12/10/2026
”سنڌ منهنجي امان ڪانفرنس“ هڪ تاريخ ساز عمل آهي، هر ڪو پنهنجي مفاد مطابق تشريح ڪندو رهندو: ڊاڪٽر قادر مگسي
خبر جي تفصيل حيدرآباد — وائيس آف انڊس: ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي ”سنڌ منهنجي امان ڪانفرنس“ جي حوالي سان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڪانفرنس ۾ لڳ ڀڳ هڪ هزار ماڻهن شرڪت ڪئي، جن ۾ ٽي سئو شاعر، قلمڪار، صحافي ۽ سماجي ڪارڪن جڏهن ته 20 سياسي جماعتن جا نمائندا پڻ موجود هئا هن وضاحت ڪئي ته جيڪڏهن سڀني کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو وڃي ها ته 20 ڪلاڪ گهربل هجن ها، جنهن سان ڪانفرنس بي نتيجا ٿي وڃي ها. پر اسان پنهنجي سياسي حڪمتِ عملي ۽ تدبر سان سنڌ جي تقسيم خلاف متفقه پڌرنامو منظور ڪرايو. ڊاڪٽر قادر مگسي سڀني شرڪت ڪندڙن جو شڪرگذار ٿيندي چيو ته سنڌ جي وحدت، بقا ۽ سلامتي لاءِ اسان جي جدوجهد جاري رھندي!
وائيس آف انڊس — سنڌ جي سچي سڃاڻپ ۽ اڻ ٻڌل آوازن جي سچي ترجماني!
اسان جو مقصد رڳو اڳتي خبرون پهچائڻ ناهي، پر هر واقعي جي تهہ ۾ وڃي لڪيل سچائي، تحقيق ۽ پڙهندڙن تائين شفاف معلومات آڻڻ آهي. سنڌ جي تهذيب، تاريخ ۽ عوامي حقن جي پاسبانيءَ لاءِ اسان پنهنجي صحافتي فرض تي قائم آهيون
سچ، انصاف ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جي آوازن جو حصو بڻجڻ لاءِ اسان سان جڙيل رهو. وائيس آف انڊس پنهنجي پليٽ فارم کي فالو ڪريو! 👇
💬 WhatsApp Channel:
https://whatsapp.com/channel/0029VbDjsk9LtOjJEBAQZ20i
📸 Instagram:
https://www.instagram.com/thevoiceofindus
🎵 TikTok:
https://www.tiktok.com/
🐦 X (Twitter):
https://x.com/thevoiceofindus
📘 Facebook:
https://www.facebook.com/profile.php?id=61580204550567
▶️ YouTube:
https://youtube.com/?si=a8lbsGS9Zoo3mSd7