03/05/2022
ريزرويشن جي مخالفت,
انگريز ڀڄايو تحريڪ جا پس پرده ڪارڻ
ذات پات جي ٺڳي , منووادي سوچ ۽ تحصب پرستي
ریزرویشن جي خلاف ڪير آھي؟؟
۽ ڇو؟؟
,
مسلم ,سک , ڪرسچن يا عيسائي وغيره ڪير به ریزرویشن جي مخالفت نہ ٿو ڪري , سواء منووادين جيڪي خود انھن پوئتي پيل ذاتين جي حالت غير جا ذميوار آھن
نفرت ڦھلائڻ وارا ریزرویشن جي مخالفت ڪري رھيا آھن۔ اھي امتیازی سلوڪ ۽ ذات پات ۾ اوچ نيچ جي نظام جا حامي آھن ہیں۔ جيڪي فرقہ واریت پکيڙي رھيا آھن۔ ھو ریزرویشن جي مخالفت ڇو ڪري رھيا آھن ڇو ته انھن ۾ لالچ ۽ اوچ نیچ جو احساس آھي۔ ھو مانوادي آھن۔ منواد ختم ٿيو ته ھیومنزم جنم وٺندي ۽ انسان پرستي عمل ۾ ايندي ۔
انگریزن ھندوستان تي 150 سال حڪومت ڪئي، منووادين انھن کي ڀڄائڻ جي تحریڪ ڇو ھلائي؟ جڏھن تہ ھندوستان تي پھريون حملو مسلمان حڪمران محمد بن قاسم 712ء ۾ ڪيو ھو ! ان کان پوء محمود غزنوي، محمد غوري،
چنگیز خان حملو ڪيو ۽ پوء قطب الدین ایبڪ، غلام خاندان، تغلق خاندان، خلجي خاندان، لوڌی خاندان پوء مغل وغیرہ جي اولادن ھندوستان تي حڪومت ڪئي ۽ تمام گھڻا ظلم ڪيا لیڪن منووادين ڪو انقلابي تحریڪ شروع نہ ڪئي! پوء انھن انگریزن جي خلاف انقلاب ڇو برپا ڪيو؟
انقلاب ۽ تحریڪ جا سبب ھيٺ موجب آھن ۔
1- انگریزن 1795 ۾ ایڪٽ 11 جي ذریعي شودروں لاء جائیداد رکڻ جو قانون بنایو۔
2- 1773 ۾ ایسٽ انڊیا ڪمپني ریگولیٽنگ ایڪٽ پاس ڪيو جنھن ۾ انصاف جو نظام مساوات تي مبني ھو ۔
6 مئي 1775 تي ان قانون جي ذریعي بنگال جي جاگیردار برھمڻ نند ڪماردیو کي ڦاسي ڏني وئي۔
3- 1804 جي ایڪٽ 3 تحت انگریزن ڇوڪرين جي قتل تي پابندي لڳائي ڇڏي (ڇوڪرين کي ڪاڪڙي ۾ افیم چپڪائي، ماء جي ڇاتي تي ڌتوري جو پیسٽ لڳائي ۽ کڏ کوٽي ان ۾ کير وجھي ٻوڙي قتل ڪيو ويندو ھو)
4- 1813 ۾ برطانوي حڪومت ھڪ قانون نافد ڪري تمام ذاتين ۽ مذھب جي ماڻھن کي تعلیم حاصل ڪرڻ جو حق ڏنو۔
5- 1813 ۾ انگریزن ھڪ قانون ٺاھي غلامي جو خاتمو ڪيو۔
6- 1817 ۾ مساوات ۽ برابري جو سول ڪوڊ ایڪٽ ٺاھيو ويو (1817 کان پھرين سزا جي فراھمي ورڻ جي بنیاد تي ھئي۔ برھمڻن کي سزا نہ ڏني ويندي ھئي ۽ شودرن کي سخت سزا ڏني ويندي ھئي۔ انگریزن برھمڻن تي به یڪسان سزا جو بندوبست ڪيو۔ قانون موت جي سزا جو نفاذ عمل میں آیو ۔
7- 1819 ۾ ایڪٽ 7 شودر عورتن کي برھمڻن جي ذریعي پاڪ ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي۔ (شودرن جي شادي کان پوء، ڪنئار کي گھٽ ۾ گھٽ ٽن راتين تائين پھنجي یعني گھوٽ جي گھر وڃڻ کان اڳ ۾ برھمن جي گھر جسماني خدمت ڪرڻي پوندي ھئي۔)
8- 1830 انساني قرباني جي رواج تي پابندي (برھمڻ دیوتا کي خوش ڪرڻ جي لاء شودر، مردن ۽ عورتن ٻنھي کي مندر ۾ سر قلم ڪري ديوتا کي خوش ڪرڻ لاء قرباني ڏني ويندي ھئي ۔)
9- 1833 جي ایڪٽ 87 جي ذریعي، سرڪاري ملازمت ۾ امتیازي سلوڪ جي منع، یعني میرٽ کي خدمت جي بنیاد جي طور تي قبول ڪيو ويو ۽ ڪنھن به ھندوستاني شھري کي مقام پیدائش، مذھب، ذات یا مقام جي بنیاد تي ڪمپني جي تحت ڪنھن عھدي کان محروم نہ نٿو ڪري سگھجي۔
پھريون ھندوستاني لا ڪمیشن 10-1834 ۾ تشڪیل ڏنو ويو ھو ۔ ڪمیشن جو بنیادي مقصد قانون سازي جي نظام کي ذات پات، ورڻ، مذھب ۽ علائقي جي روح کان بالاتر بنائڻ ھو۔
11-1835 پھرئين پٽ کي گنگا ڀيٽ ڪرڻ تي پابندي (برھمڻن اھو قاعدو بنايو تہ اگر شودر کي پھريون ٻار ڇوڪرو پیدا ٿئي ته انھي کي گنگا ۾ اڇلائي ڇڏيو وڃي۔ (پھريون پٽ صحت مند ۽ تندرست پیدا ٿيندو آھي۽ وڏو ٿي ھو برھمڻن سان نه لڙي)، ان جي لاء پیدا ٿيندي ئي گنگا کي ڀيٽ ڏيندا ھئا۔
12- 7 مارچ 1835 تي لارڊ میڪالي تعلیمي پالیسی کي ریاست جو موضوع بنایو ۽ اعلي تعلیم کي انگریزي زبان جو ذریعو بنایو۔
13- 1835 تي ھڪ قانون بنائي انگریزن شودرن (بشمول او بي سی) کي ڪرسي تي ويھن جو حق ڏنو ۔
14-ڊسمبر 1829 جي قاعدہ 17 جي مطابق، بیواھن کي جلائڻ غیر قانوني قرار ڏنو ويو ۽ ستي جو رواج ختم ڪري ڇڏيو.
15- دیوداسي تي پابندي لڳائي ڇڏي۔ منووادين جي چوڻ تي شودر پھنجي ڇوڪرين کي مندر جي خدمت جي لاء دان ڪندا ھئا۔ مندر جا پجاري ان جو جسماني استحصال ڪندا ھئا۔ ٻار پیدا ٿيندو ھو ته ان کي اڇلائي ڇڏيو ويندو ھو ۔ ۽ ٻار جو نالو ھریجن رکيو ويو۔ 1921 جي ذات واري مردم شماري جي انگن اکرن جي مطابق، صرف مدراس ۾ ڪل آبادی 4.23 ملین ھئي، جنھن ۾ 2 لکھ دیوداسیون مندرن ۾ ھيون۔ جنوبي ھند جي مندرن ۾ اھو رواج اڃان به جاري آھي۔
16- 1837 جي ایڪٽ جي ذریعي دوکي دھي جو رواج ختم ڪري ڇڏيو ويو ۔
17- 1849 ۾ ڪلڪتہ ۾ ڇوڪرين جو ھڪ اسڪول جي اي ڊي بیٽن قائم ڪيو ۔
18- 1854 ۾ انگریزن ڪلڪتہ، مدراس اور بمبئي ۾ 3 یونیورسٽیون قائم ڪيون۔ یونیورسٹي ڪمیشن جو قيام 1902 ۾ ٿيو۔
19 انگريزن -6 آڪٽوبر 1860 تي انڊین پینل ڪوڊ بنايو۔ لارڊ میڪالي صدین کان جڪڙيل شودرن جي زنجیرن کي ڪٽي ھندوستان ۾ ذات پات، ورڻ ۽ مذھب کان بغیر یڪسان فوجداري قانون نافذ ڪيو۔
20- 1863 انگریزن قانون بنائي چرڪ پوجا تي پابندي لڳائي ڇڏي (عالیشان عمارتن ۽ پلن ۽ قلعن جي تعمیر ۾ شودرون کي زندہ دفن ڪيو ويندو ھو ۽ ان عبادت لاء اھو خیال ڪيو ويندو ھو تہ عمارتون , پلون يا قلعا ڊگھي عرصي تائين پائیدار رھندا ۔)
21- 1867 ۾ پوري ملڪ ۾ تعدد ازدواج (تعدد ازدواج نسلي ڪثرتیت کي به فروغ ڏئي ٿو ) تي پابندي لڳائڻ جي لاء حڪومت بنگال ھڪ ڪمیٽي تشڪیل ڏني۔
22- 1871 میں انگریزن ھندوستان ۾ ذاتين جي گڻپ شروع ڪئي .
انگريزن جي نافد ڪيل انھن قانونن سان منووادين جي اجاره داري ختم ٿي ۽ پوئتي پيل ذاتين تي انھن جي گرفت ڪمزور ٿي وئي.اھو ئي مکيه سبب ھو جو ھو انگريزن جي خلاف ٿيا ۽ تحريڪ ھلائي .
عجیب منافقت آھي، منووادي ریزرویشن مان ناراض آھن لیڪن پھنجي ذات جي اوچي ھجڻ تي فخر ڪن ٿا !
سبزي خریدڻ وقت ذات نہ ٿي ڏٺي وڃي لیڪن اھائي سبزي کارائڻ وقت ذات نظر ايندي آھي۔ فصل جي ڪٽائي جي وقت ذات نہ ٿي ڏٺي وڃي لیڪن ان اناج مان پچايل ماني کارائڻ وقت ذات نظر ايندي آھي ۔ ھو گھر ٺھرائڻ جي وقت ذات نہ ٿا ڏسن لیڪن جڏھن گھر ٺھي وڃي ٿو ته ان ۾ داخل ٿيڻ لاء ھو ذات ڏسن ٿا۔ ھو مندر ٺاھرائڻ جي لاء ذات نہ ٿا ڏسن بلڪہ ٺھي وڃڻ کان پوء ان ۾ پوجا جي لاء ذات ڏسن ٿا ۔ اسڪول ڪالج ٺاھڻ جي لاء ذات نہ ٿي ڏٺي وڃي بلڪہ پڙھائي جي وقت ذات ڏٺي ويندي آھي۔ اڻڪرن جو ٺاھيل ڪپڙو خریدڻ ۽ پھرڻ وقت انھن منووادين کي ذات نظر نه ايندي آھي پر انھن ئي اڻڪرن کي ڇھڻ سان ھو اپويتر ٿي ويندا آھن ۔
ھي اھو سماج آھي جنھن جا ڪجھ اڻ سمجھ ماڻھون چون ٿا تہ ذات پات جي اوچ نيچ جو نظام , نفرت ۽ تحصب پرستي ختم ٿي وئي آھي ۔ اھو ختم نه ٿي آھي پر ڪنھن نه ڪنھن شڪل ۾ اھا منو وادين جي سوچ ۽ دماغ ۾ ڀري پئي آھي جنھن جو اطھار وقت به وقت ھو ڪندا رھندا آھن
دانشورن جي سماجي ذمہ داري
"انسان جیئي ٿو، پئسو ڪمائي ٿو، کاڌو کائي ٿو ۽ آخر ڪار مري وڃي ٿو، ڪمائڻ جي لاء جیئي ٿو... ڪمائي ٿو ته جيئن کائي سگھي... کائي ٿو ته جيئن جيء سگھي... لیڪن پوء به ھڪ ڏينھن مري ويندو آھي ...
مرڻ جي ڊپ کان ڪمائي ڪري کائو ٿا ته ھينئر ئي مري وڃو ، ڳالھ ختم۔ محنت بچي ويندي ۔ سڀني کي ھڪ ڏينھن مرڻو آھي ورنہ معاشري جي لاء جیئو، زندگي کي مقصد بنائي ڇڏيو، سماج کي غلامي جي زنجیرن کان آزاد ڪرايو۔ ايتري تائين جو ھڪ جانور به پھنجو پاڻ کي ۽ پھنجي ٻچن کي پالي سگھي ٿو ۔
انسان اھو آھي جيڪو معاشري جو خیال رکي ٿو ۽ معاشري جي لاء ڪم به ڪري ٿو۔ ورنہ مٽجي وڃي ٿو جيڪڏھن ھو زندگي صرف پھنجي لاء جيء رھيو آھي ...
او بي سي طبقي جا ماڻھون جيڪي پھنجو پاڻ کي شودرن کان مختلف ٻڌائين ٿا، اھي به شودرن جي زمري ۾ شمار ٿيندا آھن ، ۽ ماضي ۾ به شودرن ۾ شمار ٿيندا ھئا۔ انھن کي پھنجي ذھن جا دروازا کليا رکڻ گھرجن، ۽ منو وادين جي جعلسازي کي سمجھڻ گھرجي۔
جئے ڀيم..... جئي پاڪستان