05/06/2026
اسان جي ڳوٺ ۾ ميگھواڙ، خاصخيلي، مڱڻهار ۽ راجپوت برادرين جا ڪيترائي ٻار هڪ ئي پرائمري اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، جتي شاگردن جي انرولمينٽ به نمايان طور تي وڌيڪ آهي. اهڙي صورتحال ۾ ڪنور ڪرني سنگھ صاحب جي ڪوششن جي نتيجي ۾ سنڌ حڪومت پاران اسان جي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول لاءِ ٻه اضافي ڪمرا منظور ٿيا، جن جو ڪم به هاڻي مڪمل ٿيڻ وارو آهي. اهو هڪ قابلِ قدر ۽ خوش آئند قدم آهي.
اسان ڳوٺاڻا سندس احسانمند آهيون ۽ هن مثبت قدم تي حڪومتِ سنڌ جا به شڪرگذار آهيون. تعليم هر ٻار جو بنيادي حق آهي، ۽ تعليم جي برابر فراهمي ئي هڪ مهذب ۽ ترقي يافته سماج جي ضمانت آهي.