06/09/2026
پاڪستان پيپلز پارٽي ٺٽو سٽي جو صدر عبدالعزيز ميمڻ ٺٽو يونين آف جرنلسٽس (ورڪرز) منسلڪ (پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس ورڪرز) جي شيخ فريد چوڪ اسلام پور محلي ۾ واقع آفس تي تشريف کڻي آيا ۽ ميمڻ ميڊيا آرگنائيزيشن سنڌ جي صدر ۽ ٺٽو يونين آف جرنلسٽس (ورڪرز) ضلعي جي جنرل سيڪريٽري اشرف چنڊ ميمڻ سان تفصيلي ملاقات ڪئي ۽ ٺٽي سٽي ۾ پيپلز پارٽي طرفان ھلندڙ عوامي ڀلائي ۽ ترقياتي منصوبن کان آگاهه ڪيو ۽ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (ورڪرز) تنظيم جي صحافين لاء ڪاوشن کي ساراهيو ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو