بَزمِ سُخُن

Call Directions

بَزمِ سُخُن تر دامنی پہ شیخ ہماری نہ جائیو!!
دامن نچوڑ دیں تو فرشتے وضو کریں.

فيض

10/09/2026

ڪل ڪمائي ايتري ھئي

22/08/2026
21/08/2026

اوھان جي ڌار صوبن جي سياست گار جھڙي آ
اسان لئه سنڌ ڌرتيءَ جي ورهاست گار جھڙي آ

آواز ايڊووڪيٽ عابد ڪلھوڙي ۽ ايڊووڪيٽ انعم عابد

15/08/2026

غزل

کِلِـي ھُـن وِيڊِيـو ٺاھي! رکيـو ٽِڪٽاڪَ تي آھي
لڳـي ٿو ڄَڻ سِتـارو ڪو کِـڙيو اَفـلاڪَ تي آھي

اسان تَصوِير تُنھنجِي ھِڪ ڪري ڊِي پِي رَکِي آھي
صَنَـم تَصوِيـر ٻِـي تُنھنجِـي رَکيل اوطـاقَ تي آھي!

سِنيپَـن تي سِلوگَـن آ صنـم جِي سُونھـن جو يـارو!
ٻُـڌايـو واٽس اپ آھـي! ويَـل ھُـوء واڪ تي آھي!

رَکيل ھو فيسَبُڪ تي ھِڪ صنم جو غير سان ڦوٽُو
کِلِـي پيو يـار فِيُوچـر ھر! اسان جي چاڪَ تي آھي!

اسان کي تُون نہ گُوگل تي مِلِي آھين سگِھي سُھڻِي!
چوان ڪِين خِيال جِي مُومل مِلِي اڄ ڪاڪَ تي آھي

نَڪيِ آ فـورَجِي جانان! نَڪِي سِگنَل سُجھي ھِڪڙو!
بَسيـرو ڪِيئن ٿيو تُنھنجـو اسـان جِي ٿاڪَ تي آھي!

لَڳـل اِنسٽـا تي اِسٽـورِي ڏِٺِـي مُـون رات آ تُنھنجِـي!
ستـارن سـان جھـان ھِڪڙو جـڙيل پوشاڪ تي آھي

اِھي ئِي سيلَفِيون تُنھنجون ملاح ھِي زيبَ مارِينديون
کِلِـين ٿِي تُـون لڳـي ٿو گُـل! کِلِي پيو ماڪَ تي آھي!

آصف زيب ملاح

15/08/2026

غزل

خُدا پنھنجِي خُدائِي جي خُدائن جو پُڇاڻو ڪر
ڀلِي پوء بارَھـا مون کان خطائن جو پُڇاڻو ڪر

اول ھن رزق جو رازق وچن مونسان نِڀائي تون
سدا پو صوم صلواتن زڪواتن جو پُڇاڻو ڪر

ڏيان مان ڏَنّ مرشد کي ڀريان يا وِياج وياجي جو
اول بـرپـا ٿِيـل مون تي عذابن جو پُڇاڻو ڪر

بُکون مِيزانَ ۾ مالِڪ اول تون تور سڀ منھنجون
چوان ٿو پو گناھن جو ثوابن جو پُڇاڻو ڪر!

اِھي بَمبار ئي منھنجِي زمين دوزخ بڻائيندا
اڙي او خلـقَ جا خالـق! قصابن جو پُڇاڻو ڪر

ھلائـڻ ھر زمينن ۾ لِکـن ڇو حج نٿـا مُنھنجو
ڪـرامَن ڪاتِبِينن کان ڪتابن جو پُڇاڻو ڪر

فِڪر فطريَ سندو مونکي ٻيو آ فرضَ قُربانِي
ڀريان ڀِي پيٽ ٿو پَرور عتابن جو پُڇاڻو ڪر

ورائيَ دِين جي نالي ويا ڇو ھِن وطن منھنجو
خلِيفن خاص پنھنجن کان جفائن جو پُڇاڻو ڪر

ٿين ٿيون زيب تذليلون اراھ جن جا اگھاڙا ٿيا
ڪڏھن تون سنڌ ڄاين جي سزائن جو پڇاڻو ڪر

آصف زيب ملاح

Address

Karachi Sindh
Karachi Lines
KARACHI

Telephone

+923002075700

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when بَزمِ سُخُن posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share