23/04/2026
سکر: سکر ۾ محبت، همدردي ۽ انساني ڀلائي سان سرشار شيخ ڪميونٽي ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران 30 جوڙن جي اجتماعي نڪاح ۽ شادي تقريب وڏي شان ۽ شوڪت سان منعقد ڪئي وئي۔ تقريب دوران هر طرف خوشيءَ جا منظر، لاڏا، سهرا ۽ روايتي گيتن جي سُرن ماحول کي وڌيڪ پرڪشش بڻائي ڇڏيو۔
تقريب ۾ شريڪ گهوٽن ۽ ڪنوارن لاءِ نه صرف عزت ۽ محبت جا احساس پيش ڪيا ويا، پر سندن نئين زندگي جي شروعات کي آسان بڻائڻ لاءِ ڀرپور سهڪار پڻ ڏنو ويو۔ شيخ ڪميونٽي پاران هر ڪنوار کي ڏاج ۾ ضروري گهريلو سامان فراهم ڪيو ويو، جنهن ۾ سولر سسٽم، ڊنر سيٽ، الماري، سلائي مشين، ڪچن سيٽ، استري، ڪپڙن جا جوڙا، جوتيون، کٽون، ميڪ اپ ۽ فرنيچر شامل هئا، جيڪي سندن مستقبل کي سنوارڻ لاءِ هڪ قيمتي ڀيٽا بڻيا۔ گھوٽن کي پڻ ڪپڙا جوتا ۽ ٻيو سامان ڏنو ويو،
تقريب جي ميزباني دوران شيخ ڪميونٽي ويلفيئر ايسوسيئيشن جي چيئرمين يار محمد شيخ، صدر جميل احمد شيخ، جاويد شيخ، وائيس چيئرمين ڀائي خان شيخ ۽ ٻين اڳواڻن مهمانن جي ڀرپور آجيان ڪئي ۽ سندن موجودگي کي پنهنجي لاءِ اعزاز قرار ڏنو۔
مقررن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته مهانگائي جي هن ڏکئي دور ۾ غريب، مستحق، نادار ۽ يتيم نياڻين جي اجتماعي شادين جو اهتمام ڪرڻ نه صرف هڪ سماجي ذميواري آهي، پر هڪ عظيم انسان دوستي جو عمل پڻ آهي، جنهن سان ڪيترين ئي زندگين ۾ خوشين جا ڏيئا روشن ٿين ٿا۔
تقريب جي پڄاڻي تي آيل مهمانن ۽ ڄاڃين لاءِ وليمي جو اهتمام پڻ ڪيو ويو، جتي سڀني گڏجي خوشيءَ جا پل ونڊيا ۽ هن نيڪ عمل کي ساراهيو۔