23/04/2026
ضلعي شڪارپور ۾ حفاظتي ٽيڪن جو عالمي هفتو 2026 ملهايو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ ٻارن کي ٽڪن هڻڻ جون ٽيمون اوهان جي علائقي/ ڳوٺ ۾ 24 کان 30 اپريل 2026 جي درميان اينديون. سڀني والدين کي گذارش ٿي ڪئي وڃي ته پنهنجن پيدائش کان 2 سال جي ٻارن کي مختلف بيمارين کان بچاء جا ٽڪا علائقي/ ڳوٺ ۾ آيل ٽيمن کان يا ويجهي اسپتال ۾ موجود حفاظتي ٽڪن جي مرڪز ۾ ضرور لڳرايو.
حفاظتي ٽڪن جي عالمي هفتي جو باقاعده افتتاح اڄ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس ۾ ڪيو ويو آهي.