All thakor students welfare organization sindh

All thakor students welfare organization sindh All thakor ithad wefare association sindh

آل ٺاڪور اسٽوڊينٽس آرگنائيزيشن آف سنڌ
آل ٺاڪور قوم کي سجاگ ڪرڻ لاء ڪجه اهم ڳالهيون
آل ٺاڪور اسٽوڊينٽس آرگنائيزيشن آف سنڌ جو منشور ٻن شين تي مشتمل آهي
.تعليم صحت
تعليم ـ لفظ تعليم جي معنى سکيا،پڙهائي،تدريس،هدايت،رهبري ۽ تلقين
آهي.مخلتف مذهبي اڳواڻن،تعليمي ماهرن مفڪرن،دانشورن تعليم
جون مختلف وصفون بيان ڪيون آهن هڪ ڪتاب ۾ لکيو ويو آهي
ته تعليم ڀگوان جي معرفت جو ذريعو آهي.۽ جيڪ

و تعليم حاصل ڪري
ٿو.اهو ڀگوان جي عبادت ڪري ٿو ۽ جيڪو تعليم ڏئي ٿو،اهو ڄڻ دان پُڃ ڪري ٿو.علم انسان لاءِ مال ۽ دولت آهي.تعليم جي ماهرن تعليم جا مقصد بيان ڪيا آهن.ته تعليم حاصل ڪرڻ سان جسماني، جذباتي ،ذهني ۽ معاشرتي ترقي حاصل ٿئي ٿي.تعليم حاصل ڪرڻ سان انسان زمين جي هيٺا نهن کان آسمان جي بلندين تائين پهچي وڃي ٿو.تعليم روشني آهي.اچو ته گڏجي جهالت جي اونداهي کي تعليم جي روشني سان ڀڄائي ڪڍو.
شلوڪ؛يَشانه وِديا،نه تپونه دانَم، گيانَم نه شِيلم، گڻونه ڌرمه ،تي مرتيو لوڪي ، ڀارڀُوتا،منوشيه روپيڻ،مرگهاس چرنتي،ترجمو؛جن وٽ نڪوعلم آهي،نڪو تپسيا آهي،نڪو شِيل آهي،نڪو گُڻ آهن،۽ نه ئي ڌرم آهي،اهي ته هِن دنيا۾زمين تي بار آهن،انسان جي روپ ۾گاهه چرڻ وارا جانور آهن.
ڪجه اهم نقطا تعليم جي نظري مطابق .1علم ڏاهپ آهي، مشڪل ۾ مدد ڪري سگهي ٿو.
علم عبادت آهي،حاصل ڪرڻ سان ثواب ملي ٿو. 3.علم بادشاهي آهي،هر جاءِ تي عزت بخشي ٿو.2
علم هدايت آهي،ڀٽڪيلن جو علاج ڪري ٿو.جنهن علم پرايو ۽ عمل نه ڪيو ان جو مثال ائين آهي جئين هڪ هاري هر ڪاهيو ۽ ٻج نه ڇٽيو
علم هڪ اهڙو درياءُ آهي، جيڪو انسان کي اونداهي کان ڪڍي روشي ۾ پهچائي ٿو.
شري ڪرشن ڀڳوان شريمد ڀَڳوَت گيتا ۾ 10 آدياءَ ۾ فرماين ٿا
. شلوڪ: تيشام ستت يوڪتا نام ڀيجتام پريتي پورو ڪم، ددامي ٻُدي يوگم تم ي نِ مام اَپيانتي تي.
ترجموــ اُهي اِنسان جيڪي مون کي مُسلسل پريم ۽ ڀڳتي سان پوڄين ٿا آئون اُنهن کي اهڙي ٻُدي (عقل) عطا ڪرِيان ٿو جنهن سان مونکي ڄاڻي پنهنجي علم ۾ اِظافو ڪري سگهن ٿا.
تعليم هر فرد کي حاصل ڪرائڻ جنهن ۾ مرد، عورت ۽ ڇوڪرين کي ڏيڻ جي ڪوشش ڪرڻ جنهن ۾ مختلف جاين تي سيمينار ۽ فنڪشن ڪرائڻ جيئن ته تعليم جو رجهان پيدا ٿي سگهي ٿو.
خاص ڪري نياڻين کي تعليم حاصل ڪرائڻ سان اسان جي خاندان ۾ شعور پيدا ٿيندو.
“صحت”
صحت جي معني،جسماني ۽،ذهني طور فٽ هجي.اسين ڪيترين بيمارين جو سبب بڻجون ٿا.انهي جو سبب صرف ۽ صرف صفائي نه هجڻ جي ڪري آهي،صفائي نه هئڻ جي ڪري ڪيتريون ئي بيماريون اٽيڪ ڪري سگهن ٿيون. اسان جي آرگنائيزيشن جو مقصدآهي ته قوم ۾ صفائي جي باري ۾ ڄاڻ ڏيڻ ۽ مختلف سيمينار ۽ فنڪشن ڪرائي شعور پيدا ڪرڻ ته جيئن بيمارين کان بچي سگهي. بيمارين کان بچڻ لاءِ مختلف سيمنار ۽ فنڪشن ڪرائي انهن کي ڄاڻ ۽ شعور پيدا ڪرڻ آهي. اسان جي آرگنائيزيشن جو مقصد صحت جي باري ۾ ڄاڻ، ۽ حفاطتي ٽکا ڏيارڻ جو شعور پيدا ڪرڻ آهي، ضرورتمند جي لاءِ فري ڪيمپون لڳائڻ ۽ دوائون مهيا ڪرڻ آهي، ۽ هر طرح جي مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ آهي

09/11/2025

اسان جي ٺاڪور برادري جي فخر، سائين منجي رام سيٺ امرت صاحب عمرڪوٽ ۽ محترم استاد سر مومجي صاحب کي دل جي گهراين مان سلام ۽ جس پيش ڪجي ٿو.

اڄ اهو خواب ساڀيان ٿيو، جيڪو سائين منجي صاحب شروع کان ڏٺو هو—
برادري ليول تي هڪ شاندار هاسٽل جي تعمير،
جتي اسان جا شاگرد سکون سان رهي پنهنجي تعليم تي مڪمل ڌيان ڏئي سگهن.

هي هاسٽل رڳو عمارت ناهي، پر اسان جي نوجوانن جي روشن مستقبل ڏانهن هڪ اهم قدم آهي.
هاڻي مختلف يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ شاگرد هتي رهي وڌ کان وڌ محنت سان تعليم حاصل ڪري سگهندا.

هي سڀ ڪجھ سائين منجي صاحب ۽ سڀني ساٿين جي محنت، نيت ۽ بي لوث جدوجهد جو نتيجو آهي.مالڪ سڀني ساٿ ڏيڻ وارن کي وڌيڪ ڪاميابيون ڏي.
برادري جي خدمت جو اهو سلسلو هميشه آباد رهي.
ھريچند ٺاڪور

16/03/2025
20/05/2023

Tanzo injection dose calculationAccording to paediatericionTanzo 4.5g/ 2.25g(4500mg, 2500mgAccording to prescription 300mg, 4500mg, 20ml D/water.300×20=6000÷...

https://youtu.be/EZX0yvdWZa0
09/05/2023

https://youtu.be/EZX0yvdWZa0

Tanzo injection dose calculationAccording to paediatericionTanzo 4.5g/ 2.25g(4500mg, 2500mgAccording to prescription 300mg, 4500mg, 20ml D/water.300×20=6000÷...

Address

Tando Muhammad Khan

Opening Hours

09:00 - 17:00

Telephone

+923012754713

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when All thakor students welfare organization sindh posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to All thakor students welfare organization sindh:

Share