03/07/2026
پڌرائي:
تنظيم جي سابقہ صدر ۽ ڊگهي عرصي کان سماجي خدمتون سر انجام ڏيندڙ محترم محمد اسلم محمد طالب جي پروفيشنل ڪاميابين کي ساراھڻ ۽ تازو هڪ عالمي سطح جي هيومينيٽيرين اداري ۾ گلوبل ٽيڪنيڪل ايڊوائيزر جي حيثيت سان سندن مقرري کي سيليبريٽ ۽ خراجِ تحسين پيش ڪرڻ لاٰءِ سندس مان ۾ هڪ تقريب رکي وئي.
تقريب ۾ تنظيم سان لاڳاپيل دوستن سندس اڻٿڪ محنت کي نه صرف ساراهيو ۽ اهو اظهار پڻ ڪيو ته اسلم جو ڪنهن انٽرنيشنل آرگنائيزيشن سان گڏجي گلوبل ليول تي ڪم ڪرڻ سموري برادري جي لاءِ اعزاز ۽ فخر جي ڳالهه آهي. ان موقعي تي صدر محترم الھ نواز، نائب صدر شميم حسين، عبدالجبار حبيباڻي، رفيق دائود، عرفان احمد، محمد ياسين، عمران غلام حسين، غلام مصطفى يوسف، ياسر يعقوب ۽ عبدالڪريم مجيد پڻ خيالن جو اظهار ڪيو ۽ ڪيڪ ڪٽي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا.
[email protected]
www.ymkws.org