سنڌ ڪليري اتحاد

سنڌ ڪليري اتحاد Give Education first to your child

پھرين مئي مزدورن جي عالمي ڏينهن تي سنڌ ڪليري اتحاد جو پيغام،سنڌ ڪليري اتحاد سڀني مزدورن کي انهن جي اڻٿڪ محنت، لگن ۽ جدوج...
01/05/2025

پھرين مئي مزدورن جي عالمي ڏينهن تي سنڌ ڪليري اتحاد جو پيغام،
سنڌ ڪليري اتحاد سڀني مزدورن کي انهن جي اڻٿڪ محنت، لگن ۽ جدوجهد لاءِ خراج تحسين پيش ڪري ٿو، هي ڏينهن انهن هيروز جي قربانين کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي جن پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿاريو ۽ هڪ اهڙي سماج جي بنياد رکي جتي هر مزدور جو احترام ڪيو وڃي،
سنڌ ڪليري اتحاد پنهنجي عزم کي ورجائي ٿو ته اسان پنھنجي معاشري جي سڀني مزدورن جي حقن ۽ ڀلائي جي تحفظ لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين، اسان جو يقين آهي ته هڪ خوشحال ۽ ترقي يافته سماج ان جي مزدور طبقي تي منحصر آهي.
اڄ پھرين مئي مزدورن جي عالمي ڏهاڙي تي اسان حڪومت ۽ سڀني لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪريون ٿا ته مزدور دوست پاليسيون ٺاهيون وڃن ۽ انهن تي سختي سان عمل درآمد کي يقيني بڻايو وڃي، مزدورن کي انهن جا جائز حق ملڻ گهرجن، انهن کي محفوظ ۽ صحتمند ماحول ۾ ڪم ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪيا وڃن، ۽ انهن جي محنت جو منصفانه معاوضو ڏنو وڃي.
سنڌ ڪليري اتحاد سڀني مزدور تنظيمن ۽ سول سوسائٽي تنظيمن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي ته جيئن هڪ اهڙو سماج ٺاهيو وڃي جتي هر مزدور باوقار زندگي گذاري سگهي.

اچو ته گڏجي عهد ڪريون ته اسين هميشه پنهنجي پورهيت ڀائرن ۽ ڀينرن جي حقن لاءِ آواز بلند ڪنداسين.

پورهيت طبقو زنده آباد!....
سنڌ ڪليري اتحاد زنده باد!...

وفاقي حڪومت کان سنڌ دشمن ڪينال منصوبن کي ختم ڪرائڻ تي سنڌ ڪليري اتحاد طرفان سنڌ جي تمام وڪيلن سان گڏوگڏ ڪليري برادري جي ...
30/04/2025

وفاقي حڪومت کان سنڌ دشمن ڪينال منصوبن کي ختم ڪرائڻ تي سنڌ ڪليري اتحاد طرفان سنڌ جي تمام وڪيلن سان گڏوگڏ ڪليري برادري جي وڪيلن ان کان علاوه، سماجي ڪارڪنن، سول سوسائٽي ۽ مختلف پارٽين جي اڳواڻن ڪارڪنن کي مبارڪون ھجن ..
هن اهم ڪاميابي جي پويان سنڌ جي وڪيلن سان گڏوگڏ ڪليري برادري جي وڪيلن جو بہ اهم ڪردار رھيو، ان کان علاوه، سماجي ڪارڪنن، سول سوسائٽي ۽ مختلف پارٽين جو به اھم ڪردار رھيو ،
سنڌ ڪليري اتحاد پاران هن عظيم ڪاميابي تي سنڌ جي سڀني ماڻهن کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريون ٿا هي فتح سنڌ جي مختلف مڪتب فڪر سان سلهاڙيل دوستن جي اتحاد ۽ جدوجهد جو نتيجو آهي،
سنڌ ڪليري اتحاد زنده باد ✌️

23/04/2025

سنڌ ڪليري اتحاد پاران ڇھن تڪراري ڪينالن خلاف روڊ بند ڪري مظاھرو ڪيو ويو ،

جنرل سيڪريٽري سنڌ ڪليري اتحاد انور خان ڪليري جي اڳواڻي ۾ سنڌ ڪليري اتحاد جي ڪارڪنن ۽ همدردن، حيدرآباد-ميرپور خاص روڊ تي تڪراري ڇهن ڪينالن خلاف نعريبازي ڪندي احتجاج ڪيو،
ان موقعي تي جنرل سيڪريٽري سنڌ ڪليري اتحاد ڳالهائيندي چيو ته اهي ڇهه ڪينال سنڌ جي معيشت ۽ زراعت کي تباهه ڪرڻ جو منصوبو آهن،
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ڪليري اتحاد ڪنهن به حالت ۾ هن منصوبي کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندو ۽ ان خلاف هر سطح تي جدوجهد جاري رکنداسين، انهن مطالبو ڪيو ته حڪومت هن تڪراري منصوبي کي فوري طور تي واپس وٺي.
مظاهرين حيدرآباد-ميرپور خاص روڊ تي ٽريفڪ کي عارضي طور تي معطل ڪري ڇڏيو، جنهن سبب گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون،
واضح رهي ته مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمون سنڌ ۾ سنڌو درياءَ مان ڇهه نوان واهه ڪڍڻ جي حڪومتي منصوبي خلاف احتجاج ڪري رهيون آهن. انهن تنظيمن جو واضح موقف آهي ته هي منصوبو صوبي ۾ پاڻي جي کوٽ کي وڌيڪ وڌائيندو ۽ زراعت سميت صوبي جي معيشت کي ناقابل تلافي نقصان پهچائيندو.
سنڌو تي ڌاڙو نامنظور ✌️
سنڌ ڪليري اتحاد زنده باد ✌️

سنڌو تي ڌاڙو نامنظور ✌️ ڪينال سمورا نامنظور ✌️
22/04/2025

سنڌو تي ڌاڙو نامنظور ✌️
ڪينال سمورا نامنظور ✌️

السلام عليڪم ورحمة الله وبرڪاته 🤝ھڪڙي چٽي سنڌ ۾ رهندڙ تمام ڪليري برادري جي نانءُ 📄جيئن ته توهان سڀ چڱي ريت ڄاڻو ٿا، سنڌو...
21/04/2025

السلام عليڪم ورحمة الله وبرڪاته 🤝

ھڪڙي چٽي سنڌ ۾ رهندڙ تمام ڪليري برادري جي نانءُ 📄

جيئن ته توهان سڀ چڱي ريت ڄاڻو ٿا، سنڌو درياهه اسان جي تهذيب، ثقافت ۽ بقا جو سڀ کان اهم حصو آهي. هن درياهه جي وهڪري ۾ ڪا به غير قانوني مداخلت اسان جي صوبي سنڌ کي ناقابل تلافي نقصان پهچائي سگهي ٿي ،
توھان سڀني کي خبر ھوندي ته پنجاب زبردستي ڇهه نوان ڪينال(واهه) ٺاهي رهيو آهي، جيڪي مڪمل طور تي غير قانوني آهن ۽ سنڌ جي حقن جي واضح خلاف ورزي آهي، انهن تڪراري واهن جي تعمير سان اسان سميت پوري صوبي سنڌ جي زرعي زمينن، ماحول ۽ معاشي حالتن تي انتهائي منفي اثر پوندا،
اھڙي صورتحال کي نظر ۾ رکندي، سنڌ جي بهادر وڪيلن ٻٻرلوءِ وٽ سپر هاءِ وي کي بند ڪري ڌرڻو ڏئي پنجاب حڪومت تي زور ڏنو آهي ته اهي تڪراري ڪينال ٺاهڻ جو فيصلو واپس وٺي،
ياد رهي ته هي وڪيل اسان جي برادري ۽ سڄي سنڌ جي حقن لاءِ هڪ سيهي جي ڀت وانگر بيٺل آهن ان پوري صورتحال کي مدنظر رکندي پوري برادري کي ھن چٽي ذريعي پرزور اپيل ڪريون ٿا ته توھان ڀلي ڪھڙي به ضلعي ۾ رھو ٿا هن عظيم ۽ قومي فرض ۾ وڪيلن جي هن جدوجهد جي پنهنجي بهترين صلاحيت سان حمايت ڪريو ڪوشش ڪري ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي پھچو نه ته ٻيءَ صورت ۾ انهن جي آواز کي بلند ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريو،

هي وقت اتحاد ۽ ايڪتا جو وقت آهي، اچو ته گڏجي پنهنجن حقن جو تحفظ ڪريون ۽ سنڌو درياءَ جي تقدس کي يقيني بڻايون.

پاران. چيئرمين سنڌ ڪليري اتحاد مظھر علي ڪليري ....
Mazharr Ali Kaleri

Address

Hyderabad

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when سنڌ ڪليري اتحاد posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to سنڌ ڪليري اتحاد:

Share