SPSF Shaheed Bhutto Unit CMC/SMBBMU Larkana

SPSF Shaheed Bhutto Unit CMC/SMBBMU Larkana This is official page of SPSF(S.B) unit CMC/SMBBMU. U can contact party representatives in college thru this page. So stay in touch;

This page is related to social events, festivals, awareness programes under supervision of our SPSF(S.B) unit CMC/SMBBMU.

16/08/2026

An Institution of Distractions: Where Celebrations Overtake Education at Chandka Medical College (SMBBMU)
While administrative calendars are packed with festivities, academic responsibilities remain sidelined. Over the past two weeks alone, the university administration has demonstrated remarkable energy in organizing World Breastfeeding Week events, hosting an art exhibition, and prematurely celebrating the "80th" Independence Day an eager jump ahead of the actual 79th milestone.
Yet, this flurry of public relations contrasts sharply with the core purpose of a higher education institution.
The supplementary results for 1st, 2nd, and 3rd year MBBS students remain unannounced.
Annual examinations are only a few months away, leaving students in total limbo regarding their academic standing and progression. Resources and administrative focus are aggressively funneled into ceremonial optics while basic student evaluation processes gather dust.
Rather than offering transparency when questioned about these delays, management swiftly shifts to punitive actions, using suspensions to silence legitimate student inquiries.
A university cannot function as an event management company while neglecting its fundamental obligation, educating and supporting its students. Prioritizing photo-ops over academic transparency degrades institutional integrity and unfairly jeopardizes student futures.
Higher Education Commission, Pakistan

07/08/2026

سنڌ جا شاگرد مسلسل 2 مھينن کان سراپا احتجاج آھن افسوس آھي ھن وقت تائين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن مافيا خلاف حڪومت پاران خاموشي جو اظھار اسين بحيثيت شاگرد مطالبو ڪيون ٿا جلد پوري سنڌ جي ادارن م ميرٽ بھال ڪئي وڃي ٻي صورت م پوري سنڌ سراپا احتجاج رھندي ء توھان جا رستا روڪ ڪنداسين ميرٽ لاء ھر حد پار ڪنداسين..




Movement For The Restoration of Meritocracy
Jr Zulfqar Ali Bhutto
Fayaz Hussain Shar
Imtiaz Chandio

جيئي سنڌ! جيئي لطيف!سنڌ جي ورهاست ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي.سنڌ رڳو هڪ انتظامي صوبو نه، پر هزارين سالن جي تهذيب، تاريخ، ٻ...
06/08/2026

جيئي سنڌ!
جيئي لطيف!

سنڌ جي ورهاست ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي.

سنڌ رڳو هڪ انتظامي صوبو نه، پر هزارين سالن جي تهذيب، تاريخ، ٻولي، ثقافت ۽ گڏيل قومي سڃاڻپ جو نالو آهي. سنڌ جي وحدت تي وار، سنڌ جي تاريخ، وسيلن ۽ عوام جي گڏيل وجود تي وار آهي.

انتظامي سڌارن جي ضرورت هجي ته اهي موجوده آئيني ۽ قانوني ڍانچي اندر، مقامي حڪومتن کي بااختيار بڻائي، وسيلن جي منصفاڻي ورڇ، بهتر گورننس، شفافيت ۽ ضلعي سطح تي اختيارن جي منتقلي ذريعي آڻي سگهجن ٿا. ڪنهن به صوبي کي ورهائڻ ترقي جي ضمانت ناهي؛ اصل ضرورت انصاف، ميرٽ، سٺي حڪمراني ۽ عوامي اختيارن جي مضبوط نظام جي آهي.

سنڌ جي مسئلن جو حل سنڌ کي ٽڪرن ۾ ورهائڻ نه، پر:

•ضلعي حڪومتن کي حقيقي اختيار ڏيڻ،

•تعليم، صحت ۽ روزگار تي سيڙپڪاري،

•وسيلن جي شفاف ورڇ،

۽ هر علائقي کي برابر ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ آهي.

اسان واضح اعلان ڪريون ٿا ته سنڌ جي وحدت، جاگرافيائي سالميت ۽ قومي سڃاڻپ تي ڪنهن به قسم جو سمجھوتو قبول نه ڪيو ويندو.

سنڌ هڪ هئي، هڪ آهي، ۽ هڪ رهندي.
سنڌ جي وحدت تي ڪو به سودو نامنظور!

پاران: سپاف شهيد ڀٽو يونٽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج، شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو.






Jr Zulfqar Ali Bhutto Fayaz Hussain Shar Imtiaz Chandio

06/08/2026

جيئي سنڌ
جيئي شاگرد جدوجهد

جيئن ته سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪاميٽي پاران لاڙڪاڻي ۾ ميرٽ جي بحالي لاءِ ۽ حيدرآباد ۾ احتجاج تي ويٺل شاگردن جي حمايت ۾ شاھنواز لائيبريري کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي, جنھن ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگرد تنظيمن سپاف شهيد ڀٽو ۽ PrSF پاران پڻ ڀرپور شرڪت ڪئي وئي..
اڳواڻن مطالبو ڪيو ته CCE 2024 کي ريڪنڊڪٽ ڪري,ميرٽ جي لتاڙ ۾ ملوث ماڻھن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

05/08/2026

پريس رليز

تاريخ: 5 آگسٽ 2026
لاڙڪاڻو

سپاف شهيد ڀٽو يونٽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج، ايس ايم بي بي ايم يو لاڙڪاڻو سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (SPSC) ۾ بي ضابطگين، ميرٽ جي لتاڙ ۽ نوجوانن سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿيل پرامن احتجاجي ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي.

ريلي سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري کان شروع ٿي لاڙڪاڻو پريس ڪلب تائين پهتي، جتي شاگردن، نوجوانن، مختلف شاگرد تنظيمن، سول سوسائٽي ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ميرٽ، شفافيت ۽ انصاف جي حق ۾ پنهنجو آواز بلند ڪيو.

سپاف شهيد ڀٽو يونٽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جو موقف آهي ته نوجوانن جي محنت، قابليت ۽ مستقبل سان ڪنهن به قسم جي ناانصافي هرگز قبول نه ڪئي ويندي. روزگار جا ادارا صرف ۽ صرف ميرٽ، شفافيت ۽ قانون جي بنياد تي هلڻ گهرجن، جيئن هر اهل اميدوار کي برابري جي بنياد تي پنهنجو حق ملي سگهي.

شاگردن اھو مطالبو رکيو ته سي سي اي 2024 جي امتحاني عمل بابت اٿاريل خدشن کي نظر ۾ رکندي شفاف، آزاد ۽ غيرجانبدار جاچ ڪرائي وڃي، ذميوارن کي قانون موجب جوابده بڻايو وڃي ۽ اهڙو نظام قائم ڪيو وڃي، جيڪو نوجوانن جي اعتماد جي بحالي جو سبب بڻجي.

سپاف شهيد ڀٽو يونٽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج واضح ڪري ٿو ته ميرٽ، شفافيت، آئين جي بالادستي ۽ نوجوانن جي حقن لاءِ ٿيندڙ هر جمهوري ۽ پرامن جدوجهد ۾ پنهنجو مثبت ۽ مؤثر ڪردار ادا ڪندو رهندو.

ميرٽ تي ڪو به سمجھوتو قبول ناهي.
ميرٽ بچايو، نوجوانن جو مستقبل بچايو.
جيئي سنڌ!


Jr Zulfqar Ali Bhutto Imtiaz Chandio

05/08/2026

جن قومن ۾ تعليم، شعور ۽ ميرٽ جو قدر نه ڪيو ويندو آهي، اتي جا پڙهيل نوجوان علمي ادارن ۾ نه، پر پنهنجن بنيادي حقن لاءِ رستن تي احتجاج ڪندي نظر ايندا آهن.

افسوس جو مقام آهي ته SPSC جي ٻاهران شاگردن جي احتجاجي ڪئمپ کي 13 ڏينهن گذري چڪا آهن، پر نه ذميوار عملدارن جي ضمير جاڳي آهي ۽ نه ئي سنڌ حڪومت ان معاملي کي سنجيدگي سان ورتو آهي.

ميرٽ جي لتاڙ صرف چند شاگردن سان ناانصافي ناهي، بلڪه اها سنڌ جي مستقبل، نوجوانن جي اميدن ۽ رياستي ادارن تي عوام جي اعتماد سان ناانصافي آهي. جڏهن محنت ڪندڙ نوجوانن کي سندن حق کان محروم ڪيو ويندو، تڏهن مايوسي، بيچيني ۽ نااميدي ئي جنم وٺندي.

اسان جو مطالبو واضح آهي تہ ميرٽ جو تحفظ ڪيو، شفافيت کي يقيني بڻايو ۽ SPSC جي متاثر اميدوارن سان انصاف ڪيو.

سنڌ جي هر باشعور نوجوان، شاگرد، استاد ۽ شهرين کي هن جدوجهد جو حصو بڻجڻ گهرجي، ڇو ته جڏهن ناانصافي خلاف خاموشي اختيار ڪئي وڃي ٿي، تڏهن اها خاموشي به ظلم جي ساٿ ۾ شمار ٿيندي آهي.

ميرٽ بچايو, سنڌ جو مستقبل بچايو.


Jr Zulfqar Ali Bhutto Imtiaz Chandio

📢 ميرٽ بچايو، انصاف ڏياريو!سنڌ جي باشعور نوجوانن، شاگردن، استادن، وڪيلن، صحافين، سماجي ڪارڪنن ۽ هر انصاف پسند شهري کي اپ...
04/08/2026

📢 ميرٽ بچايو، انصاف ڏياريو!
سنڌ جي باشعور نوجوانن، شاگردن، استادن، وڪيلن، صحافين، سماجي ڪارڪنن ۽ هر انصاف پسند شهري کي اپيل آهي ته SPSC CCE 2024 جي نتيجن ۾ مبينا بي ضابطگين خلاف نڪرندڙ "ريلي فار جسٽس" ۾ ڀرپور شرڪت ڪري پنهنجو آواز بلند ڪريو.
🗓 تاريخ: 05 آگسٽ 2026 (اربع)
🕔 وقت: شام 5:00 وڳي
📍سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري، لاڙڪاڻو کان پريس ڪلب لاڙڪاڻو
اچو ته گڏجي ميرٽ، شفافيت ۽ انصاف لاءِ آواز اٿاريون.
توهان جي شرڪت ئي تبديليءَ جي ضمانت آهي.
ميرٽ بچايو، سنڌ بچايو! ✊

سپاف شھيد ڀٽو يونٽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ✊



04/08/2026

اڄ ڪربلا جي شھيدن جي چاليھي جي ياد رڳو ھڪ تاريخي روايت ناھي، پر ظلم خلاف مزاحمت، حق لاءِ ثابت قدمي ۽ اصولن تي اٽل رھڻ جي علامت آھي. تاريخ ھميشه اھو ثابت ڪيو آھي تہ جبر، ڏاڍ ۽ ناانصافي ڪيترو بہ مضبوط ڇو نہ لڳن، پر آخرڪار عوامي شعور، مزاحمت ۽ سچ جي طاقت آڏو ٽِڪي نٿا سگھن. انقلابن جو بنياد ھٿيارن تي ناھي، پر باشعور انسانن، بيباڪ آواز ۽ حق تي بيٺل ضمير تي ھوندو آھي.

اڄ سنڌ جا نوجوان بہ SPSC جي آفيس آڏو ڪيترن ئي ڏينھن کان پنھنجي آئيني ۽ جائز حقن لاءِ پرامن احتجاج ڪري رھيا آھن. سندن مطالبو رڳو ايترو آھي تہ ميرٽ کي بحال ڪيو وڃي، شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي ۽ نوجوانن جي مستقبل سان کيڏڻ بند ڪيو وڃي. جڏھن ادارا خاموش رھن ۽ انصاف جا در بند ٿين، تڏھن عوام جو آواز ئي تبديليءَ جو رستو بڻجي ويندو آھي.

ڪنھن بہ قوم جو مستقبل تڏھن محفوظ ٿيندو آھي، جڏھن ان جا نوجوان خوف بدران شعور، خاموشي بدران مزاحمت ۽ مايوسي بدران جدوجھد جو رستو اختيار ڪندا آھن. ھر دور ۾ طاقت جا محل ڊھي پيا آھن، پر حق جي جدوجھد ڪڏهن شڪست نہ کاڌي آھي. اڄ بہ وقت جو سڀ کان وڏو سوال اھو ئي آھي: ڇا ادارن اندر ڪو اھڙو ضمير جاڳندو، جيڪو حق، انصاف ۽ ميرٽ جي پاسي بيھي، يا خاموشي ناانصافيءَ جي ساٿي بڻيل رھندي؟ تاريخ ھن سوال جو جواب ضرور لکندِي.

Jr Zulfqar Ali Bhutto Imtiaz Chandio

04/08/2026

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن مافيا خلاف احتجاجي تحريڪ جو بنياد رکندڙ ڪامريڊ فرمان ملگاڻي جو بيان ٻڌو ء وڌ کان وڌ شيئر ڪيو جيڪي دوست فزيڪلي احتجاج م حصو نٿا وٺي سگھن ته سوشل ميڊيا تي پنھنجو فرض نڀايو جيئن ايندڙ نسل کي اھڙي بگھڙن کان بچائي سگھجي ميرٽ بھال ڪرائي سگھجي...





Jr Zulfqar Ali Bhutto
Fayaz Hussain Shar

Address

Chandka Medical College Larkana
Larkana

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when SPSF Shaheed Bhutto Unit CMC/SMBBMU Larkana posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share