Sindhi Sath Fuuast-AHC

Sindhi Sath Fuuast-AHC Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Sindhi Sath Fuuast-AHC, Nonprofit Organization, Karachi.

مذمتسنڌي شاگرد سٿ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي دوستن تي جماعت اسلامي جي شاگرد ونگ طرفان داخل ڪرايل ڪوڙي ايف آءِ آر جي، سنڌي سٿ و...
30/07/2026

مذمت

سنڌي شاگرد سٿ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي دوستن تي جماعت اسلامي جي شاگرد ونگ طرفان داخل ڪرايل ڪوڙي ايف آءِ آر جي، سنڌي سٿ وفاقي اردو يونيورسٽي عبدالحق ڪيمپس، سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي.

تعليمي ادارا هميشه علم، شعور ۽ پرامن ماحول جا مرڪز رهيا آهن، جتي شاگرد پنهنجي علمي ۽ فڪري صلاحيتن کي نکاريندا آهن. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ڪجهه عنصر پنهنجن ذاتي ۽ سياسي مفادن خاطر تعليمي ماحول کي دانسته طور خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

سنڌي شاگرد سٿ جي ساٿين تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ هڪ سوچي سمجهي سازش آهي، جنهن جو مقصد سنڌي شاگردن جي جائز آواز کي دٻائڻ ۽ انهن ۾ خوف جي فضا پيدا ڪرڻ آهي. اهڙا غير جمهوري ۽ انتهاپسند عمل ڪنهن به صورت ۾ قبول جوڳا ناهن.

سنڌي سٿ واضع طور اعلان ڪري ٿي ته شاگردن جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ ڪو ڏوهه ناهي، ۽ نه ئي اهڙن ڪوڙن حربن سان سنڌي شاگردن جي حوصلي کي ڪمزور ڪري سگهجي ٿو.

اسان لاڳاپيل اختيارين کان پرزور مطالبو ڪريون ٿا ته
هي بي بنياد ايف آءِ آر فوري طور ختم ڪئي وڃي ۽ تعليمي ادارن ۾ امن، برداشت ۽ جمهوري قدرن کي يقيني بڻايو وڃي.

انفارميشن سيل
سنڌي سٿ
وفاقي اردو يونيورسٽي عبدالحق ڪيمپس

مذمتي بيانسنڌي سٿ، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شاگردن ۽ سنڌي شعبي جي استادن تي جمعيت جي ڪارڪنن پاران ٿيل مبينا تشدد جي سخت ...
09/07/2026

مذمتي بيان

سنڌي سٿ، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شاگردن ۽ سنڌي شعبي جي استادن تي جمعيت جي ڪارڪنن پاران ٿيل مبينا تشدد جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي. تعليمي ادارن ۾ تشدد، دهشتگردي ۽ خوف جي فضا پيدا ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ٿي ڪجي.

سنڌي سٿ زخمي شاگردن ۽ استادن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي ۽ گڏوگڏ اھو مطالبو پڻ ڪري ٿي ته ذميوارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ سنڌي شاگردن ۽ استادن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.

سنڌي سٿ هن ڏکئي وقت ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شاگردن ۽ استادن سان گڏ بيٺل آهي ۽ سندن هر جمهوري ۽ قانوني جدوجهد جي مڪمل حمايت جاري رکندي.

انفارميشن سيل
سنڌي سٿ
وفاقي اردو يونيورسٽي عبدالحق ڪئمپس، ڪراچي

جيئي سنڌ، جيئي لطيفجيئن ته وفاقي اردو يونيورسٽي، ڪراچي  ۾ MPhil ۽ PhD جي داخلائن جو آغاز ٿي چڪو آھي. جنھن جي آخري تاريخ ...
07/07/2026

جيئي سنڌ، جيئي لطيف

جيئن ته وفاقي اردو يونيورسٽي، ڪراچي ۾ MPhil ۽ PhD جي داخلائن جو آغاز ٿي چڪو آھي. جنھن جي آخري تاريخ 20 جولائي 2026 آھي. داخلا جي مرحلي ۾ ڪنهن به قسم جي معلومات لاءِ سنڌي سٿ جي داخلا ڪميٽي سان رابطو ڪري سگهجي ٿو، داخلا ڪميٽي بنا ڪنهن لوڀ لالچ جي سنڌي شاگردن، شاگردياڻين جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ هميشه اڳ کان اڳڀري رهندي

وڌيڪ معلومات ۽ رابطي لاءِ:

ايڊميشن ڪميٽي

ساگر تبسم راڄپر : 03263838523
امن لغاري : 03283430975

سنڌي سٿ، وفاقي اردو يونيورسٽي، عبدالحق ڪئمپس، ڪراچي

حق موجود، جيئي سنڌ جيئي لطيف، جيئي شاگرد جدوجهدوفاقي اردو يونيورسٽي جي استادن پاران پنهنجن جائز مطالبن جي حق ۾ ڪيل احتجا...
10/06/2026

حق موجود، جيئي سنڌ جيئي لطيف، جيئي شاگرد جدوجهد

وفاقي اردو يونيورسٽي جي استادن پاران پنهنجن جائز مطالبن جي حق ۾ ڪيل احتجاج ۽ ڪلاسن سميت امتحانن جي بائيڪاٽ واري فيصلي کي اسان سمجهون ٿا ته اهو انهن مسئلن جو نتيجو آهي، جيڪي گهڻي عرصي کان حل طلب آهن. استادن ۽ ملازمن جا حق محفوظ ٿيڻ گهرجن، ڇو ته هڪ مضبوط تعليمي نظام لاءِ استادن جو مطمئن ۽ بااختيار هجڻ انتهائي ضروري آهي.

ساڳئي وقت سنڌي سٿ شاگردن جي نمائنده تنظيم هجڻ جي حيثيت سان ان ڳالهه تي به ڳڻتي ظاهر ڪري ٿي ته ڪلاسن ۽ امتحانن جي معطلي سبب شاگردن جي تعليمي سرگرمين تي منفي اثر پوندو. اڳ ئي تعليمي سيشن مختلف مسئلن سبب متاثر رهيو آهي، تنهن ڪري وڌيڪ دير شاگردن جي علمي مستقبل، ڊگري پروگرامز ۽ پيشاورانه منصوبابندي لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿي.

وائيس چانسلر طرفان ڪجھ وقت اڳ ۾ اڪيڊمڪ ڪائونسل جي اجلاس ۾ شعبن جي لاءِ مخصوص تعداد رکيو هيو، جنهنجي تحت ڪو به شعبي پنهنجو تدريسي سلسو هلائي يا روڪي سگهي ٿي. جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ داخلائون جو جواز ڏياري سنڌي شعبي جي بي ايس چار سالا پروگرام کي هن سال نه هلايو ويو آهي جڏهن ته ساڳي جڳه تي اردو شعبي ۾ گهٽ داخلائن باوجود به اتي تدريسي عمل جاري آهي، جنهنجو جواز اھو پيا ڏيارين ته ادارو اردو جي نالي تي آهي ان ڪري اردو شعبي تي تعداد وارو قانون لاڳو نه ٿيندو. پر سنڌي سٿ جو چوڻ آهي ته جي اگر ادارو اردو جي نالي تي آهي ته پوءِ هي ڪئمپس به سنڌ جي اندر آهي ۽ اتي سنڌي شعبي تي بندشون هڻڻ نه صرف سنڌي ٻولي کان انڪار آهي پر سنڌ جي هزارن سالن جي تاريخ تي پڻ ھڪڙو وار آهي.

ان سان گڏوگڏ به ڪيترا ئي مسئلا آھن جنهن کي انتظاميه حل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي، نه صاف ماحول آ، ڪلاس رومز ۾ ضرورت جون شيون مڪمل نه آھن، پيئڻ جي صاف پاڻي جي سھولت به شاگردن کي مهيا ناهي. لاڳاپيل ادارن کي هن معاملي تي نظر وجهڻ گهرجي ۽ فوري طور تي انهن سَڀني مسئلن جا حل ڳولهيا وَڃن

اسان يونيورسٽي انتظاميا، چانسلر ، پرو چانسلر ، وائيس چانسلر ۽ لاڳاپيل ادارن سميت استادن جي نمائندن کي اپيل ڪريون ٿا ته هو فوري طور سنجيده ڳالهين جو آغاز ڪن، استادن ۽ ملازمن جا جائز مطالبا جلد منظور ڪيا وڃن، ۽ اهڙو حل ڳوليو وڃي جيڪو هڪ طرف استادن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائي ۽ ٻئي طرف شاگردن جي تعليمي بھتري لاءِ ھجي

سنڌي سٿ جو يقين آهي ته تعليم سان لاڳاپيل هر ڌر جي حقن جو احترام ۽ مسئلن جو بروقت حل ئي يونيورسٽي جي بهتري ۽ شاگردن جي روشن مستقبل جي ضمانت آهي.

انفارميشن سيل:
سنڌي سٿ
وفاقي اردو يونيورسٽي ڪئمپس ڪراچي.

حق موجود، جيئي سنڌ، جيئي لطيفاڄ 18 مئي 2026 تي سنڌي سٿ جي تربيتي ڪميٽي طرفان "نوجوانن ۾ وڌندڙ خودڪشين جا رجحان: سبب ۽ حل...
18/05/2026

حق موجود، جيئي سنڌ، جيئي لطيف

اڄ 18 مئي 2026 تي سنڌي سٿ جي تربيتي ڪميٽي طرفان "نوجوانن ۾ وڌندڙ خودڪشين جا رجحان: سبب ۽ حل" جي موضوع تي هڪ ليڪچر پروگرام منعقد ڪيو ويو.

پروگرام ۾ سنڌ جي نوجوانن کي درپيش معاشي، سماجي ۽ ذهني مسئلن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ۽ اُنهن سببن جو جائزو ورتو ويو جيڪي نوجوانن کي مايوسي، بي وسي ۽ خودڪشين جهڙن خطرناڪ رجحانن ڏانهن ڌڪي رهيا آهن.

هن ويهڪ ۾ محترم غني عاجز پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي نوجوانن جي ذهني دٻاءَ، بيروزگاري، سماجي اڪيلائپ ۽ رياستي بي ڌيانيءَ بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. گڏوگڏ سنڌي سٿ جي تربيت ڪميٽي جي ميمبر مسعود ڦُل پڻ موضوع جي مختلف پهلوئن تي پنهنجا ويچار پيش ڪيا.

پروگرام ۾ شاگردن، دوستن ۽ علم سان دلچسپي رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جتي سوالن جوابن ۽ خيالن جي ڏي وٺ ذريعي موضوع کي وڌيڪ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. سنڌي سٿ اھو عزم ٿي ورجائي ته نوجوانن جي لاءِ، سنڌي قوم ۽ سنڌ جي شاگردن جي هر وقت پاڻ پتوڙيندي رهندي ۽ عملي ڪم ۾ اڳ کان اڳڀري رهندي

انفارميشن سيل:
سنڌي سٿ
وفاقي اردو يونيورسٽي عبدالحق ڪئمپس ڪراچي

حق موجود، جيئي سنڌ جيئي لطيفسنڌي سٿ جي تربيتي ڪاميٽي طرفان "نوجوانن ۾ وڌندڙ خودڪشين جا رجحان: سبب ۽ حل"جي موضوع تي هڪ لي...
16/05/2026

حق موجود، جيئي سنڌ جيئي لطيف

سنڌي سٿ جي تربيتي ڪاميٽي طرفان "نوجوانن ۾ وڌندڙ خودڪشين جا رجحان: سبب ۽ حل"جي موضوع تي هڪ ليڪچر پروگرام منعقد ڪيو ويو آهي.

هن ويهڪ ۾ اُنهن معاشي، سماجي ۽ ذهني مسئلن تي تفصيلي ڳالهايو ويندو، جيڪي سنڌ جي نوجوانن کي مايوسي، بي وسي ۽ خودڪشين جهڙن عملن ڏانهن ڌڪي رهيا آهن.

هن ويهڪ ۾ اسان سان گڏ هوندا محترم غني عاجز، جيڪي ھن معاملي جي مختلف پهلوئن تي ڳالهه ٻولهه رکندا، اُنھن سان گڏ تربيتي ڪميٽي جا ميمبر مسعود ڦُل پڻ پنهنجي خيالن جا اظهار ڪندا.

سڀني دوستن، شاگردن ۽ علم جي چاهيندڙن کي شرڪت جي ڪوٺ ڏجي ٿي.

تاريخ: 18-05-2026
ڏينهن: سومر، 12:00 بجي
جڳهه: سنڌي سٿ اسٽينڊ

انفارميشن سيل:
سنڌي سٿ، وفاقي اردو يونيورسٽي عبدالحق ڪئمپس ڪراچي

جيئي سنڌ جيئي لطيف جيئي شاگرد سياستسنڌ جي انقلابي شعور جي سگهاري آواز، ڌرتيءَ جي دردن کي لفظن ۾ امر ڪندڙ عظيم شاعر ماما ...
12/05/2026

جيئي سنڌ جيئي لطيف جيئي شاگرد سياست

سنڌ جي انقلابي شعور جي سگهاري آواز، ڌرتيءَ جي دردن کي لفظن ۾ امر ڪندڙ عظيم شاعر ماما جمن دربدر جي جنم ڏينهن تي سنڌي سٿ پاران کيس ڀيٽا پيش ڪجي ٿي.

ماما جمن دربدر پنهنجي شاعريءَ، فڪر ۽ جدوجهد وسيلي سنڌ جي قومي سڃاڻپ، آزاديءَ جي احساس ۽ ڌرتيءَ سان محبت کي هر دل تائين پهچايو. سندس لفظن ۾ رڳو شاعري نه، پر سنڌ جي درد، مزاحمت ۽ اميد جي صدا سمايل آهي. هن پنهنجي سڄي حياتي سنڌ جي بقا، قومي شعور ۽ سائين جي ايم سيد جي فڪر جي واڌ ويجهه لاءِ وقف ڪري ڇڏي.

ماما جمن دربدر انهن بيباڪ ڪردارن مان هڪ هو، جنهن جبر، ڏاڍ ۽ غلاميءَ آڏو جهڪڻ بدران قلم کي مزاحمت جو هٿيار بڻايو ۽ سنڌ جي نوجوانن ۾ قومي سجاڳيءَ جي باهه روشن ڪئي.

انفارميشن سيل:

سنڌي سٿ، وفاقي اردو يونيورسٽي عبدالحق ڪئمپس، ڪراچي.

12/05/2026

مذمت

محمد علي جناح يونيورسٽي ۾ ڪجهه سنڌي شاگردن جي جبري داخلا منسوخ ڪرڻ ۽ ڪجهه شاگرد ساٿين تي 1 سال يا 6 مهينن تائين يونيورسٽي ۾ داخلا تي پابندي لڳائڻ واري عمل جي سنڌي سٿ سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي.

اهڙو فيصلو نه صرف شاگردن جي بنيادي تعليمي حقن جي ڀڃڪڙي آهي، پر سندن مستقبل سان پڻ هڪ خطرناڪ کيڏ برابر آهي. مخصوص وقت تائين تعليمي سفر تي پابندي لڳائڻ سبب شاگردن جي تعليم جو اهم وقت ضايع ٿيندو، سندن علمي سفر متاثر ٿيندو ۽ ذهني پريشانيون پڻ وڌنديون. تعليمي ادارن جو ڪم شاگردن کي تعليم ۽ رهنمائي فراهم ڪرڻ آهي، نه ڪي سندن مستقبل تي تالا لڳائڻ.

محمد علي جناح يونيورسٽي جي انتظاميا کي گهرجي ته هو سنڌي شاگردن سان ٿيندڙ ناانصافيون فوري طور ختم ڪري، منسوخ ڪيل داخلائن جا فيصلا واپس وٺي ۽ پابنديون هٽائي. جيڪڏهن انتظاميا پنهنجا غير منصفاڻا فيصلا واپس نه ورتا ۽ پنهنجو قبلو درست نه ڪيو ته پوءِ سنڌ جا شاگرد سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو چتاءُ ڏين ٿا، جنهن جي سموري ذميواري يونيورسٽي انتظاميا تي هوندي.

سنڌي سٿ
وفاقي اردو يونيورسٽي، عبدالحق ڪيمپس، ڪراچي

جيئي سنڌ، جيئي شاگرد سياستپريس رليزاڄ 11 مئي، سومر جي ڏينهن، سنڌي سٿ جي تربيتي ڪاميٽي طرفان “اردو آبادي جو سوال” جي عنوا...
11/05/2026

جيئي سنڌ، جيئي شاگرد سياست

پريس رليز

اڄ 11 مئي، سومر جي ڏينهن، سنڌي سٿ جي تربيتي ڪاميٽي طرفان “اردو آبادي جو سوال” جي عنوان هيٺ هڪ اسٽڊي سرڪل منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ شاگردن ۽ ميمبرن شرڪت ڪئي.

اسٽڊي سرڪل دوران موضوع جي تاريخي، سماجي، لسانياتي ۽ سياسي پاسن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. تربيتي ڪاميٽي جي ميمبر مسعود ڦل ۽ جنيد پنهنجي خيالن ۾ واضح ڪيو ته اردو آبادي جو سوال سنڌي قوم جي اجتماعي وجود، تاريخي سڃاڻپ ۽ قومي حقن سان ڳنڍيل آهي. هنن چيو ته “مهاجر قوم” جو تصور رڳو چند اردو ڳالهائيندڙن جي سياسي سوچ تائين محدود آهي، جڏهن ته عام اردو ڳالهائيندڙ پاڻ کي سنڌ جي سماجي ۽ ثقافتي وجود جو حصو سمجهن ٿا ۽ پنهنجي سڃاڻپ کي سنڌ سان جوڙين ٿا. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ آبادي، ٻولي، وسيلن جي ورڇ ۽ سياسي نمائندگي جا سوال گڏيل سماجي حقيقتن سان لاڳاپيل آهن، تنهن ڪري انهن کي سنجيده مطالعي وسيلي سمجهڻ جي ضرورت آهي.

آخر ۾ دوستن پنهنجي راءِ پيش ڪئي ۽ سوال جواب جي ويهڪ پڻ ٿي، جنهن ۾ پي آر ايس ايف جي ساٿي رضا محمد به تفصيلي خيال پيش ڪيا ۽ موضوع جي مختلف پاسن تي روشني وڌي۔ شرڪت ڪندڙن پنهنجي سوالن ۽ تجزين ذريعي بحث ۾ سرگرم حصو ورتو، جنهن سبب ويهڪ وڌيڪ بامقصد ۽ فڪري بڻجي وئي.

سنڌي سٿ ان موقعي تي ان عزم جو اظهار ڪيو ته شاگردن جي علمي، فڪري ۽ سماجي اوسر لاءِ اهڙيون مطالعاتي ويهڪون ۽ اسٽڊي سرڪل مستقبل ۾ پڻ باقاعدگي سان منعقد ڪيا ويندا.

تربيتي ڪميٽي، سنڌي سٿ، وفاقي اردو يونيورسٽي عبدالحق ڪئمپس، ڪراچي.

سنڌي سٿ جي تربيتي ڪاميٽي طرفان "اردو آبادي جو سوال" جي موضوع تي ھڪ اسٽڊي سرڪل منعقد ڪيو ويو آهي. سڀني دوستن، شاگردن ۽ عل...
10/05/2026

سنڌي سٿ جي تربيتي ڪاميٽي طرفان "اردو آبادي جو سوال" جي موضوع تي ھڪ اسٽڊي سرڪل منعقد ڪيو ويو آهي.
سڀني دوستن، شاگردن ۽ علم جي چاهيندڙن کي شرڪت جي ڪوٺ ڏجي ٿي.

تاريخ: 11-05-2026
ڏينهن: سومر، 12:00 بجي
جڳهه: سنڌي سٿ اسٽينڊ.
سنڌي سٿ، وفاقي اردو يونيورسٽي عبدالحق ڪئمپس ڪراچي

Address

Karachi

Telephone

+923013687289

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindhi Sath Fuuast-AHC posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to Sindhi Sath Fuuast-AHC:

Shortcuts

Share