Bhalai Foundation Odero Lal Station

Bhalai Foundation Odero Lal Station BhalaiFoundationofficial

شڪر الحمدلله رب العٰلمين ڀلائي فائونڊيشن اڏيرو لال اسٽيشن جي تعاون سان  ِ_اسپتال طرفان 6 موتيي جي مريضن جا مفت آپريشن ڪر...
03/01/2026

شڪر الحمدلله رب العٰلمين
ڀلائي فائونڊيشن اڏيرو لال اسٽيشن جي تعاون سان ِ_اسپتال طرفان 6 موتيي جي مريضن جا مفت آپريشن ڪرايا ويا..!!

 شُڪر الحمدلله رب العٰلمينڀلائي فائونڊيشن اڏيرولال اسٽيشن پاران الله ڪريم جي ڪرم سان هڪ غريب، اکين جي نور کان محروم ڀاءُ...
26/09/2025


شُڪر الحمدلله رب العٰلمين
ڀلائي فائونڊيشن اڏيرولال اسٽيشن پاران الله ڪريم جي ڪرم سان هڪ غريب، اکين جي نور کان محروم ڀاءُ جي ڪٽنب لاءِ نلڪو لڳرائي، صاف پاڻي جي سهولت فراهم ڪئي وئي، جيڪا هاڻ ان جي لاءِ روزاني زندگي ۾ هڪ وڏي آساني بڻجي وئي آهي.
هن نيڪ ڪم ۾ جنهن پياري مھربان دل سان مدد ڪئي، رب پاڪ ان جي رزق، صحت، ۽ زندگيءَ ۾ بيشمار برڪتون عطا فرمائي، آمين.
اچو! اسان سڀ گڏجي اهڙن نادار، مجبور ۽ محتاج ماڻهن لاءِ ڪجھ ڪريون.
توهان جي هڪ ٿوري مدد بہ ڪنهن جي لاءِ ڪيترين ئي خوشين جو سبب بڻجي سگهي ٿي.
ڀلائي فائونڊيشن، انسانيت جي خدمت ۾ پيش پيش
رابطو ڪريو:
03453632660
03003075714

شڪر الحمدلله رب العٰلمينعلم هڪ اهڙو نور آهي جيڪو انساني ذهنن کي منور ڪري مستقبل جا دروازا کوليندو آهي، ۽ اهو نور اُنهن ئ...
30/08/2025

شڪر الحمدلله رب العٰلمين
علم هڪ اهڙو نور آهي جيڪو انساني ذهنن کي منور ڪري مستقبل جا دروازا کوليندو آهي، ۽ اهو نور اُنهن ئي ماڻهن جي ڪوششن سان پکڙجندو آهي، جيڪي پنهنجي علائقي جي نوجوانن ۽ معصوم شاگردن لاءِ تعليم جي راھ هموار ۽ روشن ڪرڻ ۾ جنبيل آھن.
ڀلائي فائونڊيشن اڏيرو لال اسٽيشن جي "ايجوڪيشن ڪميٽي" جي سينيئر ميمبر، علم دوست، قابل استاد ۽ درد دل رکندڙ شخصيت سائين امين اُڏيرائي بہ اهڙن نيڪ انسانن مان آهي، جنهن گورنمينٽ (بوائز) ھائير سيڪنڊري اسڪول اڏيرولال اسٽيشن جي غريب ۽ ضرورت مند شاگردن ۾ 150 رجسٽر (ڪاپيون) ورهائي هڪ بھترين قدم کنيو آھي،
سائين امين اُڏيرائي نہ صرف شاگردن کي علم ڏانهن راغب ڪري ٿو، پر سندن مالي مدد ڪرڻ سان گڏ، کين خاص وقت ڏيئي سندن حوصلن ۾ بہ نئون روح ڦوڪي ٿو، سائين جا اهي قدم يقينن اُنھن معصوم شاگردن لاءِ نہ صرف سهارو آهن، پر سندن روشن مستقبل جي ضمانت بہ آهن.
الله ڪريم سائين امين اُڏيرائي جي هن خدمت، خلوص ۽ علم دوستي کي پنهنجي بارگاھ ۾ قبول فرمائي ۽ هميشہ ڀلائي فائونڊيشن جي اهڙن ميمبرن کي اجر عظيم سان نوازيندو رهي..!!
آمين يارب العٰلمين

شڪر الحمدلله رب العٰلمينپاڻي زندگيءَ جي علامت آهي، اگر ڪو انسان ڪنھن پياسي لاءِ هڪ ڍُڪَ جو بہ بندوبست ڪري ٿو تہ الله ڪري...
20/08/2025

شڪر الحمدلله رب العٰلمين
پاڻي زندگيءَ جي علامت آهي، اگر ڪو انسان ڪنھن پياسي لاءِ هڪ ڍُڪَ جو بہ بندوبست ڪري ٿو تہ الله ڪريم کيس هزارين رحمتن، برڪتن سان نوازي ٿو.
ڀلائي فائونڊيشن اڏيرو لال اسٽيشن پنهنجي خدمت جي سفر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر خدا جي بندن لاءِ سهولت جو قدم کڻندي، ٻن پاڻي جي نلڪن جي سهولت فراهم ڪئي وئي.
هڪ شاه نندو قبرستان ۾، جتي ايندڙ ويندڙ هر پياسو انسان آساني سان پاڻي حاصل ڪري سگهي.
ٻيو هڪ ضرورت مند بيوه امڙ جي گهر ۾ لڳرائي ان کي پاڻي جي سھولت مھيا ڪئي وئي.
الله ڪريم هن ڀلائي کي پنهنجي حضور ۾ قبول فرمائي ۽ سڀني ساٿين جي حياتين ۾ آسانيون ڪري، ۽ سڀني کي آسانيون ورھائڻ جو شرف بخشيندو رھي..!!
آمين يارب العٰلمين
رابطي لاءِ:
03453632660
03003075714

جشن آزدي مبارڪ
14/08/2025

جشن آزدي مبارڪ

*شڪر الحمدلله رب العالمين*ڀلائي فائونڊيشن اڏيرو لال اسٽيشن ڪيترن ئي سالن کان مسلسل الله ڪريم جي رضا لاءِ نادار، غريب ۽ ض...
03/08/2025

*شڪر الحمدلله رب العالمين*
ڀلائي فائونڊيشن اڏيرو لال اسٽيشن ڪيترن ئي سالن کان مسلسل الله ڪريم جي رضا لاءِ نادار، غريب ۽ ضرورتمند ماڻهن جي خدمت ۾ مصروف عمل آهي. وسيلن جي محدود هجڻ باوجود، اخلاص ۽ نيڪ نيتي سان انسانيت جي ڀلائي لاءِ ڪم جاري آهي.
الحمدلله ٻن غريب ۽ بي وس خاندانن جي گهر جي ڇت لاء سرون ۽ گارڊر وٺي ڏنا ويا، جيئن ھو پنھنجن ٻچڙن کي ٿڌي ڇانوَ ۾ وھاري سگھن، ھن عمل سان سندن اکين ۾ خوشي جا ڳوڙها، مک تي شڪراني جي مرڪ ۽ دعا واضح هئي.
اها مرڪ، خوشي ۽ دُعا ئي ڀلائي فائونڊيشن جي سٿ جي حقيقي ڪمائي آهي.
الله رب العزت پنھنجي حضور ۾ قبول فرمائي، اھڙي خدمتن جو اجر عظيم عطا فرمائي ۽ وڌيڪ وسعت، ھمت، توفيق عطا ڪري. آمين يارب العٰلمين.
رابطي لاء
03453632660
03003075714

*ڀلائي_فائونڊيشن*
*اڏيرولال_اسٽيشن*

شڪر الحمدلله رب العالمينڀلائي، احساس ۽ خدمت جي جذبي سان سرشار ڀلائي فائونڊيشن اڏيرو لال اسٽيشن گذريل ڪيترن ئي سالن کان ن...
03/08/2025

شڪر الحمدلله رب العالمين
ڀلائي، احساس ۽ خدمت جي جذبي سان سرشار ڀلائي فائونڊيشن اڏيرو لال اسٽيشن گذريل ڪيترن ئي سالن کان نادار ۽ ضرورتمند ماڻهن جا اکين جا مفت آپريشن ڪرائي رهي آهي.
اڄ تائين 1500 کان وڌيڪ مريضن جي اکين جا آپريشن ڪاميابي سان ڪرايا ويا آھن، جيڪي پنهنجي زندگي ھڪ نئين اُميد سان گذاري رهيا آهن.
الحمدلله، الله ڪريم جي کوليل نئين دروازي حيدرآباد مان، اڄ بہ 8 غريب ۽ مستحق موتيي جي مريضن جا مفت آپريشن ڪرائي سندن ڌنڌلي دنيا کي روشن بڻايو ويو.
يقينن ھي خدمت ڪرڻ وارو الله رب العزت جي خاص انعامن جو حقدار بڻجي ٿو.
الله ڪريم ڀلائي فائونڊيشن جي هر ساٿي کي سلامت رکي، ۽ هن نيڪ ڪم لاءِ وڌيڪ استقامت عطا فرمائي.
اچو تہ گڏجي دنيا ۾ روشني ورهائيون، هر قدم انسانيت جي خدمت ڏانھن وڌايون..!!

شڪر الحمدلله رب العٰلمين💧 پاڻي زندگي آهي 💧اڄ جي دور ۾ جتي زندگيءَ جا بنيادي حق بہ ڪيترن ماڻهن لاءِ خواب بڻيل آهن، اتي ڪن...
24/07/2025

شڪر الحمدلله رب العٰلمين
💧 پاڻي زندگي آهي 💧
اڄ جي دور ۾ جتي زندگيءَ جا بنيادي حق بہ ڪيترن ماڻهن لاءِ خواب بڻيل آهن، اتي ڪنهن ضرورت مند کي صاف ۽ ٿڌو پاڻي مهيا ڪرڻ يقينن وڏي خدمت، اجر ۽ سڪون جي ڳالھ آهي.
الله ڪريم جو وڏو ڪرم آھي جنھن اسان کي انسانيت جي خدمت لاءِ ذريعن ۽ وسيلن جا در کولي ڏنا آھن انھيءَ تحت اسان جي علائقي ۾ ڀلائي فائونڊيشن اڏيرو لال اسٽيشن جو ڪردار هميشہ اھم ۽ نمايان رهيو آهي سو انھيءَ جو وڏو سَهرو فائونڊيشن جي چيئرمين سائين عزت علي برهماڻي صاحب کي وڃي ٿو، جن سدائين انسانيت جي بهتري لاءِ بھترين اڳواڻي جو فرض نڀايو آهي.
جسڪاڻي چوڪ تي ڀلائي فائونڊيشن پاران مسافرن ۽ آسپاس جي ننڍن دڪاندارن لاءِ صاف پاڻي جو نلڪو لڳرايو ويو، جيڪو يقينن هڪ بابرڪت قدم آهي.
الله ڪريم سائين عزت علي برهماڻي جن جي هن نيڪ عمل کي پنھنجي حضور ۾ قبول فرمائي، سندن خدمت جو سلسلو جاري وساري رکي.
اهڙا ڪم ئي معاشري ۾ آساني، همدردي ۽ ڀائيچاري کي جنم ڏين ٿا..!!
جزاکم الله في الدارين خيرا، ڀلائي فائونڊيشن انسانيت جي سچي خدمتگار.


@

شڪر الحمدلله رب العٰلمينپاڻي زندگي آهي، ۽ صاف پاڻي ھر انسان جي بنيادي حقن مان ھڪ آھي.ڀلائي فائونڊيشن اُڏيرو لال اسٽيشن ط...
18/07/2025

شڪر الحمدلله رب العٰلمين
پاڻي زندگي آهي، ۽ صاف پاڻي ھر انسان جي بنيادي حقن مان ھڪ آھي.
ڀلائي فائونڊيشن اُڏيرو لال اسٽيشن طرفان انسانيت جي خدمت جو هڪ بھترين قدم 14 ضرورت مند گھراڻن کي مٺي ۽ صاف پاڻي جي سھولت مھيا ڪري ڏني وئي.
ھن دور ۾ ھي رڳو پاڻي جي سھولت ناھي پر زندگيءَ جو سڪون آھي.
ڀلائي فائونڊيشن گذريل ڪيترن ئي سالن کان علائقي جي غريب ۽ نادار ماڻھن لاءِ نہ رڳو لفظن ۾، پر عملي طور ڀلائي جو مثال بڻيل آھي، ھي ادارو ضرورت مند جي بنا ڪنھن مت ڀيد جي، مک تي مرڪ، دلين ۾ سڪون ۽ گهرن ۾ آساني آڻي رهيو آهي.
الله ڪريم ڀلائي فائونڊيشن جي سٿ جي انهن ڪوششن کي قبول و مقبول فرمائي، ھمٿن ۾ وڌيڪ واڌارو عطا فرمائي ۽ سندن محنتن کي لاڳيتو ڪاميابيون ڏي، دعائن سان، محبتن سان، ڀلائيءَ جي رستي تي گڏ هلندا ھلن..!!
رابطي لاءِ:
03453632660
03003075714


#اُڏيرولال_اسٽيشن

18/07/2025

تعليم انسان جي ذهني شعوري توڙي اخلاقي تربيت جو ذريعو آهي. والدين جو اولاد لاء سڀ کان بهترين تحفو انهن کي سُٺي تعليم ۽ تربيت ڏيڻ آهي.
اصفيٰ اڪيڊمي هاء اسڪول نئين نسل جي بهترين مستقبل جي لاء گذريل 25 سالن کان مسلسل جدوجهد ڪري رهي آهي. الحمداللّه هن اداري ۾ پڙهندڙ الاهي شاگرد مختلف کاتن ۾ نوڪريون ڪري رهيا آهي تہ ڪي وري ڪاميابيءَ سان پنهنجو بزنس هلائي رهيا آهن. ڪيترائي شاگرد پاڪستان توڙي دنيا جي مختلف يونيورسٽين ۾ پنهنجي جدوجهد جي سفر کي جاري رکندا اچن. هي ادارو خاموشيءَ سان پنهنجي علائقي جي ماڻهن جي بنا ڪنهن مت ڀيد جي خدمت ڪندو اچي ۽ انشاءَاللّه اهو سلسلو جاري و ساري رهندو.
سال 2026-25 جي لاء ڪلاس نرسري کان ڪلاس ڏهين تائين داخلائون جاري آهن. 30 جولاء تائين ڪابہ داخلا فيس نہ ورتي ويندي.
پرنسپال
عرفان علي عمراڻي
اصفيٰ اڪيڊمي هاء اسڪول
اڏيرولال اسٽيشن.

شڪر الحمداللّه چيئرمين ڀلائي فائونڊيشن سائين عزت علي برهماڻي طرفان سنڌ جي هڪ مشهور عالم دين ۽ بزرگ هستيءَ کي سولر پينل ج...
21/06/2025

شڪر الحمداللّه چيئرمين ڀلائي فائونڊيشن سائين عزت علي برهماڻي طرفان سنڌ جي هڪ مشهور عالم دين ۽ بزرگ هستيءَ کي سولر پينل جو عطيو ڏنو ويو.

Address

Banglo
70090

Opening Hours

Monday 09:00 - 18:00
Tuesday 09:00 - 18:00
Wednesday 09:00 - 18:00
Thursday 09:00 - 18:00
Friday 09:00 - 18:00
Saturday 09:00 - 18:00

Telephone

+92222027200

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Bhalai Foundation Odero Lal Station posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to Bhalai Foundation Odero Lal Station:

Share