ولیج نبی بخش جتوئی لاڑکانہ

ولیج نبی بخش جتوئی لاڑکانہ NabiBuxJatoilarkana

05/08/2026
🚨 سخت مذمت ۽ فوري ڪارروائي جو مطالبو 🚨اڄ رات تقريباً 8:15 وڳي قمبر باءِ پاس، شهدادڪوٽ روڊ تي نامعلوم هٿياربندن وقار حسین...
05/07/2026

🚨 سخت مذمت ۽ فوري ڪارروائي جو مطالبو 🚨
اڄ رات تقريباً 8:15 وڳي قمبر باءِ پاس، شهدادڪوٽ روڊ تي نامعلوم هٿياربندن وقار حسین قمی جاگيراڻي کان سي ڊي 70 موٽر سائيڪل گن پوائنٽ تي ڦري ورتي ۽ آساني سان فرار ٿي ويا.
هي واقعو نه صرف هڪ معزز ديني شخصيت سان ناانصافي آهي، پر ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي تي به وڏو سوال آهي. جيڪڏهن ڏوهاري ڏينهن ڏٺي هٿيارن جي زور تي شهرين کان ڦرون ڪري بي خوف گهمن ٿا، ته پوءِ عام ماڻهو پنهنجي جان ۽ مال کي ڪيئن محفوظ سمجهن؟
اسان ضلعي انتظاميه، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کان پرزور مطالبو ڪريون ٿا ته:
مولانا وقار حسين قمی جاگيراڻي جي ڦر ٿيل موٽر سائيڪل فوري طور تي برآمد ڪئي وڃي.
هن واردات ۾ ملوث جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.
قمبر باءِ پاس ۽ شهدادڪوٽ روڊ تي گشت وڌايو وڃي ته جيئن اهڙا افسوسناڪ واقعا ٻيهر پيش نه اچن.
⚠️ واضح طور تي آگاهه ڪجي ٿو ته جيڪڏهن انتظاميه هن واقعي جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺي فوري ڪارروائي نه ڪئي، ته پوءِ اسين پنهنجو جمهوري ۽ آئيني حق استعمال ڪندي پرامن احتجاج جو مڪمل حق محفوظ رکون ٿا، جنهن جي سموري ذميواري لاڳاپيل انتظاميه تي هوندي.
امن، انصاف ۽ شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻايو.
ڏوهارين کي گرفتار ڪيو، ڦر ٿيل موٽر سائيڪل فوري طور تي واپس ڪرايو.





Address

Village: Nabi Bux Jatoi Near Zakrio Mahessar Tehsil And District Larkana
Larkana

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when ولیج نبی بخش جتوئی لاڑکانہ posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share