Mangi's welfare association sindh balouchistan

Mangi's welfare association sindh balouchistan Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Mangi's welfare association sindh balouchistan, Non-Governmental Organization (NGO), Kashmore.

07/05/2026

شرم ڪيو شرم ڪيو اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪمپني وارا شرم ڪيو ۽ سنڌ حڪومت کي گهرجي ت ڪي پي ۽ بلوچستان حڪومتن وانگر جئرت مندانون فيصلو ڪري انشورنس جا پئسا ۽ ب ف جا پئسا ريٽائرڍ ملازمن کي ڏيارايا وڃن ۽ اهي پئسا پگهارن مان ڪٽوتي ٿيل آهن ۽ ملازمن جا ذاتي پئسا آهن اهو ملازمن جو حق آهي جيڪو نٿو ڏنو وڃي ڪي پي ۽ بلوچستان ڏين ٿا افسوس اسان جي پ پ پ وارا سنڌ ۾ اسٽيٽ لائيف انشورنس وارن جي ملي ڀڳت مان نٿا نڪرن ۽ انشورنس ڪمپني ملازمن جا پئسا هڙپ ڪيون ويٽي آهي جنهن ۾ سنڌ حڪومت ب برابر جي شريڪ آهي ملازمن جا پئسا واپس نٿا ڪيا وڃن هن وقت مهنگائي جي دور ۾ ت ڪجه خيال ڪيو موجوده ملازم جيڪي رٽائرمنٽ جي قريب آهن ۽ رٽائرڍ ٿيل ملازمن کي حق ڏنو وڃي جيئن مالي مشڪلاتون دور ٿي سگهن ۽ ڪي پي ۽ بلوچستان جي حڪومتن وارن فيصلن وانگر فيصلو ڪيو وڃي ظلم بند ڪيو سنڌ جي ملازمن سان الله جي لاٺي بي آواز اٿو رٽائرڍ ملازمن کي پنهنجا ڪٽوتي ٿيل انشورنس جا پئسا واپس ڪريو هڪ پاڪستان ۾ هڪ قانون تي هلو ۽ عمل ڪيو

07/05/2026

محترم ڊاڪٽر دانش بشير منگي صاحب ، جيڪو شڪارپور سان تعلق رکي ٿو، هن پنهنجي محنت، لگن ۽ علمي قابليت جي بنياد تي قانون جي شعبي ۾ پي ايڇ ڊي مڪمل ڪئي آهي۔
هاڻي هو هن وقت سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي لا ڊپارٽمينٽ ۾ ڊائريڪٽر طور پنهنجون ذميواريون نهايت هي پيشاورانه مهارت سان نڀائي رهيو آهي۔
ڊاڪٽر دانش بشير منگي جي هيءَ ڪاميابي سندس ذاتي محنت جو نتيجو آهي، پر پوري شڪارپور ضلعي ۽ سنڌ بلوچستان جي منگي برادري لاءِ به فخر جو باعث آهي۔ سندس علمي خدمتون، تحقيق ۽ نوجوانن لاءِ هڪ روشن مثال آهن، سندس جون تعليم جي ميدان ۾ خدمتون اڳتي وڌڻ جو حوصلو پڻ ڏين ٿيون۔
اسان دعاڳو آهيون ته الله تعاليٰ کيس وڌيڪ ڪاميابيون عطا فرمائي ۽ هو پنهنجي علم ۽ صلاحيتن سان معاشري جي خدمت ڪندو رهي۔

🌹🌹🌹🌹🌹🌹🌹🌹🌹🌹🌹🌹🌹🌹
03/05/2026

🌹🌹🌹🌹🌹🌹🌹🌹🌹🌹🌹🌹🌹🌹

01/05/2026

منگي ز ويلفيئر ايسوسيئيشن سنڌ بلوچستان طرفان چڪ جي ڀرسان منگي برادري جي زمين تي قبضو ڪندڙن خلاف وسوارا فورن نوٽيس وٺن ۽ ڏاڍ ڪنڌڙن کي قانون جي گرفت ۾ آڻي غريب منگن کي انصاف فورن ڏياري اسين گهرو وزير ،آء جي ،ڍي آء جي ۽ ايس پي شڪارپور کي چئون ٿا ت قانون مطابق ايڪشن کڻي ظالمن کي ظلم کان روڪي ۽ مظلومن کي انصاف مهيا ڪيو وڃي وانگار وهندڙن تي ب ايڪشن کنيو وڃي

💐💐💐💐💐💐💐💐💐💐💐💐💐💐
01/05/2026

💐💐💐💐💐💐💐💐💐💐💐💐💐💐

سائين محترم عبدالحميد منگي هڪ اهڙي عظيم ادبي شخصيت جو مالڪ آهي، جنهن ھميشه پنهنجي قلم وسيلي لفظن کي زندگي ڏني ۽ احساسن ک...
20/04/2026

سائين محترم عبدالحميد منگي هڪ اهڙي عظيم ادبي شخصيت جو مالڪ آهي، جنهن ھميشه پنهنجي قلم وسيلي لفظن کي زندگي ڏني ۽ احساسن کي نئين سڃاڻپ بخشي.
سندس لکڻين ۾ سمايل فڪر، جذبا ۽ سچائي نه صرف پڙهندڙن جي دلين کي ڇھيو آهي، پر ادب جي دنيا ۾ به هڪ الڳ مقام قائم ڪيو آهي. اهڙي بي مثال شخصيت کي جنم ڏينهن جي موقعي تي انيڪ واڌايون،
الله پاڪ اوهان کي صحت، تندرستي ۽ کوڙ ساريون خوشيون عطا فرمائي آمين،
پاران، منگيز ويلفيئر ايسوسيئيش سنڌ بلوچستان

13/04/2026

سائين عبدالمجيد منگي صاحب جي فرزند وڪيل بابر علي منگي جي وليمه گيدرنگ ۾ اڳوڻي وزير اعلي سنڌ سائين قائم علي شاهه جي خصوصي شرڪت، ان موقعي تي پري پري کان ڪھي آيل پرين پيارن جون ھڪ ٻي سان ملاقاتون ۽ محبتن جي ونڊ دوران محفوظ ڪيل ڪجھ لمحا، دوستن سان شيئر. 💓

منگي(ز) ويلفيئر ايسوسيئيشن سنڌ بلوچستان جي مرڪزي سينيئر نائب صدر محترم عبدالمجيد منگي صاحب جي نوجوان فرزند وڪيل بابر علي...
13/04/2026

منگي(ز) ويلفيئر ايسوسيئيشن سنڌ بلوچستان جي مرڪزي سينيئر نائب صدر محترم عبدالمجيد منگي صاحب جي نوجوان فرزند وڪيل بابر علي منگي جي وليمه گيدرنگ جي شاندار ۽ پُروقار تقريب خيرپور ميرس جي شادي قلعہ حال ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ منگي ويلفيئر جي چيئرمين فقير علي ڏنو خان منگي صاحب، ڪو چيئرمين غلام جيلاني منگي صاحب، ڊاڪٽر ماجد حسين منگي صاحب، عاشق حسين منگي صاحب، منظور حسين منگي صاحب، آفتاب احمد منگي صاحب اعجاز احمد منگي صاحب ۽ ضلعي اڳواڻ، دادو مان محمد عرس منگي صاحب، خيرپور مان تاج محمد منگي صاحب ۽ وڪيل محمد حنيف منگي صاحب عبدالستار منگي صاحب ، نوشھرو فيروز مان خالد حسين منگي صاحب، سکر مان غلام علي منگي صاحب ۽ آفاق احمد منگي صاحب، روھڙي مان غلام ياسين منگي صاحب، شڪارپور مان تاج محمد منگي صاحب ۽ نوجوان شعیب احمد منگي، جيلاني ھائوس خيرپور جي ترجمان سائين لعل بخش خان منگي صاحب سميت سياسي و سماجي شخصيات پڻ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي آيل سياسي سماجي اڳواڻ ۽ معزز مھمانن نوجوان گھوٽ وڪيل بابر علي منگي صاحب کي سنڌي اجرڪون ۽ گلن جا ھار ۽ ڪَنڊيون پارائي شادي جون مبارڪون ڏنيون، اِن موقعي تي محفوظ ڪيل ڪجھ يادون سڄڻن سان شيئر، 💐

31/03/2026

1پهرين اپريل رات 12 بجا کان شروع ٿيو آهي

اها آهي اڄ جي بريڪنگ نيوز سان آگاهي اپريل فول کي وڌيڪ تفصيل سان لکجي ٿوڪنهن جي ب خبر کي سچ ن سمجهندا ان ڪري
جو اپريل فول ملهائڻ لاء ڪوڙو ميسيج ڪندا يا پنهنجا ب زباني ڪوڙي خبر ڏئي پريشان ڪندا ۽ مزو يعني تفريح وٺندا ڀلي پوء ڪنهن جو سر وڃي يا دل جو دورو پويس تمام ميسيج يا خبر جي تسديق ڪندا ڇو جو خدانخواستا ڪو اڻوڻندڙ وقعو ب ٿي سگهي ٿو تنهن ڪري هوشيار ۽ باخبر رهو پهرين اپريل رات 12 بجي کان شروع ٿي ويو آهي تمام منگي ڀائر ٿيو هوشيار پورو ڏينهن ب خيال ڪجو وري رات 12 بجي پهرين اپريل ختم ٿي ويندو پوء سک جو ساه کنيو ويندو الله توهان ۽ اسان تي اسان سڀني مسلمانن تي پنهنجو خاص رحم فرمائي ظالمن جي ظلم کان دشمن جي شر کان محفوظ رکي

منگي(ز)ويلفيئر ايسوسيئيشن سنڌ بلوچستان جي مرڪزي ڪو چيئرمين محترم غلام جيلاني منگي، نوجوان راحيل احمد منگي، جنيد احمد منگ...
23/03/2026

منگي(ز)ويلفيئر ايسوسيئيشن سنڌ بلوچستان جي مرڪزي ڪو چيئرمين محترم غلام جيلاني منگي، نوجوان راحيل احمد منگي، جنيد احمد منگي ۽ جميل احمد منگي پاران منگي ويلفيئر جي مرڪزي اڳواڻ سائين عبدالمجيد منگي صاحب سان سندس رھائشگاھ تي پھچي ساڻس ملاقات ڪئي ۽ عيد جون مبارڪون پڻ ڏنيون، گيدرنگ بعد برادري جي ڪجھ معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ به ٿي، جنھن بعد ڪھي آيل معزز ڀائرن کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪون اوڍائي مان ڏنو ويو، ماشاء الله

شڪارپور جي منگي برادري جو ميڙاڪو فقير علي ڏنو منگي صاحب چيئرمين منگي ز ايسوسيئيشن سنڌ بلوچستان  جي اوطاق سڳيون تي جنهن ۾...
22/03/2026

شڪارپور جي منگي برادري جو ميڙاڪو فقير علي ڏنو منگي صاحب چيئرمين منگي ز ايسوسيئيشن سنڌ بلوچستان جي اوطاق سڳيون تي جنهن ۾ عبدالمجيد منگي سينئر نائب صدر ،عاشق حسين منگي گمبٽ تاج محمد منگي پڻ موجود هئا ان کان علاوه ،گل حسن منگي مشتاق حسين منگي شاهنواز منگي مير حسين منگي رياض حسين ۽ ان سان آيل منگي ڀائر ۽ اربيلو سان آيل ڀائر ۽ معزز آيل مشير شخصيتون ٻنهي ڌرين جون پڻ موجود هيون مشيرن جي متفق ن ٿيڻ تي فيصلو ملتوي ڪيو ويو

Address

Kashmore

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Mangi's welfare association sindh balouchistan posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share