All Sindh Mahar Foundation

All Sindh Mahar Foundation آل سنڌ مھر فاؤنڊيشن ھڪ غيرسياسي ۽ صرف سماجي تنظيم آھي،ھ Ptcl No. 02132215545
Email :[email protected]

آل سنڌ مھر فاؤنڊيشن ھڪ غيرسياسي ۽ صرف سماجي تنظيم آھي،ھي تنظيم مھر برادري جي ھڪ اھڙي تنظيم آھي جيڪا ھر ھنڌ مھر برادري جي ترجماني ڪري ٿي ۽ ھن تنظيم ۾ نه پاڙي جو فرق ، نه پيري مريدي جو فرق ، نه مسلڪ جو فرق ۽ نه وري ڪو علائقائي فرق آھي،ڪراچي کان ڪمون شھيد ، ڪراچي کان ڪمشور ، ڪراچي کان ڪارونجھر ، ڪراچي کان ڪاڇو سميت رھندڙ ھر مھر جو برابري جو حق آھي

پاران:
ترجمان ، آل سنڌ مھر فاؤنڊيشن

Mobile # 03333

208083

Office # 404 , 4th Floor Pak Bait Ul Qayyam Building Haqqani Chowk I I Chundrigar Road Karachi.

هن عيد جي موقعي تي هڪ خاموش پيغام۔جتي ديوار جي هڪ پاسي قرباني جي گوشت تي بار بي ڪيو پارٽيون ۽ دعوتون هلي رهيون هجن ۽ ديو...
28/05/2026

هن عيد جي موقعي تي هڪ خاموش پيغام۔

جتي ديوار جي هڪ پاسي قرباني جي گوشت تي بار بي ڪيو پارٽيون ۽ دعوتون هلي رهيون هجن ۽ ديوار جي ٻي پاسي غريب خاندان جا ٻار خالي چلهه ڀرسان بکيا ويٺل هجن،اتي اسان کي سوچڻ گهرجي ته قرباني صرف جانور جي نه پر پنهنجي نفس، لالچ ۽ بيحسي جي به ٿيڻ گهرجي۔

عيد جي خوشين ۾ پنهنجن اوڙي پاڙي،مسڪينن ۽ ضرورت مند ماڻهن کي به شامل ڪريو،ڇو ته الله وٽ سڀ کان خوبصورت عيد اها آهي جنهن ۾ ڪنهن جي بک ختم ٿئي ۽ ڪنهن جي چهري تي مُرڪ اچي۔

الله پاڪ اسان سڀني کي انسانيت، احساس ۽ ورهائڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ آمين

ننڍڙي مدد به ڪنهن جي زندگيءَ ۾ وڏي تبديلي آڻي سگهي ٿي اچو ته اهڙو سماج ٺاهيون، جتي ڪو به پاڻ کي اڪيلو يا لاچار محسوس نه ...
21/02/2026

ننڍڙي مدد به ڪنهن جي زندگيءَ ۾ وڏي تبديلي آڻي سگهي ٿي اچو ته اهڙو سماج ٺاهيون، جتي ڪو به پاڻ کي اڪيلو يا لاچار محسوس نه ڪري۔

ڪجهه ڏينهن اڳ مزدور ثناءُ الله جي معصوم پٽ بلاول جي مالي مدد لاءِ اپيل ڪئي وئي هئي. الحمدلله، انسانيت جو درد دل ۾ رکندڙ دوستن دل کولي تعاون ڪيو. گڏ ٿيل رقم امانت طور آل سنڌ مھر فائونڊيشن جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ عرض آزاد مھر , سماج سڌارڪ اڪبر علي مھر، صحافي عبدالحليم مھر ۽ ڪامريڊ امتياز سنڌي جي هٿن سان بلاول جي والد تائين صحيح سلامت پهچائي وئي.

ان کان علاوه، آل سنڌ مھر فائونڊيشن جي سينيئر ميمبر سھيل احمد مھر ننڍڙي بلاول کي گمس اسپتال گمبٽ ۾ ڊاڪٽر کان مڪمل چيڪ اپ ڪرائي، مفت دوائون فراهم ڪرايون۔

پاران:
ترجمان ، آل سنڌ مھر فاؤنڊيشن

Mobile # 03333208083

Office # 404 , 4th Floor Pak Bait Ul Qayyam Building Haqqani Chowk I I Chundrigar Road Karachi.
Ptcl No. 02132215545
Email :[email protected]

23/01/2026

مھر قبيلي جا ماڻهو خاص طور سنڌ، بلوچستان، پنجاب، سميت هندستان ۽ ٻين ملڪن ۾ به آباد آهن۔ تاريخي طور مھر قبيلو بهادري، غيرت، مهمان نوازي، سماجي همدردي ۽ ظلم خلاف مزاحمت سبب سڃاتو وڃي ٿو۔

هي قبيلو رڳو انگ ۾ وڏو ناهي، پر پنهنجي تاريخي ڪردار، ثقافتي سڃاڻپ ۽ سماجي اثر جي ڪري به وڏي اهميت رکي ٿو۔

اھم عوامي اپيل مھر برادري جي دوستن لاءِاطلاع مطابق ڪجھ مفادپرست ماڻھو، جن جو مھر قبيلي سان تعلق ھجڻ يا نه ھجڻ به شڪ ۾ آھ...
21/01/2026

اھم عوامي اپيل مھر برادري جي دوستن لاءِ

اطلاع مطابق ڪجھ مفادپرست ماڻھو، جن جو مھر قبيلي سان تعلق ھجڻ يا نه ھجڻ به شڪ ۾ آھي، مھر قبيلي , مھر برادري جي سردارن ۽ مھر برادري جي معزز شخصيات جي نالن سان جعلي گروپ ٺاھي رھيا آھن. اھي مفادپرست ماڻھو گروپن ۾ مھر قبيلي جي سادن دوستن کي ايڊ ڪري نوڪرين، پوسٽنگ، ٽرانسفر، ٺيڪن، ڪاروبار ۾ انويسٽمينٽ ۽ برادري جي غريب ماڻھن جي مدد جي نالي تي رقم اوڳاڙي رھيا آھن، جيڪو سراسر فراڊ ۽ دوکو آھي.

مھر برادري جي سڀني دوستن کي اپيل ڪجي ٿي تہ اھڙن نام نھادن، جعلسازن ۽ مفادپرستن کان خبردار رھن، ڪنھن به گروپ ۾ بغير تصديق جي ايڊ نه ٿين۔

مھر قبيلو ھميشه عزت، سچ ۽ غيرت جي علامت رھيو آھي، ۽ اھڙيون حرڪتون نه رڳو برادري کي بدنام ڪن ٿيون پر غريب ۽ سادن ماڻھن کي نقصان پڻ پھچائين ٿيون.

اسان جي ذميواري آھي تہ دوکي بازن خلاف گڏ ٿي بيھون ۽ پنھنجي برادري کي محفوظ رکون.

مھر قبيلو سنڌ جي تاريخ ۾ مزاحمت ۽ اصولن جي ھميشه علامت رھيو آھي۔تحرير ظفر علي مھر , اڳواڻ آل سنڌ مھر فاؤنڊيشنمھر قبيلو س...
16/01/2026

مھر قبيلو سنڌ جي تاريخ ۾ مزاحمت ۽ اصولن جي ھميشه علامت رھيو آھي۔

تحرير ظفر علي مھر , اڳواڻ آل سنڌ مھر فاؤنڊيشن

مھر قبيلو سنڌ جي تاريخ ۾ صرف هڪ قبيلو نه، پر هڪ فڪر، هڪ مزاحمتي روايت ۽ مظلومن جي ساٿ جي علامت آهي اهڙي علامت، جيڪا اڄ به سماج کي سوچڻ ۽ سچ سان بيهڻ جو حوصلو ڏئي ٿي۔

سنڌ جي تاريخ رڳو حڪمرانن جي اقتدار جي ڪهاڻي نه آهي، پر انهن مقامي قبيلن جي جدوجهد جو به آئينو آهي، جن هر دور ۾ ظلم، جبر ۽ ناانصافيءَ آڏو مھاڏو اٽڪايو. مھر قبيلو انهن مان هڪ اهڙو قبيلو آهي، جنهن پنهنجي تاريخي ڪردار وسيلي مزاحمت، وقار ۽ مظلومن جي ساٿ کي پنهنجي سڃاڻپ بڻايو

قديم سنڌي تاريخي ڪتاب، جهڙوڪ تاريخ معصومي، تاريخ طاهري ۽ تحفة الڪرام، ارغون، ترخان ۽ پوءِ داؤپوٽا ۽ ٽالپر دور جي سياسي حالتن جو ذڪر ڪندي اهو واضح ڪن ٿا ته مقامي قبيلن پرڏيهي يا جابرانہ حڪمراني کي آساني سان قبول نه ڪيو. انهن حالتن ۾ مھر قبيلو به انهن قوتن ۾ شامل رهيو، جن پنهنجي زمين، خودمختياري ۽ سماجي وقار جي حفاظت لاءِ مزاحمت جو رستو اختيار ڪيو۔

انهن دورن ۾ مھر قبيلو جاني ۽ مالي نقصان کڻندو رهيو. ڳوٺ اجڙيا، ماڻهو مارجي ويا ۽ خاندان لڏپلاڻ تي مجبور ٿيا، پر تاريخ اهو به ٻڌائي ٿي ته مھر قبيلو ڪڏهن به ظلم سان مفاهمت ڪرڻ بدران مظلومن جو ساٿ ڇڏڻ قبول نه ڪيو. تحفة الڪرام ۾ بيان ڪيل قبيلائي سماج جي تصوير مان اهو تاثر ملي ٿو ته سنڌ جا اهي قبيلا جيڪي طاقتور حڪمرانن سان ٽڪرائجي ويا، وقت سان گڏ تاريخ ۾ عزت سان ياد ڪيا ويا ۽ مھر قبيلو انهن مان هڪ آهي۔

انگريز سامراج جي دور ۾ سنڌ ۾ جيڪو نوآبادي نظام لاڳو ڪيو ويو ان جو مقصد مقامي سماج کي معاشي ۽ سياسي طور ڪمزور ڪرڻ هو. زمينن جي ضبطگي، ڏنڊ، پوليس ۽ عدالتن ذريعي دٻاءُ، ۽ مزاحمتي آواز دٻائڻ جا حربا اختيار ڪيا ويا ان پسمنظر ۾ مھر قبيلو به انهن قبيلن مان رهيو، جن انگريز راڄ خلاف ٿيندڙ تحريڪن ۽ مزاحمتي روين ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو۔

اڄ جڏهن سنڌ اندر قبيلائي تڪرار، ناانصافي ۽ سماجي اڻبرابري موجود آهي، تڏهن مھر قبيلي جي تاريخ اسان کي اهو سبق ڏئي ٿي ته تشدد، جبر ۽ استحصال جو حل خاموشي نه، پر شعور، اصول ۽ ٻڌي آهي. تاريخ معصومي ۽ تاريخ طاهري جهڙا ڪتاب اهو ثابت ڪن ٿا ته جيڪي قومون ۽ قبيلا پنهنجي وقار ۽ اصولن تان هٿ نه کڻن، اهي ئي تاريخ ۾ سرخرو ٿيندا آهن۔

آل سنڌ مھر فاؤنڊيشن جي اڳواڻ ظفر علي مھر پنھنجي ھڪ بيان ۾ چيو آھي ته  قبيلائي جھيڙن ۾ قيمت هميشه غريب ماڻھو , لاچار ۽ ڪم...
13/01/2026

آل سنڌ مھر فاؤنڊيشن جي اڳواڻ ظفر علي مھر پنھنجي ھڪ بيان ۾ چيو آھي ته قبيلائي جھيڙن ۾ قيمت هميشه غريب ماڻھو , لاچار ۽ ڪمزور خاندان ڇو ادا ڪن ٿا ؟

قبيلائي جھيڙا اسان جي سماج جو هڪ سنگين ۽ پراڻو مسئلو آهي اهي جھيڙا اڪثر اثر رسوخ، انا , ضد ۽ ذاتي مفادن سبب جنم وٺن ٿا، پر انهن جو سڀ کان وڏو ۽ ڏکوئيندڙ اثر انهن غريب ۽ بيگناھ ماڻهن تي پوي ٿو، جن جو انهن جھيڙن سان ڪو به سڌو تعلق نه هوندو آهي انھن صرف قصور اھو آھي ته اھي باشعور لکيل پڙھيل آھي صرف پنھنجي ڪم سان ڪم رکن ٿا شرافت سان رھي ڪري جھيڙن کان پاسيرا رھن ٿا صرف ان قبيلي سان تعلق ھجڻ ڪري انھن کي ٻي جي باھ ۾ پاڻ سڙڻڻو پوي ٿو۔

انهن جھيڙن جي نتيجي ۾ غريبن جا گهر اجڙي وڃن ٿا، فصل سڙي وڃن ٿا، روزگار ختم ٿي وڃي ٿو ۽ بي قصور ماڻهو پنهنجون جانيون وڃائي ويهن ٿا. عورتون، ٻار ۽ پوڙها سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا، ڇو ته انهن وٽ نه هٿيار هوندا آهن، نه اثر رسوخ ۽ نه ئي ڪا آواز ٻڌڻ وارو ادارو۔

سوال اهو آهي ته جڏهن جھيڙا ڪجھ طاقتور ماڻهن جي فيصلي جو نتيجو هوندا آهن، ته پوءِ سزا غريب ڇو ڀوڳين؟
ڇا انصاف جو مطلب اهو ئي آهي ته بي وس ماڻهو هميشه قرباني بڻجن؟

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته رياست، سماج ۽ ذميوار ادارا گڏجي قبيلائي جھيڙن جي روڪٿام لاءِ سنجيده قدم کڻن. قانون جي بالادستي، جرڳائي نظام جي سڌاري، ۽ تڪڙي انصاف بنا ڪنهن فرق جي لاڳو ٿيڻ گهرجي. ساڳئي وقت، سماجي شعور پيدا ڪرڻ، تعليم کي هٿي ڏيڻ ۽ مفاهمت جي رستي کي فروغ ڏيڻ به انتهائي ضروري آهي.

جيستائين اسان قبيلائي نفرتن بدران انسانيت کي اوليت نه ڏينداسين، تيستائين غريب ماڻهو اهڙن جھيڙن جي باھ ۾ سڙندا رهندا. امن، انصاف ۽ برابري ئي انهن جھيڙن جو واحد حل آهن۔

03/01/2026

اگر سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي عوام سان سياسي ۽ مذھبي پارٽيون سچيون آھن ته پوء ڏوھارين ۽ قاتلن جي پٽ ڀرائي ڪرڻ سچي دل سان ڇڏي ڏين ته پوء سنڌ سموري ۾ امن ئي امن

قبيلائي جھيڙن ۾ ھميشه غريب ماڻھو ئي سڀ کان وڌيڪ نقصان ڀوڳين ٿا۔انهن جا گھر اجڙي وڃن ٿا، روزگار ختم ٿي وڃي ٿو ، ٻار تعليم...
31/12/2025

قبيلائي جھيڙن ۾ ھميشه غريب ماڻھو ئي سڀ کان وڌيڪ نقصان ڀوڳين ٿا۔انهن جا گھر اجڙي وڃن ٿا، روزگار ختم ٿي وڃي ٿو ، ٻار تعليم کان محروم رهن ٿا ۽ عورتون عدم تحفظ جو شڪار ٿين ٿيون، جڏهن ته اصل فيصلا ڪندڙ اڪثر محفوظ رهن ٿا۔

اھڙن جھيڙن جو ڪو به حقيقي فائدو ناھي، نقصان صرف سماج، امن ۽ ايندڙ نسلن جو ٿئي ٿو۔ ان ڪري قبيلائي اختلافن کي ڳالھ ٻولھ، بردباري ۽ قانوني طريقي سان حل ڪرڻ ئي سمجھداري آھي، جيئن غريب ۽ بيگناھ ماڻھو وڌيڪ تباهي کان بچي سگھن۔

31/12/2025

گھوٽ جي ھٿ ۾ ٻڌل ڳانو ۽ وري ان مٿان خون جا قطرا ڏسي دنيا جو جي جھري پيو پر قاتلن خبر ناھي ڪھڙي پٿر دل سان گوليون ھنيون ھونديون ۽ اھڙي موقعي تي گھر وارن سان ڪھڙي حالت ھوندي 💔
شڪارپور واقعو....💔😭

30/12/2025

ڇا ھي سنڌ جي غيرت آھي ۽ اڃان به اسان سنڌي سڏرائڻ جي قابل آھيون

ڳانھي ٻڌا گھوٽ ۽ ننڍڙا معصوم ماري عورتن کي رتو رت ڪري بہ ڪي پلاند ٿيندا آھن ڇا؟
شڪارپور #

Address

Office # 404 , 4th Floor Pak Baitul Qayyam Building Haqani Chowk II Chandrigar Road KarachiEmail:allsindhmaharittehad@gmail. Com
Karachi
75500

Telephone

+923333208083

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when All Sindh Mahar Foundation posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to All Sindh Mahar Foundation:

Share