24/03/2026
*عيد ملن پارٽي*
سومرااتحادپاڪ ضلعو لاڙڪاڻو پاران ڪالھ، 23 مارچ 2026، بروز سومر رات 8 وڳي، سومرااتحاد آفيس لاڙڪاڻو ۾ وڏي شاندار انداز سان عيد گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي، جيڪا برادري جي اتحاد ۽ محبت جو روشن مثال بڻجي وئي.
برادري جا معزز اڳواڻ ۽ مختلف شعبن سان لاڳاپيل برادري جي مانوارن ڀائرن پنهنجي حاضري سان تقريب کي وڌيڪ نمايان ۽ يادگار بڻايو. ھر ھڪ مانواري برادري کي فعال بڻائڻ لاء برادري سان پنھنجو اظھار ڪيو، ۽ پڻ اڳواڻن بہ بهترين تجويزون ۽ مشورا ڏنا.
هر سال جيان شھيد دودو سومرو جو عرس مبارڪ، جيڪو سردار سجاد حسين سومرو جي قيادت ۾ منعقد ٿيندو رھي ٿو ۽ ھن سال بہ رُوپا ماڙي، بدين ۾ تاريخ 10-11-12 اپريل 2026 تي ٿي رھيو آھي جنھن ۾ لاڙڪاڻو ضلعي طرفان ڀرپور شرڪت سان ملهايو ويندو.
تقريب دوران ايڊووڪيٽ نصراللّٰه سومرو، صدر سومرااتحادپاڪ ضلعو لاڙڪاڻو جي انتھائي محنت، قيادت ۽ برادري لاءِ لاڳيتو ڪيل خدمت جي دل سان ساراهه ڪئي وئي، جيڪا سڀني لاءِ حوصلو ۽ مثال بڻجي وئي.
اهو عيد ملن جو اجلاس نه صرف برادري جي ڀائيچاري کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اهم هو، پر سڀني لاءِ هڪ حوصلہ افزائي ۽ يادگار شام پڻ بڻجي وئي.