23/09/2026
23 September 2026
سگا قاسم آباد برانچ پاران گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج قاسم آباد ۾ شاندار ڪيريئر ڪائونسلنگ سيمينار
شاگردن جي رهنمائي، مستقبل جي منصوبابندي ۽ تعليمي شعور جي واڌاري لاءِ اهم پروگرام
حيدرآباد: سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن (سگا) قاسم آباد برانچ پاران گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج قاسم آباد ۾ شاگردن لاءِ هڪ شاندار ڪيريئر ڪائونسلنگ سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن جو مقصد شاگردن کي اعليٰ تعليم، مستقبل جي تعليمي ۽ پيشاور موقعن، ۽ مناسب ڪيريئر جي چونڊ بابت رهنمائي فراهم ڪرڻ هو.
سيمينار جي صدارت سگا قاسم آباد برانچ جي صدر جناب نذير احمد هڱورو صاحب ڪئي. پروگرام ۾ سگا سنڌ جي وائيس چيئرمين پروفيسر خالد حسين چنا صاحب خاص طور تي شرڪت ڪئي، جنهن سان تقريب جي اهميت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو. برانچ صدر جناب نذير احمد هڱورو صاحب معزز مهمان جي شرڪت تي خاص طور تي سندن ٿورا مڃيا.
تقريب جي مهمانِ خصوصي ۽ نامياري اسڪالر پروفيسر محمد نواز سومرو صاحب شاگردن کي پنهنجي فڪر انگيز ۽ معلوماتي خطاب ذريعي تعليم جي اهميت، مستقبل جي منصوبابندي، محنت، مستقل مزاجي ۽ مناسب ڪيريئر جي چونڊ بابت تفصيلي رهنمائي فراهم ڪئي. سندن مؤثر ليڪچر مان شاگردن ڀرپور فائدو حاصل ڪيو، جڏهن ته پروگرام جي آخر ۾ شاگردن پاران مختلف اهم سوال پڻ ڪيا ويا، جن جا تفصيلي جواب ڏنا ويا.
ان موقعي تي سگا سنڌ جي وائيس چيئرمين پروفيسر خالد حسين چنا صاحب نامياري اسڪالر پروفيسر محمد نواز سومرو صاحب کي سنڌ جي ثقافت جي خوبصورت علامت اجرڪ اوڍائي عزت ۽ احترام جو اظهار ڪيو، جڏهن ته SGA قاسم آباد برانچ جي صدر جناب نذير احمد هڱورو صاحب گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج قاسم آباد جي معزز پرنسپال پروفيسر منير ڪريم ٻرڙو صاحب کي پڻ اجرڪ اوڍائي سندن مانُ مڃيو.
پروگرام جي باقاعده شروعات تلاوتِ ڪلامِ پاڪ سان ڪئي وئي، جنهن جي سعادت ڪاليج جي اسٽاف سيڪريٽري پروفيسر ڊاڪٽر دودو خان صاحب حاصل ڪئي.
سيمينار ۾ سگا قاسم آباد برانچ جي نائب صدر پروفيسر محمد سليم صاحب، برانچ انفارميشن سيڪريٽري سيد وسيم علي شاهه نقوي ۽ ميمبر مئنيجمينٽ ڪميٽي پروفيسر عبدالباري صاحب سميت ڪاليج جي استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
مقررین ان ڳالهه تي زور ڏنو ته شاگرد قوم جو مستقبل آهن، تنهنڪري کين صرف نصابي تعليم تائين محدود رکڻ بدران جديد دور جي گهرجن، اعليٰ تعليم جي موقعن، مختلف شعبن ۽ روزگار جي بدلجندڙ رجحانن بابت آگاهي ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.
سگا قاسم آباد برانچ پاران منعقد ڪيل هي ڪيريئر ڪائونسلنگ سيمينار شاگردن لاءِ انتهائي مفيد، معلوماتي ۽ حوصلا افزا ثابت ٿيو. پروگرام دوران شاگردن جي ڀرپور دلچسپي ۽ سوالن مان ظاهر ٿيو ته نوجوان پنهنجي مستقبل بابت مناسب رهنمائي ۽ مثبت موقعن جا خواهشمند آهن.
سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن (سگا) قاسم آباد برانچ ان عزم جو اظهار ڪيو ته مستقبل ۾ پڻ شاگردن جي تعليمي رهنمائي، ڪيريئر ڪائونسلنگ ۽ شخصيت سازي لاءِ اهڙا مثبت، تعميري ۽ علمي پروگرام منعقد ڪيا ويندا.
سيد وسيم علي شاهه نقوي
برانچ انفارميشن سيڪريٽري
سگا قاسم آباد