25/09/2023
انگريزن جي لوڙھن ۾ قيد ڪاٽيندڙ الھورايو بھڻ
(فيبروري 1942 - 25 سيپٽمبر 2023 )
ورھاڱي کان ٿورڙو ئي اڳ سنڌ ۾ وڏو سياسي ۽ مزاحمتي اڀار اٿيو ھو. جيڪو بيرحمي سان چٿيو ويو. شروع ٿيل مزاحمت کي سامراج ڪارن قانون سان نه روڪي سگھيو ته مارشل لاءِ لڳائي.سورھيه بادشاھ پير صبغت الله شاھ راشدي کي ڦاھي ڏيڻ لاءِ ، اڌ سنڌ لڳ ڀڳ قيدي بڻائي وئي.ان ويڙھ ۽ مزاحمت کي انگريزن “دھشتگردي“ جو نالو ڏنو.سنڌ جي ڳوٺن، علائقن، واھڻ، وسندين ۽ ٻهراڙين کي لوڙھا ڏئي، ڪئمپن ۾ انسانن کي ڪم و بيش جانورن جيان واڙيو ويو ھو.اھي حر مجاھد ھئا. قيد ۾ گھاريندڙ الھورايو بھڻ ان کي لفظن ۾ چٽيو آھي.ان ڪتاب جو نالو .”قيد ڪشالا زندگيءَ“ رکيو ويو.جنھن ۾ ليکڪ انگريز سامراج جي چالن ۽ باقي سنڌ پاران، پير صاحب پاڳاري جي ھيڏي جدوجھد کان لاتعلق ٿيڻ تي به ھن قلم کنيو آھي.جيءُ جھوريندڙ مسئلن کي قلم جي پڪڙ ۾ آڻڻ ڪو آسان ناھي.سائين الھورايو بھڻ ”آتم ڪٿا“ جي ڪتاب ۾ پنھنجين يادگيرين ۾ ”لوڙھن واري قيد“ جي ڏينھن راتين جو ذڪر ڪيو آھي. الهورايو بهڻ ٻاروتڻ جو عرصو 1942ع جي مارشل لاءِ دوران انگريزن جي ڪئمپ (لوڙهي) ۾ ماءُ پيءُ سان گڏ گذاريو. 1960ع ۾ فائنل جو امتحان پاس ڪري اُستاد ٿيو. سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪيائين. 1980ع ۾ بيورو آف ڪريڪيولم سنڌ پاران،آسٽريليا ۽ ملائيشيا جي مطالعاتي دورو ي ڪيو. 1960ع ۾ ”اداسيءَ“ جي تخلص سان شاعريءَ بھ ڪئي. سندس شاعريءَ جو مجموعو ”ايڏو درد عميق“ 1992ع ۾ ڇپيو. انکانسواءِ سندس ملائيشيا جو سفرنامو ”رنگا رنگ ملائيشيا“ به ڇپيل آهي. جڏهن تھ لاتعداد مضمون ۽ ڪالم لکيل اٿس.
الله ورايو بهڻ پروفيسر
برطانوي حڪومت جي قيد ڪيمپ جو جياپندر
Prof. allah Warayo Behan
British Government concentration camp survivor
- Prof. Behan offers a comprehensive historical - often undocumented and unknown - account of colonial times, life in concentration camps, the use of indiscriminate force against the HURs, the socio-political conditions of his era, women's role in the HUR resistance movement, and his personal account of life and politics of Pir Sibghatullah Shah Rashdi popularly known as Pir Pagaro or Soreh Badshah.
-Courtesy: The Soreh Badshah Study Circle: ABDUL RAZAQUE CHANNA (PHD), LUTAF A. MANGRIO (ANTHROPOLOGIST) DIRECTORS | Interview series; Living Legends.
- Complete interview Link: https://youtu.be/QAj42vGlqjw?si=xCla61sbvXq7nUys