Desert and Rural Development Organization Taluka khipro Dist: Sanghar

  • Home
  • Pakistan
  • Khipro
  • Desert and Rural Development Organization Taluka khipro Dist: Sanghar

Desert and Rural Development Organization Taluka khipro Dist: Sanghar قلم جي روشني سان ٿو اجالو ٿئي وِچار،
تعليم آهي ترقيءَ جو واحد سهارو يار.

لاٽ ٻرندي رهي ساٿ ھلندو رهي

13/08/2025

"اسڪول شاه لطيف چلڊرن اڪيڊمي هٿونگو جي هيڊ ماسٽر سائين شوڪت علي ۽ ان اسڪول جي استاد ۽ شاگردن 14 آگسٽ جو ڏينهن ملائي رهيا آهن."

12/08/2025

آرٽيفيشل انٽيليجنس ٽيڪنالاجي جي مدد سان موئن جو دڙو تهذيب جي هڪڙي جهلڪ

07/08/2025
اسان وٽ تعلقه کپرو ۾ آئي بي اي ڪميونٽي ڪاليج جي سخت ضرورت آهي, اسانجي تعلقه کپرو جا لڳ ڀڳ 2 هزار شاگرد ڪاليج ليول جي تعل...
04/08/2025

اسان وٽ تعلقه کپرو ۾ آئي بي اي ڪميونٽي ڪاليج جي سخت ضرورت آهي, اسانجي تعلقه کپرو جا لڳ ڀڳ 2 هزار شاگرد ڪاليج ليول جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ عمرڪوٽ ،حيدرآباد، ڪراچي جو رخ ڪندا آھن

هِڪَ معياري ڪاليج نه ھجڻ سبب اسانجي تعلقه کپرو ۾ اڪثريت گرلس/نياڻيون ڪاليج ليول جي ريگيولر تعليم حاصل ناهي ڪري سگهنديون آھن

اسان سڀني کي ھن دفعا تعلقه کپرو ۾ تعليم جاگرتا مهم هلائڻ کپي جيئن اسان هن تعليمي سال ۾ گرلس ايجوڪيشن کي وڌائڻ لاء ڪوششون ڪيون

تعليم ئي روشني آهي، جيڪا انسان کي اونداهين مان ڪڍي روشني ڏانهن وٺي ويندي آهي."تعليم انسان کي صرف پڙهڻ ۽ لکڻ نه پر سوچڻ، ...
02/08/2025

تعليم ئي روشني آهي، جيڪا انسان کي اونداهين مان ڪڍي روشني ڏانهن وٺي ويندي آهي."
تعليم انسان کي صرف پڙهڻ ۽ لکڻ نه پر سوچڻ، سمجهڻ ۽ صحيح فيصلا ڪرڻ جي طاقت ڏئي ٿي.قومون تڏهن ترقي ڪن ٿيون، جڏهن انهن جو هر ٻار تعليم حاصل ڪري."
تعليم ڪنهن ملڪ جو سڀ کان وڏو هٿيار آهي، جنهن سان اهو دنيا کي تبديل ڪري سگهي ٿو." – نيـلسـن منڊيلا
تعليم اهو خزانو آهي، جيڪو خرچ ڪرڻ سان گهٽ نه ٿو ٿئي، پر وڌندو آهي."
تعليم سان ئي ماڻهو پاڻ کي، پنهنجي سماج کي ۽ دنيا کي بهتر بڻائي سگهي ٿو."
تعليم انسان جي اندر خواب ڏسڻ، انهن کي سمجهڻ ۽ انهن کي حقيقت بڻائڻ جو حوصلو پيدا ڪري ٿي."
هڪ پڙهيل لکيل ماءُ پوري نسل کي سنواري سگهي ٿي."
تعليم غربت، جاهليت ۽ شدت پسندي جو سڀ کان بهتر علاج آهي."
جيڪڏهن توهان هڪ سال لاءِ فصل چاهيو ٿا ته ٻج پوکيو، پر جيڪڏهن سو سالن لاءِ قوم جي واڌاري جو ارادو آهي ته تعليم تي ڌيان ڏيو."

نوٽ: ٿر پبلڪ اسڪول جکرو خان هنڱورجو جي تباهي – هڪ اجتماعي ناڪاميٿر پبلڪ اسڪول جکرو خان هنڱورجو، جيڪو 2016ع ۾ قائم ٿيو، غ...
01/08/2025

نوٽ: ٿر پبلڪ اسڪول جکرو خان هنڱورجو جي تباهي – هڪ اجتماعي ناڪامي

ٿر پبلڪ اسڪول جکرو خان هنڱورجو، جيڪو 2016ع ۾ قائم ٿيو، غريبن، هارين، مزدورن ۽ عام ماڻهن جي ٻارن لاءِ هڪ روشني جو مينار هو. اهو اسڪول انهن ماڻهن لاءِ هڪ نعمت بڻجي آيو هو، جن لاءِ تعليم رڳو خواب هئي. ڪيترن ئي غريب گھرانن جا ٻار هن اسڪول مان علم حاصل ڪري پنهنجي زندگي بدلائي، استاد بڻيا، ڪلارڪ، سپاهي، يا ڪنهن به ڪارآمد شعبي سان واڳيل ٿيا. اسڪول انهن جو سهارو هو، سندن مستقبل جي اميد هو.
پر افسوس، اڄ اهو ئي اسڪول تباهه ۽ برباد ٿي چڪو آهي. نه رڳو عمارت خستہ حال آهي، پر اندر جو سڀ سامان، ڪتاب،پکا، تختيون، ميزون، ڪرسيون، سڀ ڪجهه غائب آهي. اسڪول، جيڪو علم جي آستانه هو، هاڻ ويران بڻجي ويو آهي. اهو سوال ته اٿجي ٿو ته آخر ان تباهي جو ذميوار ڪير آهي؟
سڌيءَ ريت ڏسجي ته ان تباهيءَ ۾ خود ڳوٺ جي به اصطلاح “چڱن مڙسن” جو هٿ آهي. اهي ماڻهو جيڪي پاڻ کي ڳوٺ جا ذميوار، بااخلاق، ۽ اڳواڻ چون ٿا، اهي ئي ان اداري جي حفاظت ڪرڻ بجاءِ خاموش تماشائي بڻيل رهيا. ڪن جي غفلت ته ڪن جي بي حسيءَ سبب، اسڪول تباهه ٿي ويو.

مطلب آهي ته اسان پنهنجي ايندڙ نسلن کي اڻپڙهيل، مجبور ۽ ڪمزور ڇڏي رهيا آهيون.

اچو ته هاڻ به دير نه ڪيون، پنهنجي ذميواري قبول ڪريون، اسڪول جي بحالي لاءِ گڏجي ڪوشش ڪريون، پنهنجن ٻارن لاءِ علم جو در کي بند ڪندا، اهو ثابت ڪري ڏيکاريون ته اسان علم ڪونه پيرايو
ٻيا ڇو علم پيراين. اسان جو معاشرو ڇو اڳتي نڪري. توھان ته چور ۽ چورن جا پيء آھيو .

Pakistan Peoples Party - PPP
Sindh Education Foundation, Government of Sindh

12/07/2025

"سياڻن جو چوڻ آهي ته: 'جنهن دشمن سڃاتو تنهن کان جنگ فتح ڪئي، ۽ جنهن سڃڻ سڃاتا تنهن سچي جنگ فتح ڪئي.'"
جيڪو ماڻهو پنهنجي دشمن کي سڃاڻي ٿو (سمجهي ٿو)، اهو جنگ کٽي وٺي ٿو. ۽ جيڪو ماڻهو پاڻ کي سڃاڻي ٿو، اهو اصل ۽ حقيقي معنيٰ ۾ جنگ کٽي وٺي ٿو.

بارش ۾ پنهنجي بنگلن م ويهي فيس بڪ تي"هيپي رم جهم " رکڻ وارا توکي ڪهڙي خبر ته ڪکاون گهرن م رهندڙ غريبن جي مٿان ڪهڙي قيامت...
08/07/2025

بارش ۾ پنهنجي بنگلن م ويهي فيس بڪ تي
"هيپي رم جهم " رکڻ وارا توکي ڪهڙي خبر ته ڪکاون گهرن م رهندڙ غريبن جي مٿان ڪهڙي قيامت گذرندي آ
اي منهنجا مالڪ غريب مسڪين لاچار ماروئڙن جي پارت اٿئي 😢
08.july.2022

07/07/2025

انسانيت جو مطلب آهي هر انسان سان احترام، محبت ۽ رواداري سان پيش اچڻ، چاهي هو ڪنهن به نسل، مذهب يا طبقي سان تعلق رکندو ھجي:
انسانيت جا مثال:
غريبن ۽ ضرورتمندن جي مدد ڪرڻ، ظلم خلاف آواز اٿارڻ،
امن ۽ برداشت کي فروغ ڏيڻ.
انسانيت ئي آهي جيڪا اسان کي خودغرضي ۽ نفرت کان مٿي اٿاري ٿي ۽ ياد ڏياريندي آهي ته اسان سڀ هڪ ئي انساني خاندان جو حصو آهيون.

02/07/2025

زندگي هڪ خدا جي ڏنل نعمت آهي زندگي ڏک سک جو حصو آهي جنهن کي هر حال ۾ قبول ڪرڻو پوي زندگي جي اهميت ائين آهي جئين بکايل کي ماني جي اهميت جئين اڃايل کي پاڻي جي اهميت زندگي هڪ حسين لمحو آهي جنهن کي کلي گذارجي امن محبت پيار ۽ انسانيت جو نالو زندگي آهي ،

01/07/2025

جهالت جو پهريون وار هميشه علم جي درسگاهن تي ٿيندو آهي ــ هي اسانجي سماج جي هڪ تلخ حقيقت آهي۔
تعليم ڪنهن به سماج جو بنيادي ٿنڀ هوندي آهي، ۽ جڏهن ان ٿنڀ کي ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، ته سمجهي وٺو ته صرف اسڪول يا ڪاليج جو دروازو بند نٿو ٿئي ــ پر سڄي قوم جو مستقبل اونداهين ڏانهن ڌڪجي ٿو.

🔥 جهالت جو پهريون وار علم تي ڇو؟

1. 📚 علم آزادي ڏئي ٿو ــ ۽ ظالم هميشه آزاد سوچ کان ڊڄي ٿو۔

تعليم تي حملو صرف عمارت يا ادارو ٽوڙڻ ناهي ــ بلڪه هي قوم جي ترقي، ايندڙ نسلن جي اميد، ۽ روشنيءَ جي سفر تي حملو آهي۔

ان ڪري، تعليم بچايو ــ ته جيئن مستقبل بچي سگهي۔

Address

Hathungo Sindh
Khipro
68330

Telephone

+923263080829

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Desert and Rural Development Organization Taluka khipro Dist: Sanghar posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to Desert and Rural Development Organization Taluka khipro Dist: Sanghar:

Share