وڃي ۽ اُن کي سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪرڻ وارو تاريخي وھڪري واري حق ڏنو وڃي.
سنڌو درياهہ ۾ فيڪٽرين جو زھريلو ۽ آبادين ۽ شھرن جو گدلو پاڻي ڇڏڻ بند ڪيو وڃي. سنڌو درياهہ جي آبي جيوت جي تحفظ لاءِ قانونسازي ڪئي وڃي ۽ سنڌوءَ جي ڪٺار سان سمورن تاريخي ٻيلن تان وڏيرن ۽ جاگيردارن جا قبضا ۽ غير قانوني ليزون رد ڪري ٻيلا بحال ڪيا وڃن ۽ اُن سان گڏ سنڌو درياهہ تي ناجائز اڏيل زمينداري بندن کي ختم ڪري ڪَچي جي فطري ماحول کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.
انھيءَ جي ڪري شھري اتحاد نئون ڳوٺ طرفان 14ھين مارچ درياھن جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان ريلي ڪڍي ويندي جيڪا درياھ تائين ھوندي ڳوٺ علي مُراد ھيسباڻيءَ سميت آسپاس جي، سياسي، مذھبي، استاد صاحبان، سماجي اڳواڻن، ۽ شاگردن کي ڪوٺ ڏجي ٿي.

12/02/2025

ڏُک جي خبر........😥

فقير علي مردان هيسباڻيءَ جي 14 سالہ نياڻي رضا الاھيءَ سان انتقال ڪري وئي آھي جنھن جي جنازا نماز 30 :5 بجہ ڳوٺ علي مُراد هيسباڻيءَ ۾ ادا ڪئي ويندي....!!
دعاءِ مغفرت 😥

اِنَّالِلّٰه وَاِنَّااِلَیْهِ رَاجِعُوْنَ...😢 اُستاد گُلاب تنيو جي گهر واري، ۽ علي رضا، ڪمدار شاھد رضا ۽ آصف تنيو جي اَم...
27/01/2025

اِنَّالِلّٰه وَاِنَّااِلَیْهِ رَاجِعُوْنَ...😢
اُستاد گُلاب تنيو جي گهر واري، ۽ علي رضا، ڪمدار شاھد رضا ۽ آصف تنيو جي اَمڙ، سائين انور تنيو، الھجڙيل تنيو، نظير تنيو جي ڀاڄائي سائين آڍل خان تنيو جي ڀيڻ رضا الاھيءَ سان انتقال ڪري وئي آھي. دعاءِ مغفرت.😢

جنازي نماز مقرر وقت؛ 2:00 بجہ.
تڏو:- ڳوٺ علي مُراد ھيسباڻي لڳ ڳوٺ گُلاب تنيو ۾ وڇايو ويو آھي.

مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ سائنس ٽيڪنالاجيءَ جي 28 ڪانووڪيشن ۾ Raza Ali Hisbani جو فارغ التحصيل ٿيڻ اسان جي ڳوٺ ع...
26/01/2025

مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ سائنس ٽيڪنالاجيءَ جي 28 ڪانووڪيشن ۾ Raza Ali Hisbani جو فارغ التحصيل ٿيڻ اسان جي ڳوٺ علي مراد ھيسباڻيءَ لاءِ هڪ وڏي فخر جو لمحہ آهي. Raza Ali نہ صرف پنهنجي محنت ۽ جفا ڪشيءَ سان يونيورسٽيءَ جي Mathematics شعبي مان ڪاميابي حاصل ڪئي، بلڪه هن پنهنجي ڳوٺ ۽ علائقي لاءِ هڪ روشن مثال قائم ڪيو آهي.

اڄ، جڏهن نوجوانن کي پنهنجي خوابن کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ محنت ۽ لگن سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، Raza Ali پڻ هڪ اھڙو مثال آهي جيڪو ٻين کي متاثر ڪري ٿو ۽ انهن کي اھا ھمت افزائي ڏئي ٿو ته ڪنهن به رڪاوٽ کي پار ڪري سگھجي ٿو، جيڪڏهن دل ۾ مضبوط ارادو ۽ صحيح منزل جي طرف قدم وڌايا وڃن.

اسان جو ڳوٺ ۽ ان جي آسپاس وارا علائقا اڄ به نوجوانن کي پنهنجي خوابن کي پورو ڪرڻ لاءِ پرجوش ۽ حوصلہ افزائي فراهم ڪن ٿا، ۽ Raza Ali ان جو هڪ زنده مثال آهي. اسان هن جي ڪاميابيءَ تي فخر محسوس ڪريون ٿا ۽ هن کي ۽ سندس والدين کي دل جي گهراين سان مُبارڪباد پيش ڪريون ٿا.

Raza Ali، توهان جو سفر هتي ختم ناهي، بلڪه هڪ نئين شروعات آهي. اسان توهان جي ايندڙ زندگي جي سڀني ڪاميابين لاءِ دعاڳو آھيون.

Address

Mehar

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Village Ali Murad Hisbani posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share