03/06/2026
ماحول جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي فري وڻ ورهائڻ واري ڪيمپ ۽ ماحولياتي آگاھي سيشن
ماحولياتي آلودگي، موسمياتي تبديلي ۽ وڌندڙ گرمي پد جهڙن چئلينجن کي نظر ۾ رکندي، Climate Action Movement Sindh پاران ماحول جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي فري وڻ ورهائڻ واري ڪيمپ ۽ ماحولياتي آگاھي سيشن منعقد ڪيو ويو آهي. شھر ۽ ڀرپاسي جي سمورن ماحول دوست شهرين، نوجوانن، شاگردن، استادن، ھارين ، زميدارن مزدورن ۽ سماجي ڪارڪنن کي هن پروگرام ۾ شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي ته جيئن گڏجي وڻڪاري کي هٿي ڏئي، ماحولياتي شعور کي فروغ ڏئي ۽ هڪ سرسبز ۽ صحتمند مستقبل جي تعمير ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهون.
📅 تاريخ: 04 جون 2026
🕔 وقت: شام 5:00 وڳي
📍 هنڌ: پريس ڪلب ۽ بينڪ اسلامي واري مارڪيٽ، راڄوخاناڻي
اچو ته "هڪ ماڻهو، هڪ وڻ" مهم جو حصو بڻجي پنهنجي ڌرتي، پنهنجي ماحول ۽ ايندڙ نسلن جي بهتر مستقبل لاءِ هڪ وڻ ضرور پوکيون. 🌳