14/09/2026
بي اي ڊي سي ايڪشن ڪميٽي کي فخر سان اعلان ڪندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته اسان جي اڳوڻي صدر ۽ بي اي ڊي سي شاگردن جي ايڪشن ڪميٽي جي باني، ڊاڪٽر پارس علي کي وات ۽ ڄاڙي جي جراحي (Oral & Maxillofacial Surgery) ۾ آءِ ايم ايم پاس ڪرڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريون ٿا.
ڊاڪٽر پارس علي هميشه شاگردن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندو رهيو آهي ۽ انهن جي جائز حقن لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو آهي. هو هن وقت پنهنجي علم، قابليت ۽ محنت سان سنڌ جي عوام جي خدمت ڪري رهيو آهي.
اسان کي اميد ۽ يقين آهي ته ڊاڪٽر پارس علي اڳتي به پنهنجي محنت، ايمانداري ۽ سچائي سان پنهنجي قوم ۽ سنڌ جي عوام جي خدمت ڪندو رهندو ۽ پنهنجي قابليت کي انسانيت جي ڀلائي لاءِ استعمال ڪندو.
ڊاڪٽر پارس علي کي آءِ ايم ايم پاس ڪرڻ تي هڪ ڀيرو ٻيهر دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. 🌹🎓
بي اي ڊي سي شاگردن جي ايڪشن ڪميٽي