All Mahesar Ithad آل مھيسر اتحاد

All Mahesar Ithad آل مھيسر اتحاد All Mahesar Ithad Page

24/05/2026
دعا جي اپيل محترم سائين قبله الحاج حاجي غلام ياسين خان مهيسر صاحب  جيڪي قومِ مهيسر جو فخر ۽ قيمتي اثاثو آهن  تن جي لاءِ ...
22/05/2026

دعا جي اپيل
محترم سائين قبله الحاج حاجي غلام ياسين خان مهيسر صاحب جيڪي قومِ مهيسر جو فخر ۽ قيمتي اثاثو آهن تن جي لاءِ بارگاههِ ايزديءَ ۾ عاجزانه دعا آهي تہ الله پاڪ، کين مڪمل شفاياب، دائمي تندرستي ۽ عافيت عطا فرمائي۔
شال ربِّ ڪريم هر تڪليف دور فرمائي، کين صحتِ ڪاملہ سان نوازِي، ۽ سندن سايو قوم مٿان هميشه سلامت رکي۔
آمين يا رب العالمين۔

اِنَّالِلّٰہِ وَاِنَّااِلَیہِ رٰجِعُونڏک جي خبر ميھڙ شھر جي معزز شخصيت   اڳوڻو چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي وڏيرو رياض احمد مھ...
22/05/2026

اِنَّالِلّٰہِ وَاِنَّااِلَیہِ رٰجِعُون
ڏک جي خبر
ميھڙ شھر جي معزز شخصيت اڳوڻو چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي وڏيرو رياض احمد مھيسر ڪجھ عرصو بيمار رھڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو.

25/04/2026

پيرجوڳوٺ: ڳوٺ حافظ سڄڻ مهيسر جي رهواسين جو حملي آور جوابدارن جي گرفتاري لاء احتجاجي مظاهرو

جتوئي برادري جي هٿياربندن گهرن تي حملا ڪري اسان جي ماڻهن کي زخمي ڪيو، بهه جي کوڙن باهه ڏئي ساڙيو، پر پوليس ڪابه ڪارروائي نه ٿي ڪري : مظاهرين

ايس ايڇ او برادي جتوئي طالب جوڻيجو هٿ سان برادري تڪرار ڪرائڻ چاهي ٿو، حملي آور جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: مهيسر برادري

23/04/2026

پيرڳوٺ ڀرسان ڳوٺ حافظ سڄڻ مهيسر ۾ جوابدارن حملو ڪري هڪ ڄڻي مجيب عرف مجن مهيسر کي ڪهاڙيون ء ڏنڊا هڻي زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي علاج لاء پيرڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو

ان سلسلي ۾ متاثرن مجن مهيسر ء ٻين احتجاج ڪندي چيو ته جتوئي برادري جو چوپايو مال فصل ۾ پيو مال کي فصل مان ڪڍڻ جوابدار حاجي جتوئي، مولا بخش، قاسم، گلزار جتوئي ء ٻين هٿيارن سان گهرن تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي ڪهاڙيون ء ڏنڊا هڻي هڪ ڄڻي کي زخمي ڪيو آهي اهڙي رپورٽ برادي جتوئي ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي پر پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آهي جنهنڪري جوابدار ٻيهر حملن جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن اهڙي صورتحال ڪري سخت پريشان آهيون هنن ايس ايس پي خيرپور کان گهر ڪئي ته حملي آورن کي فوري طور گرفتار ڪري انصاف ء تحفظ فراهم ڪيو وڃي

22/04/2026

#سجاول جوڻيجو
سجاول جوڻيجو ڀرسان ڳوٺ بکر مھيسر جي رهواسين پاران لاڙڪاڻي شهر جي حيدري پوليس خلاف نوجوان کي مبينا طور ٽي ڏينهن اڳ ناحق کنڀي گم ڪرڻ کان پوءِ جڙتو مقابلي ۾ قتل ڪرڻ خلاف احتجاج ڪندي نوجوان جي وارثن صدر پاڪستان اعلي عدليا وزير اعلي سنڌ ۽ آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪرائي ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

🥰🥰🥰🥰صدقے یا رسول اللّٰہ صلی اللّٰہ علیہ وآلہ وسلّم،، الصلاۃ والسلام علیک یا سیدی یارسول اللّٰہ وسلّم علیک یا حبیب اللّٰہ
17/03/2026

🥰🥰🥰🥰صدقے یا رسول اللّٰہ صلی اللّٰہ علیہ وآلہ وسلّم،، الصلاۃ والسلام علیک یا سیدی یارسول اللّٰہ وسلّم علیک یا حبیب اللّٰہ

17/03/2026

پنهنجي در تي سڏي پنهنجا قرب ڪري

ميھڙ قاضي عارف انالله وانااليہ راجعون مرحوم محمدسليمان مھيسر سيڪريٽري جي زال  نوشاد احمد مھيسر جي امڙ ۽ محمدعلي مھيسر جي...
15/02/2026

ميھڙ قاضي عارف
انالله وانااليہ راجعون
مرحوم محمدسليمان مھيسر سيڪريٽري جي زال نوشاد احمد مھيسر جي امڙ ۽ محمدعلي مھيسر جي چاچي ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي آھي
جنھن جي جنازه نماز صبح جو11 بجي عيدگاه ۾ ادا ڪئي ويندي ، تڏو موبلنڪ ٽاور لڳ مھيسر پاڙي ۾ ڪيوويو آهي

لاڙڪاڻي جي باصلاحيت ۽ محنتي نياڻي ثانيه مهيسر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو Combined Competitive Examination (CCE) 2023 ڪاميابي...
03/02/2026

لاڙڪاڻي جي باصلاحيت ۽ محنتي نياڻي ثانيه مهيسر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو Combined Competitive Examination (CCE) 2023 ڪاميابي سان پاس ڪري مختيارڪار بڻجي وئي آهي، جنهن سان نه صرف مهيسر خاندان پر سموري لاڙڪاڻي شهر جو نالو روشن ٿي ويو آهي.
ثانيه مهيسر مرحوم اياز حسين مهيسر (اڳوڻو واپڊا ملازم) جي نياڻي آهي، جنهن پنهنجي مرحوم والد جو خواب پورو ڪندي اعليٰ سرڪاري عهدي تائين پهچي تاريخ رقم ڪئي آهي، ثانيه جو چوڻ آهي ته سندس والد جو خواب هو ته سندس نياڻي مقابلي وارو امتحان پاس ڪري آفيسر بڻجي، جنهن لاءِ هن ڏينهن رات محنت ڪئي.
ثانيه مهيسر جو چوڻ هو ته “منهنجو والد اڄ جسماني طور اسان سان گڏ ناهي، پر روحاني طور هو هميشه مونسان گڏ رهيو آهي، ۽ يقين آهي ته منهنجي هن ڪاميابي تي هو بيحد خوش هوندو.”
واضح رهي ته ثانيه مهيسر پنهنجي عملي زندگي جي شروعات اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ استاد طور ڪئي، جتان پوءِ هن SPSC جو امتحان پاس ڪري ٽائون آفيسر طور خدمتون سرانجام ڏنيون، ۽ هاڻ تازو CCE 2023 ڪاميابي سان پاس ڪري مختيارڪار بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو آهي۔
ثانيه مهيسر وڌيڪ چيو ته ڪاميابي جو هي سفر هتي ختم ناهي ٿيو، پر انشاءَالله اڃان اڳتي به جاري رهندو، ۽ هوءَ پنهنجي ذميدارين کي ايمانداري ۽ خدمت جي جذبي سان نڀائيندي رهندي.
ثانيه مهيسر جي هن شاندار ڪاميابي تي رشتيدارن، دوستن ۽ شهرين پاران ڀرپور مبارڪون ۽ نيڪ تمنائون ڏنيون پيون وڃن، جڏهن ته لاڙڪاڻي جي نياڻي ٻين ڇوڪرين لاءِ به هڪ زبردست مثال بڻجي سامهون آئي آهي.

Address

Karachi

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when All Mahesar Ithad آل مھيسر اتحاد posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share