11/09/2026
🌹 الحمدلله! پير جهَنڊو جي سالياني خيراتي اجتماع ۽ روحاني جلسي جو پُروقار اختتام 🌹
الحمدلله، پير جهَنڊي وارن جي سالياني خيراتي اجتماع ۽ روحاني جلسي جو سلسلو خير و برڪت سان اختتام تي پهتو.
هن بابرڪت موقعي تي حضرت مولانا قاسم سومرو صاحب جو خصوصي ۽ روحاني بيان ٿيو، جنهن ۾ الله پاڪ جي وحدانيت، روحانيت، نبي ڪريم حضرت محمد ﷺ جي سيرتِ طيبه، سنت ۽ شريعتِ مطهره بابت اهم ۽ اصلاحِي ڳالهيون بيان ڪيون ويون.
مولانا صاحب پنهنجي خطاب دوران پير جهَنڊن وارن جي بزرگن جي روايتن ۽ سندن نيڪ عملن جي حوالن سان پڻ مختلف ڳالهيون بيان ڪيون، ۽ ماڻهن کي الله پاڪ جي رضا، نيڪي، محبت، اصلاح ۽ شريعت جي رستي تي هلڻ جي تلقين ڪئي.
ماشاءَالله، هن بابرڪت اجتماع ۾ سنڌ جي مختلف علائقن مان مريدن، عقيدتمندن ۽ دوستن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. هي ساليانو اجتماع مريدن ۽ مرشد جي وچ ۾ محبت، عقيدت ۽ تعلق کي تازو ڪرڻ جو پڻ هڪ خوبصورت موقعو بڻجي ٿو.
آخر ۾ پير سائين جهَنڊن وارا، پير عبادالله شاهه راشدي صاحب جي دعا سان هن بابرڪت اجتماع جو اختتام ٿيو.
🤲 الله پاڪ هن خيراتي عمل، مجلس ۽ سڀني شرڪت ڪندڙن جي حاضري کي پنهنجي بارگاهه ۾ قبول فرمائي، سڀني جي جائز مرادون پوريون فرمائي ۽ اسان سڀني کي نيڪي، محبت ۽ شريعت جي رستي تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي.
آمين يا رب العالمين 🤲🌹
ماشاءَالله، سبحان الله!