16/09/2026
جيئي سنڌ
جيئي شاگرد سياست
نااهل اسان جو مالي آ، گلشن ۾ گلن جو ڇا ٿيندو...
چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج (CMC) ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي (SMBBMU) جا شاگرد يونيورسٽي انتظاميا پاران سينٽرل ڪينٽين (CC) جي مڪمل خانگڪاري (Privatization) جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. يونيورسٽي انتظاميا شاگردن جي بنيادي سهولتن کي ڪاروبار جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي.
تصويرن ۾ واضح ٿيندڙ نوان مالي بوجھ ۽ تباهي ڪندڙ پاليسيون:
•ماههوار ۽ ساليانو اوچتو بوجھ: يونيورسٽي اڳ ۾ گئس ۽ بجلي جي سهولت ڏيندي هئي، پر نئين شرطن مطابق ٺيڪيدار کي گئس سلنڈر پاڻ آڻڻا پوندا ۽ بجلي جو بل به سب ميٽر مطابق پاڻ ڀرڻو پوندو. يونيورسٽي رڳو جڳهه ۽ پاڻي جي ڪنيڪشن جون سهولتون ڏيندي.
•مهانگائي جو سڌو اثر شاگردن تي: ٺيڪيدار يونيورسٽي کي ماهوار گهٽ ۾ گهٽ 10,000 کان 20,000 رپيا ڪرايو ڏيندو، بڊ فيس (Rs. 3,000)، ارنيسٽ مني (Rs. 50,000 کان 1,000,000) ۽ سڀئي الئڪٽرانڪ شيون، فرنيچر، فريزر پاڻ وٺندو. جڏهن ٺيڪيدار لکين رپيا سيڙپڪاري ڪندو، ته اهو پنهنجو منافعو يقيناً شاگردن کان ئي کاڌي جي شين جون قيمتون وڌائي پورو ڪندو.
•اعليٰ بولي لڳائيندڙ کي ٺيڪو: انتظاميا واضح لکيو آهي ته "Highest Evaluated Bids" کي قبول ڪيو ويندو. مطلب ته جيڪو وڌيڪ ڪرايو ڏيندو، ان کي ئي ٺيڪو ملندو. يونيورسٽي انتظاميا جي اهڙي تجارطي سوچ مان ظاهر آهي ته سندن مقصد شاگردن کي سهولت ڏيڻ نه پر يونيورسٽي مان ڪمائڻ آهي.
•معيار جو فقدان ۽ ذميواري کان فرار: يونيورسٽي پنهنجي ذميواري تان هٿ کڻي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن کاڌو سٺو نه هوندو يا شڪايت ٿيندي ته ٺيڪيدار تي رڳو 1,000 رپيا ڏنڊ لڳايو ويندو، پر ان سان سستو ۽ معياري کاڌو يقيني نٿو بڻجي سگهي.
اسان جو مطالبو آهي ته يونيورسٽي انتظاميا ان ڪاروباري پاليسي کي فوري طور واپس وٺي، ڪينٽين کي سبسڊي ڏئي شاگردن ۽ فئڪلٽي لاءِ مناسب ۽ سستا ريٽ مقرر ڪري نه، تـه سينٽرل ڪينٽين ڪڏهن به اسٽيبل نه ٿي سگهندي.
Higher Education Commission, Pakistan
Pakistan Medical & Dental Council
Sindh Government
Sindh Taraqi Pasand Students Federation STSF Unit Smbbmu
Jamiat Tulaba.e.Islam Unit SMBBMU - CMC
PRSF CMC
آل پارٽيز اسٽوڊنٽس ائڪشن ڪميٽي چمڪ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو