PMA Sukkur Official Information Hub

PMA Sukkur  Official Information Hub Official PMA updates, health awareness, and doctors’ community information.

پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن سکرعزمِ نو: سکر ڊويزن ۾ صحت جي نظام جي بهتري ۽ ترقيءَ لاءِ گڏيل ڪوششوناڄ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسي...
27/07/2026

پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن سکر
عزمِ نو: سکر ڊويزن ۾ صحت جي نظام جي بهتري ۽ ترقيءَ لاءِ گڏيل ڪوششون
اڄ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن سکر جي هڪ اعليٰ سطحي وفد وائيس پريزيڊنٽ پي ايم اي سکر ۽ پبلڪ هيلٿ ايسپيشلسٽ ڊاڪٽر شاهه محمد مھر جي اڳواڻيءَ ۾ ڊائريڪٽر هيلٿ سروسز جي آفيس سکر جو دورو ڪيو
وفد ۾ پي ايم اي سکر جو جوائنٽ سيڪريٽري 1 ريٽائرڊ ڪيپٽن ڊاڪٽر نصرالله سومرو، جوائنٽ سيڪريٽري 2 ڊاڪٽر پير علي ساوند، ايگزيڪيوٽو ميمبر، پرنسپال پيرا ميڊيڪل اينڊ هيلٿ ٽيڪنيشن اسڪول سکر ۽ پبلڪ هيلٿ ايسپيشلسٽ ڊاڪٽر ارشد حسين قاضي، ايگزيڪيوٽو ميمبر ڊاڪٽر عبدالوهاب ٻرڙو ۽ ايگزيڪيوٽو ميمبر پي ايم اي سکر ۽ سول سرجن هاسپيٽل سکر ڊاڪٽر طارق حسن چچڙ شامل هئا
پي ايم اي سکر جي وفد پاران سکر ڊويزن جي نئين مقرر ٿيل نوجوان ڊائريڪٽر هيلٿ سروسز ڊاڪٽر فرخ ڀنڀرو کي سنڌ جي ثقافتي سوغات اَجرڪ پارائي وئي ۽ کيس نئون عهدو سنڀالڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪئي وئي
ان موقعي تي هڪ اهم گڏجاڻي پڻ ٿي، جنهن ۾ هڪ ٽيم طور گڏجي سکر جي صحت واري نظام کي وڌيڪ فعال ۽ اپگريڊ ڪرڻ جو گڏيل عزم (وچن) ڪيو ويو. گڏجاڻيءَ ۾ خاص طور تي هيٺين اهم نقطن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي
هيلٿ پروموشن: عوام ۾ صحت بابت آگاهي کي وڌائڻ
هيلٿ سروسز ڊليوري : اسپتالن ۽ صحت جي مرڪزن ۾ طبي سهولتن جي فراهمي کي بهتر بنائڻ
انفيڪشن پريوينشن ڪنٽرول : بيمارين جي ڦهلاءَ کي روڪڻ ۽ اسپتالن کي محفوظ رکڻ لاءِ ضابطن تي سختي سان عمل ڪرائڻ
پي ايم اي سکر اميد ظاهر ڪري ٿي ته ڊاڪٽر فرخ ڀنڀرو جي قيادت ۾ سکر ڊويزن جو هيلٿ سسٽم ترقيءَ جون نيون منزلون طئي ڪندو
PMASukkur #
SindhHealth
PublicHealth

عوامي صحت جي سهولت ۽ مريضن جي سار سنڀال اسان جي پهرين ترجيح آهيپي ايم اي سکر جي نائب صدر ۽ پبلڪ هيلٿ ماهر ڊاڪٽر شاهه محم...
27/07/2026

عوامي صحت جي سهولت ۽ مريضن جي سار سنڀال اسان جي پهرين ترجيح آهي
پي ايم اي سکر جي نائب صدر ۽ پبلڪ هيلٿ ماهر ڊاڪٽر شاهه محمد مهر، جوائنٽ سيڪريٽري ڊاڪٽر پير علي ساوند، ۽ ايگزيڪيوٽو ميمبر ليڪچرار ڊاڪٽر عبدالوهاب ٻرڙو جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد ايس آءِ يو ٽي چاٻلاڻي اسپتال، منارا روڊ سکر جو دورو ڪيو. هن دوري جو بنيادي مقصد اسپتال ۾ داخل مريضن جي سار سنڀال لهڻ ۽ انهن جي طبي سهولتن جو جائزو وٺڻ هو
ان موقعي تي پي ايم اي سکر جي وفد ايس آءِ يو ٽي جي انچارج، انسان دوست ۽ انتهائي تجربيڪار سرجن ڊاڪٽر صبور سومرو سان ملاقات ڪئي. ڊاڪٽر صبور سومرو اهڙو لائق ۽ فرض شناس آفيسر آهي جيڪو 24 ئي ڪلاڪ مريضن جي خدمت لاءِ اسپتال ۾ موجود رهي ٿو
پي ايم اي سکر پنهنجي ڪميونٽي کي بهترين صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ مريضن جي مالڪي ڪرڻ لاءِ هميشه وانگر عملي ميدان ۾ سرگرم آهي

*جعلی آئی ڈی سے متعلق اہم اطلاع*آپ سب کو مطلع کیا جاتا ہے کہ ڈاکٹر سراج احمد سہیتو، ڈسٹرکٹ ہیلتھ آفیسر (DHO) جیکب آباد ک...
23/07/2026

*جعلی آئی ڈی سے متعلق اہم اطلاع*

آپ سب کو مطلع کیا جاتا ہے کہ ڈاکٹر سراج احمد سہیتو، ڈسٹرکٹ ہیلتھ آفیسر (DHO) جیکب آباد کے نام سے ایک جعلی (Fake) سوشل میڈیا آئی ڈی بنائی گئی ہے۔

اطلاع ملی ہے کہ اس جعلی آئی ڈی کے ذریعے لوگوں سے رقم طلب کی جا رہی ہے۔ ڈاکٹر سراج احمد سہیتو، DHO جیکب آباد کا اس آئی ڈی سے کسی بھی قسم کا کوئی تعلق نہیں ہے۔

تمام افراد سے گزارش ہے کہ اس جعلی آئی ڈی پر کسی قسم کی رقم نہ بھیجیں، نہ ہی اپنی ذاتی معلومات شیئر کریں۔ اگر آپ کو اس آئی ڈی سے کوئی پیغام موصول ہو تو فوراً اسے رپورٹ اور بلاک کریں۔

براہِ کرم اس اہم اطلاع کو زیادہ سے زیادہ شیئر کریں تاکہ مزید لوگوں کو دھوکہ دہی سے بچایا جا سکے۔

DHO JacobAbad Dr Siraj Ahmed Sahito

PMA Sukkur Strongly Condemns the Victimization of Dr. Roshan ChandioPMA Sukkur stands in solid solidarity with Dr. Rosha...
19/07/2026

PMA Sukkur Strongly Condemns the Victimization of Dr. Roshan Chandio
PMA Sukkur stands in solid solidarity with Dr. Roshan Rasool Chandio, President of YDA Sindh.
It is highly alarming that immediately after raising genuine concerns regarding the security of doctors in public hospitals, the Medical Superintendent of Liaquat University Hospital issued an unnecessary and unethical letter targeting him
Instead of using intimidation tactics against those who speak up for doctors' rights, the administration must focus on fixing the serious security issues faced by healthcare professionals.
We demand an immediate end to all forms of victimization and harassment. Justice and dialogue must prevail over intimidation.
StandWithDrRoshan

VICE PRESIDENT PMA SUKKUR DR Shah Mohammad Mahar Medico legal officer GMmmc hospital Sukkur

پي ايم اي سکر پاران هڪ اهم قدم: سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر پرويز ڪورائي پي ايم اي سکر جو ايگزيڪيوٽو ميمبر مقررپي ايم اي سکر جي م...
16/07/2026

پي ايم اي سکر پاران هڪ اهم قدم: سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر پرويز ڪورائي پي ايم اي سکر جو ايگزيڪيوٽو ميمبر مقرر
پي ايم اي سکر جي محنتي ۽ متحرڪ عهديدارن پاران ڪيميڪل ليبارٽري روهڙي جو دورو ڪيو ويو. ان موقعي تي سنڌ جي نامور، ايماندار، ڪڏهن به نه جهڪڻ ۽ نه وڪامڻ واري بهادر سينيئر آفيسر ڊاڪٽر پرويز ڪورائي (ڪيميڪل ايگزامنر آفيسر، سنڌ) کي پي ايم اي سکر جو ايگزيڪيوٽو ميمبر مقرر ڪيو ويو
هن ملاقات ۽ دوري ۾ پي ايم اي سکر جي هيٺين اڳواڻن شرڪت ڪئي
ڊاڪٽر شاهه محمد مهر (وائيس پريزيڊنٽ پي ايم اي سکر ۽ ميڊيڪو ليگل آفيسر، غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج اسپتال سکر)
ڊاڪٽر پير علي ساوند جوائنٽ سيڪريٽري پي ايم اي سکر ۽ ميڊيڪو ليگل آفيسر سول اسپتال سکر
ڊاڪٽر ارشد قاضي بهادر اڳواڻ، ايگزيڪيوٽو ميمبر پي ايم اي ۽ پرنسپال پي ايم اينڊ ايڇ ٽي اسڪول سکر ۽ پبلڪ هيلٿ ايڪسپرٽ
ڊاڪٽر عبدالوهاب ٻرڙو ايگزيڪيوٽو ميمبر پي ايم اي ۽ ليڪچرار پي ايم اينڊ ايڇ ٽي اسڪول سکر

ڊاڪٽر مقصود ملاح پي ايم اي جو سرگرم نوجوان اڳواڻ ۽ سينيئر ميڊيڪل آفيسر، جي ايم ايم ايم سي هاسپيٽل سکر
اسان جو عزم ۽ مقصد
ٽيم ورڪ (گڏيل ڪوششون): سڀ گڏجي هڪ مضبوط قوت بڻجي ڪم ڪنداسين
⚖️ ڊاڪٽرن جي حقن جي جنگ: ڊاڪٽرن جي جائز حقن لاءِ هر فورم تي آواز اٿارينداسين
🏥 هيلٿ سروسز ڊليوري (صحت جي سهولتن جي فراهمي): مريضن تائين بهترين طبي سهولتون پهچائڻ ۽ صحت جي نظام ۾ مثبت تبديلي (هيلٿ ايولوشن) آڻڻ لاءِ ڪوششون جاري رهنديون
ڊاڪٽر پرويز ڪورائي جهڙي اصول پرست ۽ مخلص شخصيت جي پي ايم اي سکر ڪابينا ۾ شموليت سان اسان جي تنظيم کي وڌيڪ طاقت ملندي
پي ايم اي سکر سنڌ زنده آباد 🇵🇰🩺

هالار ميمڻ اسپتال ۾ پي ايم اي سکر جي اهم گڏجاڻيهالار ميمڻ اسپتال ۾ پي ايم اي سکر جي وائيس پريزيڊنٽ ڊاڪٽر شاهه محمد مهر  ...
09/07/2026

هالار ميمڻ اسپتال ۾ پي ايم اي سکر جي اهم گڏجاڻي
هالار ميمڻ اسپتال ۾ پي ايم اي سکر جي وائيس پريزيڊنٽ ڊاڪٽر شاهه محمد مهر جي ايم ايم سي سول هاسپيٽل سکر)، جوائنٽ سيڪريٽري ڊاڪٽر پير علي ساوند، ڊاڪٽر ديپڪ ڪمار ۽ ايگزيڪيوٽو ميمبر ڊاڪٽر عبدالوهاب ٻرڙو (پيرا ميڊيڪل اينڊ هيلٿ ٽيڪنيشن اسڪول سکر) جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد پي ايم اي سکر جي چونڊيل ۽ مستقبل جي صدر، انتهائي تجربيڪار ۽ ويل-ٽرينڊ جنرل سرجن ڊاڪٽر خوش محمد سوهو سان ملاقات ڪئي
ان انتهائي خوشگوار ماحول ۾ ٿيل فارمل ميٽنگ دوران پي ايم اي سنڌ جي پاليسين ۽ پي ايم اي سکر جي ماهوار اجلاس جي ايجنڊا تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي
ميٽنگ ۾ ٿيل اهم فيصلا ۽ بحث هيٺيان آهن
ماهوار اجلاس جي ايجنڊا: پي ايم اي سکر جي باقاعدي تنظيم سازي ۽ ميمبرن سان رابطي ۾ رهڻ لاءِ ماهوار گڏجاڻين جي شيڊول ۽ ايجنڊا کي حتمي شڪل ڏني وئي
مسئلن جو حل: پي ايم اي سکر جي سينئر قيادت اها خاطري ڪرائي ته ڊاڪٽر برادري کي پيش ايندڙ سمورن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو
حقن جو تحفظ: ڪنهن به اهڙي قدم جي سخت مزاحمت ڪئي ويندي جيڪا ڊاڪٽرن جي مفادن جي خلاف هجي. گڏجاڻي ۾ ان ڳالهه تي خاص زور ڏنو ويو ته پي ايم اي ڪڏهن به پنهنجي ميمبرن جي حقن تي سمجهوتو نه ڪندي
پي ايم اي سکر هميشه پنهنجي ڊاڪٽر برادري جي سهڪار ۽ حقن جي تحفظ لاءِ تيار آهي

ڊاڪٽرس ڪميونٽي جي اتحاد ۽ ترقيءَ لاءِ پي ايم اي سکر جو هڪ ٻيو اهم قدم پي ايم اي  سکر جي وائيس پريزيڊنٽ  ڊاڪٽر شاهه محمد ...
09/07/2026

ڊاڪٽرس ڪميونٽي جي اتحاد ۽ ترقيءَ لاءِ پي ايم اي سکر جو هڪ ٻيو اهم قدم
پي ايم اي سکر جي وائيس پريزيڊنٽ ڊاڪٽر شاهه محمد مَهر جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد پيراميڊيڪل اينڊ هيلٿ ٽيڪنيشن اسڪول سکر جو دورو ڪيو. وفد ۾ جوائنٽ سيڪريٽري ڊاڪٽر پير علي ساوند، ڊاڪٽر مقصود ملاح، ڊاڪٽر ديپڪ ڪمار ۽ ٻيا معزز ڊاڪٽر شامل هئا
مبارڪباد ۽ نوان عهدا
ڊاڪٽر عبدالوهاب ٻرڙو کي پيراميڊيڪل اينڊ هيلٿ ٽيڪنيشن اسڪول سکر ۾ سينيئر ميڊيڪل آفيسر / ليڪچرر (BS-19) جو چارج سنڀالڻ تي کيس اداري وڃي گلن جو تحفو پيش ڪيو ويو ۽ مبارڪباد ڏني وئي.
پيراميڊيڪل اينڊ هيلٿ ٽيڪنيشن اسڪول سکر جي پرنسپال ڊاڪٽر ارشد قاضي صاحب کي پي ايم اي سکر جو ايگزيڪيوٽو ميمبر مقرر ڪيو ويو
سول هاسپيٽل سکر جي سول سرجن ۽ ڪنوينر اسپيشنل بورڊ ڊاڪٽر طارق حسن چاچڙ کي پڻ پي ايم اي جو ايگزيڪيوٽو ميمبر مقرر ڪيو ويو
اسان جو عزم: ڊاڪٽرن جي ڀلائي، اتحاد ۽ مضبوط ٽيم ورڪ لاءِ جدوجهد جاري رهندي

پي ايم اي  سکر جي ايگزيكيوٽو ميمبر، انسان دوست، نوجوان آرٿوپيڊڪ سرجن ۽ غلام محمد مھر ميڊيڪل ڪاليج سکر جي شعبہ آرٿوپيڊڪ ج...
02/07/2026

پي ايم اي سکر جي ايگزيكيوٽو ميمبر، انسان دوست، نوجوان آرٿوپيڊڪ سرجن ۽ غلام محمد مھر ميڊيڪل ڪاليج سکر جي شعبہ آرٿوپيڊڪ جي سربراھ ڊاڪٽر عزيز الله ڀيو جي ڀيڻ جي لاڏاڻي تي پي ايم اي سکر جي وفد سندن رهائشگاھ نيو سکر سٽي پهچي مرحومہ جي روح جي ثواب لاءِ دعا گهري
پي ايم اي سکر جي وفد ۾ وائيس پريزيڊنٽ ڊاڪٽر شاھ محمد مھر، جوائنٽ سيڪريٽري ڊاڪٽر پير علي ساوند، ايگزيكيوٽو ميمبر ڊاڪٽر عبدالوهاب ٻرڙو اي ايم ايس ۽ اسسٽنٽ پوليس سرجن جي ايم ايم سي اسپتال سکھر شريڪ ھئا
وفد پاران سوڳوار خاندان سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ويو. اسان الله تعاليٰ جي حضور دعاگو آهيون ته پاڪ پروردگار مرحومہ جا درجات بلند فرمائي، کين جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري ۽ پسماندگان کي هيءُ وڏو صدمو برداشت ڪرڻ جو صبرِ جميل عطا فرمائي. آمين
پي ايم اي سکھر

إِنَّا لِلّٰهِ وَإِنَّا إِلَيْهِ رَاجِعُونَنہايت ئي ڏک ۽ افسوس سان ٻڌايو ٿو وڃي ته پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن سکر جي ايگز...
26/06/2026

إِنَّا لِلّٰهِ وَإِنَّا إِلَيْهِ رَاجِعُونَ
نہايت ئي ڏک ۽ افسوس سان ٻڌايو ٿو وڃي ته پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن سکر جي ايگزيڪيوٽو ميمبر، مشهور آرٿوپيڊڪ سرجن ۽ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ جي ايم ايم سي اسپتال سکھر ڊاڪٽر عزيز الله ڀيو جي پياري ڀيڻ (جيڪا گذريل ڪجهه وقت کان ڪينسر جي موذي مرض سان وڙهي رهي هئي) گذريل رات فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي آهي.
مرحومه جي عمر تقريبن 58 سال هئي. سندس نمازِ جنازه ۽ تدفين اڄ ڳوٺ ڍير (ويجهو چڪ، ضلعو شڪارپور) ۾ ادا ڪئي وئي
هڪ ضروري وضاحت:
عاشورائي ڏينهن جي موقعي تي سيڪيورٽي سببن جي ڪري موبائيل نيٽ ورڪ بند هجڻ سبب ڪيترن ئي عزيزن، دوستن ۽ پي ايم اي جي ساٿين کي وقت تي اطلاع نه ڏئي سگهيا سين، جنهن لاءِ اسان معذرت خواه آهيون
پي ايم اي سکر جي پوري باڊي ۽ ميمبرن پاران ڊاڪٽر عزيز الله ڀيو ۽ سندس گهرڀاتين سان هن ڏکئي وقت ۾ دلي تعزيت جو اظهار ڪيو وڃي ٿو
اسان الله تعاليٰ جي حضور دعاگو آهيون ته مالڪ سائين مرحومه جي مغفرت فرمائي، کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري ۽ پسماندگان کي هي وڏو صدمو برداشت ڪرڻ لاءِ صبرِ جميل عطا فرمائي. (آمين)
دعا جو طلبگار
نائب صدر ۽ سڄي ڪميٽي، پي ايم اي سکر

24/06/2026

پي ايم اي سکر پاران غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج اسپتال سکر جي اکين واري شعبي جي سربراهه ڊاڪٽر عبدالحليم ميراڻي ۽ نائب پرنسپال ڊاڪٽر عبدالسميع ميراڻي تي ٿيندڙ حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي
پي ايم اي سکر جو صدر ڊاڪٽر ذوالفقار علي سومرو، نائب صدر ڊاڪٽر شاهه محمد مهر، گڏيل سيڪريٽري ڊاڪٽر پير علي ساوند ۽ ٻيا اڳواڻ ضلعي انتظاميا سکر کان پرزور مطالبو ڪن ٿا ته
ٻنهي معزز ڊاڪٽرن کي فوري طور تي سخت سيڪيورٽي (تحفظ) فراهم ڪئي وڃي

حملي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي

ڊاڪٽرن تي حملا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيا ويندا
ِ_انصاف #سکر

Address

Sukkur
65200

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when PMA Sukkur Official Information Hub posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share