22/09/2026
سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن (سگا) جي ڊسمبر 2024 جي چونڊن ۾ ميمبر آف ڪائونسل جي ٿورن سان جئين مون کي سيڪريٽري اطلاعات جي اهم ذميواري ڏني وئي، ته مون پنهنجي پوري صلاحيت ۽ ايمانداريءَ سان اها ڪوشش ڪئي آهي ته هن شعبي کي جديد تقاضائن موجب نه صرف بهتر بڻايو وڃي پر ان کي وڌيڪ فعال پڻ ڪيو وڃي. سگا جي مرڪزي ساٿين جا لک قرب جن مون کي "ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ سينٽر" جو ڪنوينر پڻ مقرر ڪيو، جنهن سان هن تنظيم لاءِ منهنجن خدمتن جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪري ڇڏيو.
ذميواري سنڀالڻ کان پوءِ سڀ کان پهريان رامپا پلازا ڪراچي جي 10 هين منزل تي واقع آفيس کي نئين سر بهتر بڻايو ويو. اتي سالن کان پيل تاريخي رڪارڊ کي انتهائي سليقي ۽ ترتيب سان رکيو ويو، جنهن سان هڪ اعليٰ معياري ۽ فعال آفيس قائم ٿي. ان کان پوءِ جديد دور جي تقاضائن کي سامهون رکندي، ساٿين سان جلد رابطي ۽ تنظيم جي سرگرمين کي عوام تائين پهچائڻ لاءِ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جهڙوڪ فيس بوڪ ۽ واٽس اپ جو اثرائتو استعمال شروع ڪيو ويو.
ڊجيٽل آرڪائيو ۽ جديد ميڊيا جو استعمال
سگا جي 54 سالن جي طویل تاريخ ۽ رڪارڊ کي هميشه لاءِ محفوظ ڪرڻ لاءِ هڪ وڏو قدم کنيو ويو آهي. هن سلسلي ۾ سڄي تاريخي رڪارڊ جي اسڪيننگ ڪرائي پئي وڃي. ان سان گڏوگڏ، پراڻن وڊيوز کي جديد MP4 فارميٽ ۾ ڪنورٽ ڪرائي پنهنجو يوٽيوب چينل ٺاهيو ويو آهي، جتي اهي تاريخي وڊيوز اپلوڊ ڪيون پيون وڃن. ان کانسواءِ، تنظيم جي سرگرمين کي دنيا جي سامهون بهترين انداز ۾ آڻڻ لاءِ انسٽاگرام ۽ ايڪس (X / Twitter) اڪائونٽ پڻ ڪاميابيءَ سان ٺاهيا ويا آهن.
هن سموري ڪم جي دوران سيڪريٽري جنرل سائين علي حسين بروهي جو خاص طور تي شڪرگذار آهيان، جن هر قدم تي رهنمائي ۽ ڀرپور سهڪار فراهم ڪيو. اڄ آفيس ۾ سينئر مئنيجر سيف الله ڀٽو سان انهن سمورن معاملن ۽ جديد تقاضائن تي تفصيلي ڪچهري ٿي، جن کي جديد معلومات ۽ ٽیڪنالوجي تي مڪمل عبور حاصل آهي.
انشاءَ الله! هي سڀ اسڪين ٿيل رڪارڊ ۽ قيمتي وڊيوز جلد ئي سگا جي سڀني ساٿين ۽ عام ماڻهن تائين پهچنديون، جيڪو سنڌي ادب، تعليم ۽ تاريخي تحقيقات جي ميدان ۾ هڪ اهم سنگميل ثابت ٿيندو.
احمد حسن پنهور
سيڪريٽري اطلاعات سگا