10/09/2023
🌟نيٺ ٽيم VDA هڪ تاريخي سنگ ميل حاصل ڪري ورتو! 🌟
ڳوٺ ھيتم سوھو جي باشعور نوجوانن جن ڪجھ ڏينهن اڳ ھن وي ڊي اي جو بنياد رکيو ھيو انھن تاريخ تي ھڪ تاريخ رقم ڪئي آھي.
اسانجي ڳوٺ جي تاريخ ۾ اھو پھريون ڀيرو آھي تہ تقريبن پوري دنيا جي ملڪن جي اتحادي تنظيم United Nation جي ھڪ اھم باڊي United Nation Habitat جي پاڪستان جي Habitat Program Manager جناب جاويد علي خان پنھنجي پوري وفد سان گڏ ڳوٺ ھيتم سوھو جو دورو ڪيو جنھن جي ميزباني VDA جي ٽيم ڪئي. ان وفد سان گڏ اسانجي تعلقي نصيرآباد جو AC جناب محسن علي شيخ ۽ مختيارڪار جناب امجد علي ڪاملاڻي ۽ قمبر تعلقي جو AC جناب عمران خان سومرو ۽ ڪجھ ٻيا ضلعي جا آفيسر گڏ ھئا.
ان وفد کي صرف ڳوٺ ھيتم سوھو ۾ نہ بلڪہ ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ دوري لاءِ آڻڻ لاء عامادہ ڪرڻ ۽ ان کي وٺي اچڻ وارو ٻيو نہ بلڪي اسانجي ڳوٺ جو ھڪ نوجوان آفيسر جناب عبدالقدير سوھو (ڊپٽي ڊائريڪٽر نيوٽيڪ) ۽ ان جي ھڪ دوست جناب عبدالعزيز (ڊائريڪٽر نيوٽيڪ) آھن.
۽ جيئن سنڌ ۾ ڪنھن بہ ڪنڊ ڪڙش کان مھمان ايندا آھن تہ انھن جي آجيان جي لاء کيس سنڌ جي ثقافت جي عمده نشاني، سنڌ امڙ جو شان وارو اجرڪ پارايو ويندو آھي اھڙي طرح پوري وفد کي پڻ جناب عبدالقدير صاحب، رستم ڀٽو ۽ وي ڊي اي جي ڪجھ ميمبرن اجرڪ پارايا.
ان وفد جي اچڻ جو مقصد 2022 ۾ ايندڙ موتمار برسات ۽ ٻوڏ جي سبب کان ٿيل تباھي جو جائزو وٺڻ ھيو ۽ ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي متاثر تيل علائقن کي انفرا-اسٽڪچر مھيا ڪرڻ جي لاء سروي ۾ شامل ڪرڻ ھيو.
ان UN جي وفد جي اچڻ سان مختلف چينلن جي ميڊيا بہ پڻ پھتا، جنھن انھن کان سوالن جوابن جي مٽاسٽا ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي اُن VDA Hetam Sohoo جي سموري ٽيم کي ساراهيندي چيو تہ ساڻس ڪڏھن ڪنھن ڳوٺ ۾ ڪا اھڙي ايسوسيئيشن نہ ڏٺي آھي جيڪا ايتري چست ۽ ايتري پيماني تي ڪم ڪندڙ ھجي ۽ ڳوٺ ھيتم سوھو کي ساراهيندي چيو تہ مونکي پڪ ٿي وئي تہ مان ھن وقت واقعي ھڪ پڙھيل لکيل باشعور ڳوٺ ۾ ويٺو آھيان
انکان بعد VDA جي ٽيم، جناب عبدالقدير سوھو۽ رستم ڀٽو ان آيل UN جي وفد کي متاثر ٿيل گھرن جو دورو ڪرايو جنھن کان بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي ان اھو يقين بہ ڏياريو تہ ڳوٺ ھيتم سوھو ۾ ڪافي نقصان ٿيل آھي ۽ حيرت منجھان چيو تہ ڳوٺ جي رھواسين پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪيئن ڪنڌيون ۽ لوڙھا ڏئي پنھنجن گھرن کي محفوظ ڪيو آھي ۽ ان جي وڊيو پڻ ثبوت طور پاڻ سان گڏ کڻي ويا.
ھيتم سوھو کان بعد ان وفد MNP Drain, Zero Point, Hamal Lake ۽ ٻوڏ جي بچاءَ جو بند جو پڻ دورو ڪيو ۽ FP بند تي شھدادڪوٽ کان فريدآباد تائين روڊ ٺاھڻ جو پڻ راضپو ظاھر ڪيو جيڪو مستقبل ۾ اولھ جي طرف کان ايندڙ ٻوڏ کان بچائيندو.
۽ آخر ۾ UN جي وفد ۽ جناب عبدالقدير سموري وي ڊي اي جي ٽيم کي ڪجھ صلاحون ڏنيون ۽ انھن سان ھڪ گروپ فوٽو پڻ ڪڍرايو.