04/10/2025
با ھمت استاد محترم مرحوم شمس الدين ڀٽو
تحرير: شھاب الدين المعروف ظفر علي محمدي
(رٽائرڊ) جج
استاد محترم مرحوم شمس الدين پھرين اپريل 1949 ۾ محترم مرحوم عبد الله خان ڀٽي جي گھر ڳوٺ جمعو ڀٽو تعلقي پني عاقل ۾ اک کولي ـ
سندس خاندان ديندار ۽ شرافت جو پيڪار طور مشهور آهي ـ پاڻ ٻالڪپڻ ۾ ديني تعليم پنهنجي ڳوٺ ۽ لوڙھي جي مدرسي مان حاصل ڪئي ـ جڏهن ته پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم پنوعاقل جي اسڪولن مان حاصل ڪئي ـ
اڳتي هلي گريجوئيشن ۽ ايم اي جا امتحان ڏئي تعليم کاتي ۾ جونئير اسڪول ٽيچر ڀرٿي ٿيا ـ سندس محنت ۽ جانفشاني سبب پنهنجي محڪمي ۾ عزت ۽ شھرت ورتي ـ
اڳتي هلي ترقي ڪندي ايڇ ايس ٽي جي عھدي تي فائز رھيا ۽ سال 2002 ۾ رٽائرمينٽ ورتائون ـ سندس مزاج ھميشھ دوستانه رھيو ۽ سندس دوستيء جو حلقو به وسيع رھيو ـ پاڻ مھمان نواز ۽ سندس دسترخوان به ڪشادو رھيو ـ پاڻ بنيادي طور فروٽ جي باغ سان دلچسپي سبب انبن جي سٺين جنسن کي پنهنجي باغ ۾ لڳرائي تحفي طور انب پنهنجن دوستن ڏانهن موڪليندا رھيا ۽ ساڻ گڏ پنهنجي ڳوٺ جي اوطاق تي دوستن کي گھرائي انب پارٽيء جو انتظام ڪندا ھئا ـ
پاڻ ذھني ۽ سياسي طور تي جميعت علماء اسلام سان وابستا رھيا ـمرحوم استاد شمس الدين ڀٽو والي بال جو تمام سٺو رانديگر ھيو ۽ سنڌ ۾ ٿيندڙ آل پاڪستان والي بال ٽورنامينٽس ۾ ڪافي انعامات حاصل ڪيا ـ
کيس ھڪ فرزند ۽ ھڪ نياڻي جو اولاد ھيو ليڪن سندس اڪلوتو فرزند شرف الدين ڪجهه مھينا اڳ اوچتو ھن فاني جھان مان رحلت ڪري ويو ـ سندس موجوده خاندان جو سرواڻ محترم بدر الدين ڀٽو ڊي ايس پي سنڌ پوليس آهي جيڪو خود شھر جي معززين ۾ شمار ٿئي ٿو ـ
پاڻ 24 مئي 2009 تي ھن فاني جھان کي ڇڏي راھ رباني اختيار ڪيائين ـ الله پاڪ کان دعا آهي ته رب پاڪ آستاد مرحوم شمس الدين ۽ سندس فرزند شرف الدين کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سندس نياڻي ۽ خاندان جي حفاظت فرمائي ـ