Our Real Hero's ہمارے حقیقی ہیروز

Our Real Hero's ہمارے حقیقی ہیروز for support of needy people

05/04/2026

خدا جب حسن دیتا ہے تو نزاکت آہ ہی جاتی

نوجوان طالب علم عبدال معیز صاحب سے خصوصی گفتگو

16/09/2025

گهارو: صفائي سٿرائيءَ ۾ نمايان بهتري، سيد تاج شاهه شيرازي جو ڪردار اهم

گهارو (نمائندو) گهارو شهر ۾ صفائي سٿرائي جا انتظام ضلعو ٺٽو جي ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ نمايان طور تي بهتر ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن، جنهن جو وڏو سبب ٽائون ڪاميٽيءَ جي ايماندار ۽ فرض شناس ملازم سيد تاج شاهه شيرازي صاحب قرار ڏنو پيو وڃي۔

تفصيل موجب سيد تاج شاهه شيرازي ٽائون ڪاميٽي ۾ ڪلارڪ طور ڪم ڪري رهيا آهن، پر پنهنجي سٺي ڪارڪردگي ۽ ايمانداريءَ سبب کين سينيٽري ورڪرن تي انچارج مقرر ڪيو ويو آهي۔ جڏهن ته ساڳئي ٽائون ڪاميٽيءَ مان ڪيترائي ماڻهو گهر ويهي پگهارون وصول ڪن ٿا، اتي سيد تاج شاهه شيرازي پنهنجي ذميواريءَ سان گهارو ۾ صفائي جي صورتحال بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن۔

شهرين جو چوڻ آهي ته انهن جي نگرانيءَ هيٺ صفائي جو نظام اڳ جي ڀيٽ ۾ گهڻو بهتر ٿيو آهي۔ سماجي ڪارڪن محمد علي خطڪ سنڌي پاران پڻ هڪ وڊيو رڪارڊ ڪئي وئي آهي جنهن ۾ کين خراجِ تحسين پيش ڪيو ويو آهي۔

شهرين ۽ سماجي حلقن جو چوڻ آهي ته اهڙا ايماندار ۽ فرض شناس اهلڪار اسان لاءِ فخر جو باعث آهن، ۽ انهن جي عزت ۽ احترام سڀني تي لازم آهي۔

04/09/2025

گذريل ڏهن سالن کان وٺي مفت ۾ علم جي جوت جلائيندڙ ساحلي پٽي جي آٿرڪي ڳوٺ تعلقو کاروڇاڻ سجاول ۾ رضاڪار استاد محمد يامين. نه فقط علم پر علم سان گڏ بھترين تربيت سياسي سماجي شعور ونڊي رھيو آھي جنھن جا ھزارين دوست گواھ آھن ۽ پاڻ ٻارڙن کي پھرين ڪلاس کان وٺي اٺين جماعت تائين ڳوٺ بلڪل ۾ مفت پڙھائي بعد ۾ مختلف پروگرامز تحت مختلف اسڪالرشپس جا ٽيسٽ ميرٽ تي ڏياريندو آهي ته جيئن غريب ٻارڙ پنهنجي باقي تعليم اتي وڃي جاري رکي سگھن ۽ والدين تي وزن نه پوي.
سندس ذريعا معاش زمين آھي ٻارڙن کي اسڪول ۽ ٽيوشن مفت ۾ ملندي آهي.
ھن وقت سندس ڪيترائي غريب مسڪين شاگرد ڪراچي ۽ حيدرآباد ۽ ٺٽي ۾ اسڪالرشپ تحت مختلف اسڪولز ۾ پڙھي رھيا آھن جنھن ۾ NVV اسڪول ڪراچي صدر KPS اسڪول ڪورنگي ڪراچي SMB Quaid-e-Azam public school Malir Sindh Madarsrtul ملير PSH پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۽ ٺٽي جي اسڪولز ۾ زير تعليم آهن.
اھڙن ماڻھن کي داد ملڻ کپي ۽ وڌيڪ ھٿڙا انھن جا مضبوط ڪجن ته جيئن اڃا سسٽم ھلائي سگھن.
اچو ته ٻه قدم اھڙن استادن سان ڀريون جيڪي پاڻ سڙي ٻيئن کي سھائو ڏئي رهيا آهن ۽ مستقبل کي سنوارڻ ۾ رڌل آهن صحافي اديب دانشور سماجي اڳواڻ سڀ پنھنجو فرض نڀايون.

04/09/2025

جماعت اسلامی کے 9 ٹاؤنز نے 2 سال میں 42 اسکولوں کو ماڈل اسکول بنا یا ہے
نئے ایڈمیشنز میں 7ہزار سے زائد کا اضافہ ہوا ہے۔
منعم ظفر خان امیر جماعت اسلامی کراچی

29/08/2025

زميني حقيقتون ۽ تعليم جي نالي تي ٺٽو ضلعي ۾ جاري ڪاروبار ڪندڙ اين جي اوز جو اڃا تائين نتيجو صفر

ڪل جڏهن ضلعي هيڊڪوارٽر مڪلي ۾ هڪ اين جي او طرفان تعليم جي موضوع تي پروقار تقريب جاري هئي،
عين ان وقت ٺٽو جي نامور سماجي شخصيت ۽ تعليمي رضاڪار محمد علي خٽڪ سنڌي غريب ٻارن جي مستقبل جو روندو روئي رهيو هو ۽ بي ضمير حڪمرانن جا ضمير جهنجوڙي رهيو هو۔

---

ٺٽو: انڊس ريسورس سينٽر طرفان "روشن رستا 2.0" پروجيڪٽ جو آغاز

مڪلي ۾ تعليمي ميلو ۽ پروجيڪٽ لانچنگ تقريب

ضلعي ٺٽو جي هيڊڪوارٽر مڪلي ۾ غير سرڪاري تنظيم انڊس ريسورس سينٽر طرفان روشن رستا 2.0 پروجيڪٽ هيٺ هڪ شاندار تقريب ۽ تعليمي ميلو منعقد ڪيو ويو۔
ان موقعي تي ٺٽو ۽ سجاول جي اسڪولن جي ٻارن ٽيبلو، تقريرون ۽ ٻيون سرگرميون پيش ڪيون، جڏهن ته سماجي تنظيمَن طرفان ثقافتي دستڪاري، سائنسي ماڊلز ۽ ٻين موضوعن تي اسٽال به لڳايا ويا۔

مهمانِ خاص جي شرڪت

تقريب جا مهمانِ خاص سنڌ جي صوبائي وزير زڪوات و عشر، اوقاف ۽ مذهبي امور سيد رياض حسين شاهه شيرازي هئا، جڏهن ته ايم اين اي ۽ پيپلزپارٽي ضلعي ٺٽو جي صدر صادق علي ميمن به خاص شرڪت ڪئي۔
ان موقعي تي صحافين، استادن، سول سوسائٽي ۽ سماجي تنظيمن جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔

تعليم بابت اظهارِ خيال

صوبائي وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازي پنهنجي خطاب ۾ چيو:

> "ضلعي ٺٽو تعليم جي شعبي ۾ تمام گهڻو پوئتي آهي، پر انڊس ريسورس سينٽر جي هيءَ ڪوشش زيري سنڌ ۾ پرائمري تعليم کي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي۔"

ايم اين اي صادق علي ميمن چيو:

> "تعليم جي بهتري لاءِ حڪومت سنڌ قدم کڻي رهي آهي ۽ سماجي تنظيمن جي شموليت خوش آئند آهي۔"

پروجيڪٽ جي افاديت تي روشني

انڊس ريسورس سينٽر جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ميڊم صادقہ صلاح الدين ۽ پروگرام مينيجر بخت برهاني پروجيڪٽ جي تفصيلن ۽ مقصدن بابت آگاهي ڏني۔
ٺٽو ۽ سجاول جي پروجيڪٽ مينيجر ميڊم عروج ترڪ استقباليه خطاب ڪندي مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ تقريب کي ڪامياب بڻائڻ تي پنهنجي ٽيم کي ساراهيو۔

روايتي تحفا

تقريب ۾ مهمانن کي سنڌي ثقافت جي سڃاڻپ اجرڪ جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا۔

---

هاڻي، اوهان کي ٻنهي حقيقتن (محمد علي خٽڪ جو احتجاج ۽ انڊس ريسورس سينٽر جي تقريب) جي وچ ۾ تضاد صاف نظر اچي ٿو:
هڪ پاسي زميني حقيقت آهي جتي اسڪولن جي حقيقي حالتن تي ڳالهايو وڃي ٿو، ٻارن جي تعليم جي تڪليفن تي ڌيان ڇڪايو وڃي ٿو،
ٻئي پاسي پروجيڪٽ لانچنگ تقريب آهي جيڪا تقريبن، تقريرن ۽ شو پيسن تائين محدود آهي۔

16/06/2025
15/09/2024

ٹھٹھہ ( جاوید لطیف میمن )

سندہ ميں تعلیمی نظام کو بہتر کرنے کے مطالبے پر *محمد علی خٹک سندھی* کی جہدوجہد کے مسلسل کے 10 سال ہوگئے

ہر سال کی طرح اس سال بھی 21 سیپتمر 2024 کو علامتی بلیک ڈے منانے کے لیے تقریب کا انعقاد کیا جائے گا جس میں ضلع ٹھٹھہ میں سیکڑوں زبوں حالی کے شکار اسکولز خاص طور پر دیہاتوں میں موجود بند سرکاری اسکولوں کی بندش اور تعلیم سے محروم بچوں کے حق کے لیے آواز اٹھائی جائے گی نظام تعلیم کو بہتر کرنے کے مطالبے پر محمد علی خٹک سندھی جہدوجہد کے مسلسل کے 10 سال یعنی پوری ایک دہائی مکمل لیکن افسوس کسی بھی منتخب نمائندوں اور ملکی اداروں نے کوئی نوٹس نہیں لیا ،
21 سیپتمر 2014 سے 21 سیپتمر 2024 تک مسلسل سندھ میں تعلیمی نظام میں بہتری کے لیے انوکھے انداز سے اپنے بازو پر علامتی پٹی باندھے عوام میں بیداری پیدا کرنے کے لیے دن رات کوشاں محمد علی خٹک سندھی کو خراج تحسین پیش کرتے ہیں اور محمد علی خٹک سندھی کے ساتھ اظہار یکجہتی کے طور پر 21 سیپتمر 2024 کو سندھ بھر میں بلیک ڈے منانے کی اپیل کرتے ہیں ،
تاکہ سندھ میں سالوں سے جاری ابتر تعلیمی صورتحال پر نوٹس لیا جائے ، میڈیا کے دوستوں سندھ میں تعلیم کی بہتری کلیے مسلسل 10 سالوں سےاحتجاج کرنے والے ضلع ٹھٹھہ کے سماجی نوجوان محمد علی خٹک سندھی کو تعلیم کے ابتر نظام کے خلاف آواز اٹھانے پر ٹھٹہ کی عوام کی خراج تحسين پيش

Address

Makli
73130

Telephone

+923223116250

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Our Real Hero's ہمارے حقیقی ہیروز posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to Our Real Hero's ہمارے حقیقی ہیروز:

Share