20/02/2026
🇮🇹JJ Future Leaders Scholarship Program 2026
سنڌ ايجوڪيشن الائنس طرفان سنڌ جي ناليواري اداري جي.جي اسڪول آف ڪنسلٽنسي جي سهڪار سان، شاگردن جي بهتر مسقبل لاءِ اسڪالرشپ پروگرام جاري ڪيو ويو آهي. جيڪو سنڌ جي پٺ تي پيل علائقن سان تعلق رکندڙ باصلاحيت ۽ محنتي شاگردن جي لاءِ آهي، ته جيئن اهي اٽلي جي معياري تعليمي درسگاهن ۾ تعليم اعليٰ حاصل ڪري سگهن.
اسين چاهيون ٿا ته سنڌ جو ايندڙ مستقبل نه فقط جديد دنيا سان همڪنار ٿئي، پر يورپ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ پڙهي پنهنجي سماج ۽ قوم جي خدمت پڻ ڪري.
تنهنڪري مالي مسئلن کي پنهنجي تعليمي خوابن جي راهه ۾ رڪاوٽ نه بڻجڻ ڏيو۔
اهليت جا شرط
• صوبي سنڌ جي ڪنهن به ضلعي جو ڊوميسائيل هجڻ لازمي آهي.
• بيچلرز ڊگري (گهٽ ۾ گهٽ 2.5 CGPA يا 60٪)
• ايڇ.اي.سي جي ڪنهن به تسليم ٿيل يونيورسٽيءَ مان ڊگري
• عمر جي حد 22 کان 28 سال
• سنڌ جي پٺ تي پيل علائقن جي نياڻين کي وڌيڪ ترجيح ڏني ويندي
وڌيڪ معلومات جي لاءِ جي جي اسڪول آف ڪنسلٽنسي جي فيس بڪ پيج کي فالو ڪيو
WhatsApp : 03340371080
Email: [email protected]