SDSWO Unit Lakhi

SDSWO Unit Lakhi Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from SDSWO Unit Lakhi, Community Center, Soomra Muhalla Lakhi Ghulam Shah, Lakhi.

جرنل حميد گل فائونڊيشن تعلقي لکي جي طرفان مليل دعوت موجب شھيد دودو سومرو ويلفئير آرگنائيزيشن يونٽ ٽاؤن لکي جي وفد عبدالح...
03/08/2025

جرنل حميد گل فائونڊيشن تعلقي لکي جي طرفان مليل دعوت موجب شھيد دودو سومرو ويلفئير آرگنائيزيشن يونٽ ٽاؤن لکي جي وفد عبدالحفيظ سومرو، عبدالباسط سومرو، عبدالرزاق سومرو، ادا اصغر سومرو، عبدالقيوم سومرو ۽ ٻين دوستن صدر ادا فيض محمد سومرو جي اڳواڻي ۾ لکي جي هڪ مقامي ھوٽل ۾ رٿيل پروگرام ۾ شرڪت ڪئي. پروگرام ۾ فائونڊيشن جي اڳوڻي صدر شھيد نادر منگي کي ڀيٽا پيش ڪندي جرنل حميد گل فائونڊيشن صوبي سنڌ جي جنرل سيڪيٽري عبدالجبار سومري فائونڊيشن جي ڪمن ۽ شھيد دودو سومرو ویلفئیر آرگنائزیشن جي آئنده سهڪار جي بابت ڳالھ ٻول ڪئي.

اڄ بتاريخ 28 اپريل تي شهيد دودو سومرو ويلفئیر آرگنائیزیشن يونٽ لکي جي عهديدارن ۽ الشفا ويلفئیر ٽرسٽ جي عملي جي وچ ۾ ميٽن...
28/04/2025

اڄ بتاريخ 28 اپريل تي شهيد دودو سومرو ويلفئیر آرگنائیزیشن يونٽ لکي جي عهديدارن ۽ الشفا ويلفئیر ٽرسٽ جي عملي جي وچ ۾ ميٽنگ ٿي گذري جنهن ۾ 7 مئي تي لکي اسٽينڊ ويجهو آغا انور خان پٺاڻ ويلفئیر ٽرسٽ اسپتال ۾ اکين جي ڪيمپ لڳراڻ تي اتفاق ڪيو ويو ۽ ڪيمپ ۾ لکي جي عوام لاء مفت دوائون، چشمن ۽ آپريشن ڪرائڻ لاء به اتفاق ڪيو ويو.

ڪلھ بروز جمع چاچا فيض محمد سومرو جي صدارت ۾ شھید دودو سومرو ویلفیئر آرگنائزیشن یونٽ ٽاؤن لکي جي عيد گڏجاڻي جو پروگرام ٿي...
05/04/2025

ڪلھ بروز جمع چاچا فيض محمد سومرو جي صدارت ۾ شھید دودو سومرو ویلفیئر آرگنائزیشن یونٽ ٽاؤن لکي جي عيد گڏجاڻي جو پروگرام ٿي گذريو جنهن جي شروعات ادا اصغر قرآن شريف جي تلاوت سان ڪئي ان کان بعد گڏجاڻي ۾ تنظيم کي منظم ڪرڻ ۽ نوجوانن کي روزگار ڏيڻ بابت ڳالھ ٻول ٿي. جنھن تي فائنانس سيڪريٽري عبدالحفيظ سومرو ۽ نائب سينئیر صدر سائین ڀليڏنو سومرو تنظيمي ڪمن کي زور ڏياري ڪم ڪرڻ جي هدايت ۽ يقين ڏهاڻي ڏني.

شھید دودو سومرو ویلفیئر آرگنائزیشن پاران ڳوٺ جي عوام جي خدمت لا۽ مفت اکين جي ڪيمپ هڻڻ لا۽ به رٿابندي ڪئي وئي جيڪا انشاء الله اپريل مهيني ۾ لڳائي ويندي.
گڏجاڻي جي سونهن کي وڌائيندي ادا اصغر سومرو، معظم علي سومرو، عبد القیوم سومرو، ظھير احمد سومرو، شبیر احمد سومرو، سعيد احمد سومرو، عبدالباسط سومرو ۽ ٻين دوستن شرڪت ڪئي.

Address

Soomra Muhalla Lakhi Ghulam Shah
Lakhi

Telephone

+923063828631

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when SDSWO Unit Lakhi posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share