24/09/2026
تعلقا اسپتال هالا ۾ SICVD جهڙي دل جي سهولت ڏسڻ جي دلي تمنا رکندڙ سڀني دوستن کي گذارش آهي ته اسان جو ساٿ ڏين.
سول سوسائٽي وٽ سخي مخير حضرات ۽ بهترين پروفيشنل ٽيم موجود آهي، پر وڏي مقصد لاءِ هر هٿ جو ساٿ ضروري آهي.
هميشه پهريون قدم ڏکيو هوندو آهي،
پر اهو ئي قدم ڪاميابي جي شروعات بڻجندو آهي.
اچو ته گڏجي هالا جي عوام لاءِ هڪ اهڙي صحت جي سهولت جي بنياد وجهون، جنهن جو فائدو ايندڙ نسلون به وٺن. ❤️