20/09/2026
60 ڏينهن...! 60 ڏينهن کان سنڌ جا نوجوان پنهنجي حقن، ميرٽ ۽ مستقبل جي بحالي لاءِ ميرٽ جي بحالي واري احتجاجي ڪيمپ ۾ مسلسل جدوجهد ڪري رهيا آهن. ڪنهن کي خبر آهي ته انهن مائرن جا لال ڪهڙي تڪليف مان گذري رهيا آهن؟ ڪنهن کي احساس آهي ته انهن جي اکين ۾ پنهنجن خوابن لاءِ ڪيتري اميد ۽ دل ۾ ڪيترو درد آهي؟
هي شاگرد ڪنهن کان خيرات نٿا گهرن، هو پنهنجو جائز حق، ميرٽ ۽ انصاف گهرن ٿا. پر افسوس، سندن آواز جو مناسب جواب اڃا تائين سامهون ناهي آيو.
سنڌ جا باشعور ماڻهو! اٿو، شاگردن جي سار لهو، ميرٽ جي بحالي واري ڪيمپ تي پهچو ۽ سندن آواز بڻجو. ڇو ته اڄ جيڪڏهن اسان خاموش رهياسين ته سڀاڻي اسان جي ٻارن جي مستقبل جو سوال به بي جواب رهجي سگهي ٿو.
شاگردن جو ساٿ ڏيو!
ميرٽ جي بحالي لاءِ آواز اٿاريو!
جيستائين انصاف نه ملندو، تيستائين جدوجهد جاري رهندي. ✊❤️