30/05/2026
📅 29 مئي 2026ع
🌿 فلاحي خدمت جو هڪ ٻيو قدم 🌿
الحمدلله، ساوڪ سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن سُڪ واهڻ جي تعاون سان وڇاڻي محلي جي ننڍي اندرئين مسجد لاءِ تنظيم طرفان ٿڌي پاڻي جو ڪولر عطيو طور فراهم ڪيو ويو آهي، ته جيئن هن سخت گرمي جي موسم ۾ مسجد ۾ عبادت لاءِ ايندڙ نمازي مائرون، ڀينرون ۽ بزرگ عورتون ٿڌي پاڻي جي سهولت مان فائدو حاصل ڪري سگهن۔
هي نيڪ ۽ انسان دوست قدم محلي جي نياڻين ۽ بزرگ عورتن جي اپيل تي کنيو ويو، جنهن بعد اسلام آباد زون جي سرپرست آدم علي صاحب، معزز ميمبرن روشن علي، ساجد علي، استاد شمس الدين، اعجاز علي ۽ ٻين تنظيمي ڪارڪنن جي صلاح ۽ مشاورت سان هن فلاحي ڪم کي ترتيب ڏنو ويو، جڏهن ته تنظيم جي سي اي او طرفان پڻ ان جي منظوري ڏني وئي۔
اسان دعاگو آهيون ته الله پاڪ هن ننڍڙي خدمت کي پنهنجي بارگاهه ۾ قبول فرمائي ۽ سڀني سهڪار ڪندڙن کي اجرِ عظيم عطا فرمائي۔ آمين 🤲
منجانب:
ساوڪ سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن سُڪ واھڻ
سوشل ميڊيا ڪاميٽي