Sumra Ittehad Pakistan

Call Directions Contact the organization

Sumra Ittehad Pakistan Sumra community is the most populated in the world. Be a force in themselves & give each other's help
(1)

سومرا اتحاد پاڪستان ضلعو لاڙڪاڻو پاران اشرف علي سومرو جي مبينا جڙتو پوليس مقابلي ۾ قتل جي سخت مذمتسومرا اتحاد پاڪستان جي...
14/10/2026

سومرا اتحاد پاڪستان ضلعو لاڙڪاڻو پاران اشرف علي سومرو جي مبينا جڙتو پوليس مقابلي ۾ قتل جي سخت مذمت

سومرا اتحاد پاڪستان جي سينيئر اڳواڻ A.D. سومرو جي ڀاءُ اشرف علي سومرو کي اڄ صبح ٽنڊو آدم پوليس پاران مبينا جڙتو مقابلي ۾ شهيد ڪرڻ واري واقعي تي سومرا اتحاد پاڪستان ضلعو لاڙڪاڻو پنهنجي گهري ڏک ۽ ڳڻتيءَ جو اظهار ڪري ٿو.

اسان هن واقعي جي شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ جو مطالبو ڪندي، پوليس جي مبينا غيرقانوني عمل ۽ اهڙي بي رحماڻي طرزِ عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا.

اسان اعليٰ عدليا، سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل اختيارين کان پرزور مطالبو ٿا ڪريون ته هن حساس واقعي جو فوري نوٽيس وٺي جڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي، واقعي جون اصل حقيقتون عوام آڏو آنديون وڃن، ذميوارن جو قانون موجب احتساب ڪيو وڃي ۽ شهيد اشرف علي سومرو جي وارثن کي جلد انصاف فراهم ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ سومرااتحادپاڪستان ضلعو لاڙڪاڻو اهڙي ظلم ۽ جبر خلاف پنهنجو احتجاج جاري رکندو..

اسان جو مطالبو آهي ته قانون جي بالادستي يقيني بڻائي وڃي ۽ ڪنهن به بيگناهه انسان سان ناانصافي نه ٿئي.

ايڊووڪيٽ نصرالله سومرو
صدر، سومرا اتحاد پاڪستان ضلعو لاڙڪاڻو

جاويد احمد سومرو
جنرل سيڪريٽري، سومرا اتحاد پاڪستان ضلعو لاڙڪاڻو

سومرا اتحاد پاڪستان هڪ ڇٽي هيٺ، سُورھ سردار سجاد حسين خان سومرو جي قيادت ۾، سومرا برادري جي خدمت لاءِ سرفهرست آهي.اهو پڻ...
09/10/2026

سومرا اتحاد پاڪستان هڪ ڇٽي هيٺ، سُورھ سردار سجاد حسين خان سومرو جي قيادت ۾، سومرا برادري جي خدمت لاءِ سرفهرست آهي.

اهو پڻ مشاهدو ڪيو ويو آهي ته هر هڪ سومرو معزز جي دل ۾ پنهنجي سومرا قوم جي خدمت ڪرڻ، پنهنجي ڀائرن جي ڀلائي ۽ قوم جي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻ جو جذبو موجود آهي.

پر افسوس سان اهو به محسوس ڪيو ويو آهي ته ڪجھ هنڌن تي تعصب، ذاتي اختلافن يا گروهي سوچ جي بنياد تي ڌڙا ٺاهيا ويا آهن، جنهن سان اجتماعي طاقت ڪمزور ٿئي ٿي. اسان کي اهڙين ورهاستين کان مٿانهون ٿي، هڪ ٻئي جي عزت ۽ خلوص سان اڳتي وڌڻ گهرجي.

تنظيمون ۽ نالا مختلف ٿي سگهن ٿا، پر جيڪڏهن مقصد سومرا قوم جي خدمت ۽ ڀلائي آهي ته پوءِ اسان سڀني کي هڪ ٻئي جي ڪوششن جو احترام ڪرڻ گهرجي.

سومرا اتحاد پاڪستان ڪنهن به اهڙي سومري کي پنهنجو مخالف نٿو سمجهي، جيڪو قوم جي خدمت لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن ڪنهن تنظيم جا دوست ڪنهن سبب جي ڪري ٿڪجي پون يا پنهنجو سفر جاري نه رکي سگهن، ته سومرا اتحاد پاڪستان جا دروازا انهن لاءِ کليل رهندا ۽ انهن کي ڀائرن وانگر پنهنجي جيءَ ۾ جاءِ ڏني ويندي.

اچو ته تعصب ۽ ڌڙا بندي کان مٿانهون ٿي گڏيل عمل جو آغاز ڪريون. سڀئي سومرا معزز، تنظيمون، اڳواڻ ۽ نوجوان هڪ ٻئي سان رابطو وڌائين، گڏيل مشاورت ڪن ۽ سومرا قوم جي تعليم، روزگار، سماجي ڀلائي، اتحاد ۽ ترقي لاءِ گڏجي عملي قدم کڻن.

اسان جو مقصد ڪنهن کي ختم ڪرڻ نه، پر سڀني کي گڏ کڻي هلڻ آهي.

ڌڙا نه، اتحاد......اهو ڏٺو ويو آهي ته جڏهن ڪو ماڻهو تنظيم کان رُٺل يا ناراض ٿيندو آهي، ته تنظيم کي ڪمزور يا ٽوڙڻ لاءِ مخ...
29/08/2026

ڌڙا نه، اتحاد......
اهو ڏٺو ويو آهي ته جڏهن ڪو ماڻهو تنظيم کان رُٺل يا ناراض ٿيندو آهي، ته تنظيم کي ڪمزور يا ٽوڙڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪرڻ شروع ڪندو آهي. پر ڪنهن هڪ فرد جي ناراضگيءَ کي پوري تنظيم جي ورهاست جو سبب نه بڻجڻ گهرجي.
جيڪڏهن هر شعور رکندڙ ماڻهو پنهنجي ذاتي معاملي يا اختلاف کي سڌو ڪرڻ لاءِ نوان نوان سلسلا ۽ ڌڙا ٺاهيندو ۽ پاڻ کي اجتماعي پليٽ فارم کان الڳ ڪندو رهندو، ته پوءِ برادري جو مقصد ئي ختم ٿي ويندو.
اختلافِ راءِ هر ڪنهن جو حق آهي، پر اختلاف جو حل نئون ڌڙو ٺاهڻ نه، پر ڳالھ ٻولھ، مشاورت، برداشت ۽ حڪمتِ عملي سان تنظيم اندر مسئلو حل ڪرڻ آهي.
جيڪي ڌڙا صرف هڪ ماڻهوءَ جي سوچ، شخصيت يا مفاد سان ٻڌل هجن، اهي گهڻو وقت مضبوط نٿا رهي سگهن. ڇو ته هڪ ماڻهوءَ جي سوچ تي قائم ٿيل ڌڙو اڳتي هلي پاڻ به وڌيڪ ڌڙن ۾ ورهائجي سگهي ٿو.
ياد رکو! اوهان جا ٺاهيل ڌڙا، آخرڪار اوهان کي ئي ڌڙن ۾ ورهائي ڇڏيندا.
توهان ڪيترا به صاحبِ اقتدار، بااثر يا طاقتور ڇو نه هجو، جيڪڏهن پنهنجي تنظيم ۽ ماڻهن کان الڳ ٿي ويندا ته آخرڪار اڪيلا رهجي ويندا.
توهان جي سڃاڻپ گڏ رهڻ سان آهي،
توهان جي طاقت گڏ رهڻ ۾ آهي،
۽ توهان جي ڪاميابي اتحاد ۾ آهي.
سردار سجاد حسين سومرو صاحب ھڪ وسيع نظر ۽ هڪ بهترين حڪمتِ عملي رکندڙ، قوم جو ھڏ ڏوکي، هر فرد جي عزت ڪندڙ ۽ سڀني کي گڏ کڻي هلڻ وارو اڳواڻ آهي. تنظيم جي مضبوطي لاءِ ضروري آهي ته شخصي اختلافن کان مٿانهون ٿي برادري جي اجتماعي مفاد کي اوليت ڏني وڃي.
سومرا اتحاد پاڪستان ڪنهن هڪ فرد جو نه، پر سڀني سومرن جو گڏيل پليٽ فارم آهي. تنهنڪري ڪنهن به غلط فهمي، ذاتي ناراضگي يا اختلاف جي بنياد تي نوان ڌڙا ٺاهڻ بدران، موجوده اتحاد کي مضبوط ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.
رُسڻ جو علاج ڌڙو ناهي، ڳالھ ٻولھ ۽ مشاورت آهي.
اختلاف جو حل ورهاست ناهي، اتحاد ۽ حڪمتِ عملي آهي.
اچو ته ذاتي مفادن کان مٿانهون ٿي سومرا اتحاد پاڪستان کي ڇڏڻ بدران مضبوط ڪريون، ماڻهن کي ورهائڻ بدران گڏ ڪريون ۽ پنهنجي گڏيل طاقت کي وڌيڪ مضبوط بڻايون.

20/08/2026
18/08/2026

لاڙڪاڻو ايڊووڪيٽ نصرالله سومرو صدر سومرا اتحاد پاڪستان ضلعو لاڙڪاڻو جي صدارت ۾ اڄ ھنگامي اجلاس سومرا اتحاد آفيس ضلعو لاڙڪاڻو ۾ طلب ڪيو ويو. اجلاس ۾ جاويد احمد سومرو ، محمد سليم سومرو ، ڊاڪٽر عبدالحي سومرو، ڊاڪٽر ضمير حسين سومرو، ايڊووڪيٽ مھتاب حسين سومرو، نثار احمد سومرو، خورشيد احمد سومرو پڻ شرڪت ڪئي.

*سومرا اتحاد پاڪ ضلعو لاڙڪاڻو طرفان نوجوان ساجد حسين سومرو، فرزند محمد صابر سومرو تي ڪراچي ۾ منشيات فروشن طرفان ٿيل قاتلاڻي حملي ۽ ان جي نتيجي ۾ ڄنگھ ضايع ٿيڻ تي سومرا اتحاد پاڪ ضلعو لاڙڪاڻو کي دلي صدمو، غمگين ۽ غصي ۾ مبتلا آھي.

اڄ ضلعي ڪابينا جي ھنگامي ميٽنگ ۾ ھيٺيان فيصلا ڪيا ويا:

1. انتظاميا کان فوري مطالبو ڪيو ويو ته درندن کي گرفتار ڪري ڪيفرِ ڪردار تائين پھچايو وڃي ۽ عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.

2. جيڪڏھن ساجد حسين سومرو کي انصاف نه مليو ته سومرا اتحاد پاڪ ضلعو لاڙڪاڻو پاران ضلعي جي چئن ئي تعلقن - *لاڙڪاڻو، ڏوڪري، رتوديرو، باقراڻي* ۾ وقتن فوقتن احتجاجي ڪال ڏني ويندي.

اسان سموري ضلعي جي عوام، سماجي تنظيمن ۽ ميڊيا کان اپيل ٿا ڪيون ته ساجد حسين سومرو کي انصاف ڏيارڻ ۾ اسان جو ساٿ ڏين.

***مبارڪباد***شهدادڪوٽ: سورھ سردار سجاد حسين خان سومرو صاحب ۽ سردارزاده ساجد خان سومرو صاحب کي اربعين جي سعادت ۽ مختلف م...
16/08/2026

***مبارڪباد***

شهدادڪوٽ: سورھ سردار سجاد حسين خان سومرو صاحب ۽ سردارزاده ساجد خان سومرو صاحب کي اربعين جي سعادت ۽ مختلف مقدس مقامات جون زيارتون حاصل ڪري ماڳ واپس اچڻ تي ايڊووڪيٽ نصراللّٰه سومرو، صدر سومرا اتحاد پاڪستان ضلعو لاڙڪاڻو، جاويد احمد سومرو، نثار احمد سومرو، اويس مصطفيٰ سومرو ۽ برادريءَ جي ٻين معزز شخصيتن پاران گلن جا هار پارائي دلي مبارڪباد پيش ڪئي وئي.

ان موقعي تي معززن سندن لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته اللّٰه پاڪ کين اربعين جي هن مقدس سعادت جو اجر عظيم عطا فرمائي ۽ سندن سفر کي قبول فرمائي.

هوڏانهن مختلف برادرين پاران پڻ آمد، گلن جا هار پارائڻ ۽ مبارڪباد پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.

*سومرا اتحاد پاڪستان ضلعو لاڙڪاڻو**يوم آزادي جوش و جذبي سان ملهايو ويو* 🇵🇰اڄ *14 آگسٽ 2026 بروز جمعو* شام *7 وڳي* سومرا ...
15/08/2026

*سومرا اتحاد پاڪستان ضلعو لاڙڪاڻو*

*يوم آزادي جوش و جذبي سان ملهايو ويو* 🇵🇰

اڄ *14 آگسٽ 2026 بروز جمعو* شام *7 وڳي* سومرا اتحاد آفيس لاڙڪاڻو ۾ *يوم آزادي* وڏي جوش و جذبي سان ملهايو ويو.

تقريب جي آخر ۾ *ڪيڪ ڪٽيو* ويو 🎂

*سومرا اتحاد پاڪ* جي *سوين ميمبرن* ڀرپور شرڪت ڪئي.

*تقريب جي صدارت:* محترم *ايڊووڪيٽ نصرالله سومرو*
*تلاوت ۽ ڪارروائي:* محترم *جاويد احمد سومرو*
*استقباليه:* محترم *نثار احمد سومرو*

*برادري جا معززين:*
محترم *ڊاڪٽر مظھر حسين سومرو* ميمبر سنڌ ڪائونسل
محترم *رسول بخش سومرو*
محترم *پپن سومرو*
محترم *ديدار علي سومرو*
محترم *محمد سليم سومرو*
محترم *ايڊووڪيٽ مھتاب حسين سومرو*
محترم *مجاهد ممتاز سومرو*
محترم *ڊاڪٽر عبدالحي سومرو*
محترم *ڊاڪٽر ضمير علي سومرو*
محترم *محمد شفيق سومرو*
محترم *ضمير حسين سومرو*
محترم *صدورو خان سومرو*
محترم *رسول بخش* محترم *نثار احمد* محترم *واحد بخش* محترم *ھمٿ علي* محترم *مصري خان* محترم *ضمير حسين* محترم *نادر علي* محترم *نديم علي* محترم *ياسر ممتاز* محترم *غلام رسول* محترم *نويد احمد* محترم *عامر ممتاز* محترم *نور احمد* محترم *خالد حسين* محترم *ساجد علي* محترم *سراج احمد* محترم *محمد عارب*
۽ برادري جي ٻين معززين پڻ ڀرپور شرڪت ڪئي.

*اعزازي مھمان:*
محترم *الطاف حسين ابڙو* صدر سنڌ ابڙا ويلفيئر ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو.

*🟢 جشن يـومِ آزادي دعـوت 🟢**سومرا اتحاد پاڪ، ضلعو لاڙڪاڻو*  طرفان اڄ *14 آگسٽ 2026، بروز جمعو* تي *80 ھون يومِ آزادي* جو...
14/08/2026

*🟢 جشن يـومِ آزادي دعـوت 🟢*

*سومرا اتحاد پاڪ، ضلعو لاڙڪاڻو*
طرفان اڄ *14 آگسٽ 2026، بروز جمعو* تي *80 ھون يومِ آزادي* جو ڏھاڙو، پروقار تقريب ۽ ڪيڪ ڪٽنگ پروگرام منعقد ڪيو پيو وڃي.

*ھنڌ:*
سومرا اتحاد آفيس، ڊي ايم سي ڪوچ آفيس جي ڀرسان، ڪراچي روڊ، لاڙڪاڻو

*وقت:*
شام 6:00 وڳي

*صدارت:*
*ايڊووڪيٽ نصراللّٰه سومرو*
صدر، سومرا اتحاد پاڪ، ضلعو لاڙڪاڻو

سومرا برادري ۽ سڄي شهر جي عزت مآب معززين کي شرڪت جي خصوصي دعوت ڏني وڃي ٿي.
اچو ته گڏجي آزادي جو ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايون.

*وڌيڪ رابطي لاءِ:*
*جاويد احمد سومرو*
📞 0332-3477447

منتظر
*سومرا اتحاد پاڪ، ضلعو لاڙڪاڻو سٿ*

Address

Larkana-Sindh-Pakistan
Larkana
77150

Telephone

+923023477447

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sumra Ittehad Pakistan posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to Sumra Ittehad Pakistan:

Shortcuts

Share