12/04/2023
روضهء رسولﷺ تي هڪ ڳوٺاڻو عرب حاضر ٿيو ۽ ربّ پاڪ کان ڪجه هن انداز ۾ دعا گهريائين،
ان جي دعا گهرڻ جو انداز ڏسو،
لفظن تي غور ڪجو!
یقین ڄاڻو ته ربّ ڪريم کان گهرڻ جو به هڪ خاص فن، انداز ۽ ڍَنگ هوندو آهي جيڪو هن ٻهراڙيءَ جي رهڻ واري عرب کان سکڻ گهرجي..
چوي ٿو اي الله!
هي اوهان جا حبیب آهن،
مان اوهان جو غلام آهيان ۽ شیطان اوهان جو دشمن آهي،
يا الله اگر تون مونکي بخشي ڇڏيندين ته تنهنجو حبیب خوش ٿيندو، تنهنجو ٻانهو ڪامیاب ٿيندو ۽ تنهنجو دُشمن غمگین ٿيندو...
مولا! اگر تون منهنجي بخشش نه ڪئي ته تنهنجو حبیب غمگین ٿيندو، تنهنجو ٻانهو ناڪام ٿيندو ۽ تنهنجو دشمن خوش ٿيندو...
اي مالڪ! تنهنجو شان ان کان اعليٰ آهي ته تون پنهنجي حبیب کي غمگین ڪرين، پنهنجي ٻانهي کي ناڪام ۽ پنهنجي دشمن کي خوش ڪرين...
اي منهنجا پروردگار،
اسان عرب آهيون، اسان وٽ جڏهن ڪو سردار فوت ٿيندو آهي ته ان جي قبر تي غلامن کي آزاد ڪيو ويندو آهي..هي ته تمام جهانن جَي سردار محمد الرسول اللهﷺ جي قبر مبارڪ آهي، بس هن جاءِ تي مون غلام کي جھنم جي باه کان آزادي فرمائي ڇڏ،
آمین..
مان ان انداز ۾ دعا ٻڌي دنگ رهجي ويس،
وري ان سان ڳاله ڪئي. مون پنهنجي عمر ٻڌائي ۽ ان جي عمر پڇا ڪئي ته معلوم ٿيو هو 95 سالن جو هيو ۽ هن جي ماء جو انتقال 105 ورهين جي عمر ۾ ٿيو هو..
مون ٿورو هچڪچاهٽ سان پڇومانس ته اهڙي صحت جو راز ته ٻڌاءِ؟
چوڻ لڳو بس بیمار نه ٿيندو ڪر.
مون وراڻيو اهو اسان جي وس ۾ ته ناهي،
کِلي ڪري چوڻ لڳو بلڪل به وس ۾ آهي.
پڇو مانس اوهان ئي ٻڌايو مون ضرور عمل ڪندس.
منهنجي ويجهو اچي هلڪي آواز ۾ چوڻ لڳو، وات ۾ ڪڏهن به ڪائي شيء بسم الله کان بغیر نہ وجهندو ڪر، ڀلَي اهو پاڻي جو ڦڙو هجي يا چڻَي جو داڻو...
منهنجي خاموشيءَ واري ڪيفيت ٿي وئي..
وري چوڻ لڳو الله تعاليٰ ڪائي شيء بي مقصد ۽ بغير سبب ناهي ٺاهي. هر شيء ۾ ڪا نه ڪا حڪمت هوندي آهي، ۽ ان ۾ فائدا ۽ نقصان ٻئي پوشیدہ هوندا آهن، جڏهن اسين ڪائي به شيء بسم الله پڙهي ڪري وات ۾ وجهندا آهيو، ته الله پاڪ ان مان نقصان وارين علامتن کي ڪڍي ڇڏيندو آهي،
همیشه بسم الله پڙهي ڪري کائيندا پیئندا ڪريو. ۽ دل ۾ بار بار خالق اڪبر جو شڪر ادا ڪندا رهو. ۽ جڏهن کائي ختم ڪريو ته به هٿ کڻي شڪر ادا ڪيو. انشآءَالله ڪڏهن به بیمار نه ٿيندوۡ،
منهنجيون اکيون تَر ٿينديون پيون وڃن ته هي شخص اسان جي مسجدن جي مُلن ۽ عالمن کان ڪيترو نه وڏو عالم هيو؟
خیر دیر پئي ٿيندي وڃي مون سلام ڪري اٿڻ لڳس ته منهنجو هٿ پڪڙي چوڻ لڳو؛
کائڻ جي حوالي سان آخری ڳاله به ٻُڌيون وڃ،
مون جيءُ چَئي ڪري ويهي رهيس، چوڻ لڳو اگر ڪنهن سان گڏ ويهي ڪري کائين ته تون ڪڏهن ڀُلجي به اڳرائي نه ڪندو ڪر. ڀلَي ڪيتري به بک ڇونه هجئي. پهريان سامهون واري جي ٿانوَ ۾ وجه ۽ اهو جيستائين گرهُ پنهنجي وات ۾ نه رکي تيسيتائين تون شروع نه ڪجانء.
منهنجي همٿ نه پئي ٿي ته ان جو فائدو پڇانس؟
پر هو پاڻ ئي چوڻ لڳو ته هي تنهنجي کائڻ جو صدقو ادا ٿي ويندو ۽ الله به راضي ٿيندو ته تون پهريان ان جي ٻانهي کي کارايو ۽ ان جي ٻانهي جو خیال ڪيو،
یاد رک غذا جسم جِي ۽ بسم الله روح جِي غذا آهي،
هاڻي ٻڌاءِ ڇا تون اهڙي طرح کائڻ سان بیمار ٿي سگهين ٿو؟
مون شرمندگيءَ ۾ ٻڏل، ان جي چَهري تي پنهنجا ٻئي هٿ رکي رکي موڪلائڻ جي اجازت وٺي ڪري تیزيءَ سان اٿيس ۽ سندس کان مُڙي ويس ته دین جَي ننڍين ننڍين ڳالهين کان اسان ۽ اسان جي اولاد ڪيڏا نه بيخبر ۽ محروم آهيون،
تڏهن ته اسان جو معاشرو هر برائيءَ ۾ ٻڏو پيو آهي.
الله پاڪ اسان کي دل وَ جان سان شُڪر ڪرڻ وارو بڻائي ۽ دین جو صحیح علم ۽ صاف سمجه عطا فرمائي.
آمین ثم آمین...
🎋جزاڪ الله خيرا🎋